جهلڻو

جهلڻو: غسل ڪرڻ لاءِ ٺهيل مخصوص جاءِ کي ’جهلڻو‘ چيو ويندو آهي. ٻهراڙين ۾ مرد عام طور تي ٻاهر غسل ڪندا آهن، جڏهن ته عورتون پردي ۾ غسل ڪنديون آهن، غسل لاءِ ٺهيل ’جهلڻو‘ چئن کان پنج فوٽ ويڪرو ۽ چئن کان پنج فوٽ ڊگهو هوندو آهي، جڏهن ته جهلڻو اوچائيءَ ۾ ماڻهو جي قد کان فوٽ کن مٿي هوندو آهي. جهلڻو اڪثر مٿان ڍڪيل نه هوندو آهي پر ڪي ڪي مٿان ڍڪيل به هوندا آهن. جهلڻي جي ديوار مان تَر وٽان پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ سوراخ يا پائپ لڳل هوندو آهي.


لفظ جهلڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو