ريجو

ريجو

ريجو

ريجو: ريجو هڪ اوزار آهي، جيڪو سون يا چانديءَ جي شيخ ٺاهڻ جي ڪم اچي ٿو. هي مضبوط ڌات مان ٺهيل اوزار هوندو آهي، جنهن ۾ چار خانا ٿين ٿا. سون يا چانديءَ کي ڳاري ريجي ۾ لاهڻ سان شِيخ يا ڏنگيءَ جي صورت وٺي ٿو. ريجي ۾ ڳريل ڌات ساڻيءَ وسيلي کڻي ريجي ۾ لاهڻ کان اڳ انهيءَ ۾ مٺو تيل وڌو ويندو آهي. سونارا جيڪڏهن ريجي ۾ تيل نه وجهن ته لوهه انهيءَ ڳريل ڌات سان گڏجي ويندو، ان ڪري ان کي ڌاتن کان بچائڻ لاءِ تيل وجهڻ ضروري آهي. ريجي ۾ ٺهيل ڏنگيءَ کي ڪاريگر ڪُٽي سٽي، اُن مان زيور ٺاهيندا آهن. جڏهن ريجو وجود ۾ نه آيو هو، تڏهن سونارا ڏنگي ٺاهڻ لاءِ ’ڇاٻولي‘ ڪم آڻيندا هئا. مڇي مارڻ لاءِ ٻار پوتيءَ جي پلاند جي جيڪا ڇاٻولي ٺاهيندا آهن، ان کي ڏسي سونارن سون ڳارڻ جو طريقو ايجاد ڪيو. سونارا سون ڳارڻ لاءِ ڇاٻوليءَ ۾ آلي مٽي وجهندا هئا، ٻه ڄڻا آلي مٽيءَ وڌل ڇاٻوليءَ کي جهلي بيهندا هئا ۽ ڳريل سون يا چاندي انهيءَ ڇاٻوليءَ ۾ لاٿو ويندو هو، جيئن ته ڇاٻوليءَ جي وچ ۾ ڏنگي ٺهي پوندي هئي ۽ اهو ڪم گهڻو محنت طلب هو، انهيءَ ڪري پوءِ ’ريجو‘ ٺاهيو ويو، جنهنڪري ڏنگي ٺاهڻ لاءِ گهڻن ماڻهن جي ضرورت نه پوندي آهي ۽ هڪ ڄڻو ڏنگي ٺاهي ٿو سگھي.


لفظ ريجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو