راڪشس جي خيالي تصوير

راڪشس جي خيالي تصوير

راڪشس

راڪشس: راڪشس جي لغوي معنيٰ آهي ’تمام وڏي قدبت وارو هڪ اهڙو خيالي ڪردار، جيڪو ظالم ۽ وحشي هجي.‘ هڪ ڏندڪٿا موجب جڏهن ننڍي کنڊ ۾ آريا داخل ٿيا ته انهن هي نالو هتي جي قديم باشندن دراوڙن ۽ سندن گڏيل نسل جي ماڻهن کي ڏنو هو. هندي ديومالا ۾ راڪشس، اڌ ديوتائي قوت جو مالڪ سڏيو ويندو آهي. ديوتا سخاوت، بخشش، رحمدلي ۽ سچائيءَ جون صفتون رکندو آهي ۽ بديءَ کي ختم ڪندو آهي. ان جي ابتڙ راڪشس شر ۽ بديءَ جو مظاهرو ڪندو آهي ۽ ديوتائن جي ڪمن ۾ رڪاوٽ وجهندو آهي. انهن کي انسان جا دشمن ۽ بَديءَ جا طرفدار قرار ڏنو ويو آهي.
سنڌيءَ ۾ اهو لفظ ڦِري راڪاس ٿيو آهي، جيڪو سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۾ هڪ ڪردار طور موجود هوندو آهي. عام طور راڪاس معنيٰ ’تمام وڏو‘ طور استعمال ٿيندو آهي.


لفظ راڪشسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو