پيٿالوجي

پيٿالوجي (Pathology): طب جي هڪ شاخ، جنهن ۾ جسم جي ٽشوز وغيره جو جائزو وٺي بيماريءَ جي نوعيت ڏٺي ويندي آهي. پيٿالوجيءَ جا ٻه وڏا شعبا اناٽومي ۽ ڪلينڪل پيٿالوجي آهن، ايناٽاميءَ سان لاڳاپيل پيٿالوجيءَ ۾ سرجري بائيوپسي دوران مريض جي جسم مان ورتل ٽشوز جو جائزو ورتو ويندو آهي، جڏهن ته ڪلينڪل پيٿالوجيءَ ۾ رت، هڏين جي گودن ۽ پيشاب ۾ موجود ڪيميڪلن ۽ گهرڙن جي بنياد تي بيماريءَ جي سڃاڻپ ۾ مدد ڏني ويندي آهي. ويهين صديءَ دوران حياتياتي ڪيميا ۽ بيٽابولزم جو علم گهڻو وسيع ٿيڻ تي ڪيترين ئي ليبارٽرين مان ٽيسٽون ڪرايون وينديون آهن ته جيئن نارمل ۽ بيمارين جي حالتن ۾ فرق ڪري سگهجي، مثال طور: مشين ذريعي رت جي سوڊيم، پوٽاشيم، يوريا ۽ گلوڪوز جي پيمائش ڪئي ويندي آهي.


لفظ پيٿالوجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو