ڏاٽو

ڏاٽو

ڏاٽو

ڏاٽو: زراعت ۾ ڪم ايندڙ اوزار، جيڪو هارين کي ساريون، ڪڻڪ، ٻاجھري، لوسڻ، ڪمند ۽ ٻين فصلن توڙي گاهن لڻڻ وقت ڪم ايندو آهي. هيءُ تمام پراڻو اوزار آهي، جنهن جي مدد سان هارين کي لاباري ۾ ڪافي آساني ٿيندي آهي، ڏاٽو ٻن حصن تي مشتمل هوندو آهي، هن جو هڪ حصو لوهه جو ۽ ٻيو ڪاٺ جو ٿيندو آهي. لوهه واري حصي کي ’ڦر‘ چون، جنهن ۾ سنها ڏندا ٿين ٿا، جيڪي فصل کي ڪپيندا آهن. ڏاٽي جو ٻيو حصو ڪاٺ جو ٿئي، جنهن ۾ لوهه وارو حصو مضبوطي سان ڦٻايل هوندو آهي. هن ڪاٺ واري حصي کي ’مٺيو‘ يا ’هٿيو‘ چون، جيڪو هٿ ۾ جھلڻ جي ڪم ايندو آهي. ڏاٽي جو ڦر اٺن انچن کان ڏهن انچن تي مشتمل هوندو آهي، جيڪو ٿورو وڪڙ ۾ پهرين تاريخن جي چنڊ وانگر هوندو آهي. لوهار لوهه کي گرم ڪري ڪٽي ڏاٽو تيار ڪندا آهن. سنڌ ۾ ڏاٽي جو استعمال عام جام آهي، جيتوڻيڪ هاڻي مشينون لاباري جو ڪم ڏئي رهيون آهن، جنهن سبب ڏاٽي جو استعمال گهڻي قدر گھٽجي چڪو آهي.
ڏاٽو ڪجهه مڙيل ۽ نئين اڀريل چنڊ نما هوندو آهي. ڏاٽي جو ذڪر شاعرن شاعريءَ ۾ به ڪيو آهي. شيخ اياز چيو آهي ته:
سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي اُڀا،
لکين عيد جا چنڊ اڀري پون.


لفظ ڏاٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو