راوڻ

راوڻ

راوڻ

راوڻ (Ravan): راوڻ، رامائڻ جي ’وير رس ڪاويه‘ يا منظوم ڏند ڪٿائي قصي جي بنيادي ڪردارن مان هڪ آهي. ’راوڻ‘ جو لفظي مفهوم ’رلائڻ وارو‘ آهي. رامائڻ ۾ راوڻ کي دئيت ۽ راڪشس (راڪاس)، منفي عملن وارو ۽ مخالف ڪردار ظاهر ڪيو ويو آهي. هن کي راڪششن جو ڏهن سرن ۽ ويهن ٻانهن وارو بادشاهه به سڏيو ويو آهي. راوڻ لنڪا جو راجا هو، جيڪو شري رامچندر ۽ سندس ڀاءُ لڪشمڻ کان پنهنجي ڀيڻ سورپڻکا جي اپمان جو بدلو وٺڻ لاءِ شري رامچندر جي ڌرم پتني سيتا کي اغوا ڪري لنڪا کڻي ويو هو. نتيجي طور تمام وڏي جنگ لڳي هئي، جنهن ۾ رام جي هٿان سندس موت ٿيو ۽ سندس ڪيترا اڳواڻ به مارجي ويا هئا.
هڪ روايت موجب ’سورپڻکا‘ شري رام سان شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري هئي، پر رام جي انڪار تي هوءَ سيتا تي ڏمرجي پئي ۽ کيس مارڻ لاءِ تيار ٿي آئي ته لڪشمڻ سندس نڪ ڪپي ڇڏيو هو. ڀيڻ جي تذليل جي بدلي لاءِ راوڻ، سيتا کي اغوا ڪيو هو، نتيجي طور تاريخي جنگ لڳي، جنهن ۾ رام کي سوڀ حاصل ٿي.
هندن جي ڌرمي ڪتابن ۾ اهو به موجود آهي ته راوڻ تپسيا ذريعي امرتا حاصل ڪري راڪشسن جو راجا ٿيو هو، جيڪي ڌرتيءَ جي انسانن ۽ جانورن تي تشدد ڪندا هئا. نتيجي طور شري وشنو، رام جو اوتار وٺي راڪاسن جو انت آڻي ظلم جو انت آندو.
ڪن روايتن ۾ راوڻ جو مثبت ڪردار به ڏيکاريو ويو آهي، جن موجب هو قبيلائي عقيدو رکندڙ ۽ شو جو وڏو ڀڳت، قابل بادشاهه، ويڻا وڄائڻ، موسيقي ۽ راڳ جو ماهر هو. سندس وقت ۾ سموري لنڪا سون جي هئي. راوڻ جو جنم سريلنڪا ۾، موجوده هندن ندي ۽ قديم هر نديءَ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو هو. سندس پيءُ ’وشروا‘ (ويسامُني) هڪ برهمڻ، رُشي ۽ آچاريه هو، ۽ سندس ماءُ ڪيڪيسي راڪشس ڪُل مان هئي. ’سمالي‘ طاقتور راڪشس راجا هو. سندس ڌيءَ ڪيڪيسي جي شادي هڪ جوڌي ’وشروا‘ سان ٿي، جنهن مان راوڻ پيدا ٿيو، جيڪو هڪ ئي وقت برهمڻ به هو ته راڪشس يا ديئت به هو. راوڻ اڳتي هلي وڏين مشڪلاتن سان لنڪا جي حڪومت هٿ ڪئي. سندس حڪمرانيءَ جو دور 2554 ق. م کان 2517 ق. م تائين چيو وڃي ٿو.
هندن جي عقيدي موجب راوڻ جا پيروڪار راڪشس رهيا. هندستان، سريلنڪا ۽ نيپال ۾ راوڻ جي نالي سان ڪيترا مندر قائم آهن، جتي سندس پوڄا به ڪئي وڃي ٿي. هو ڏهن سرن ڪري ’دَس مکا‘، ’دس گريوا‘ (ڏهيسر) سڏيو ويو آهي.
ڪتاب ’راوڻ سنهتا‘ (Ravana Sanmta) سندس تخليق هو. هو علم حڪمت (آيور ويد) ۽ سياست جو به ماهر هو.
راوڻ جي زال منڌوتريءَ جو راوڻ سان گهڻو پيار هو، جڏهن راوڻ سيتا کي اغوا ڪري کيس اشوڪ باغ ۾ قيدي رکيو هو ته منڌوتريءَ کيس گهڻو سمجهايو ته سيتا کي شان ۽ مان سان رام کي واپس سونپي، پر راوڻ نه مڃيو.


لفظ راوڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو