ريشمان

ريشمان

ريشمان

ريشمان (لوڪ فنڪاره): پاڪستان جي مشهور لوڪ فنڪاره ريشمان جو جنم 1948ع ڌاري راجستان جي ’پيکواز‘ خانه بدوش قبيلي ۾ ٿيو، جيڪي پوءِ لڏي اچي پاڪستان ۾ رهيا. سندس تعلق پنجاب جي سرائيڪي پٽيءَ سان آهي. هن جو شمار موجوده وقت ۾ پاڪستان جي مشهور لوڪ فنڪارائن ۾ ٿئي ٿو. سندس والدين راجستان جا غير مسلم هئا، جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿيا، ريشمان جو والد مال جو واپاري هو. ريشمان کي ننڍپڻ کان وٺي راڳ ۾ دلچسپي هئي. مقامي لوڪ گيت پئي ڳائيندي هئي. هن ڪنهن استاد کان راڳ جي سکيا نه ورتي. سندس سريلو ۽ سوز ڀريو آواز کيس قدرت طرفان ڏات جي صورت ۾ مليل هو، جنهن کي هن پنهنجي شوق جي آڌار تي وڌيڪ پرڪشش ۽ سگھارو بڻايو. ننڍپڻ ۾ ئي مختلف درگاهن تي ٿيندڙ ميلن ۾ ’لوٽي واري فقيرياڻي‘ بڻجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي رهي. جنهن بعد پاڪستان جي نامور موسيقار سليم گيلانيءَ کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو، جنهن کان پوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ ترقي ماڻيندي 1960ع ڌاري پهريون ڀيرو ٽيليويزن وسيلي عوام آڏو آئي. هن هندستان توڙي پاڪستان جي فلمن لاءِ ڪيترائي گيت رڪارڊ ڪرايا آهن، سندس ڳايل هڪ گيت ’لمبي جدائي‘ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. سندس ڳايل اڪثر گيت پنجابي ۽ سرائيڪي ۾ آهن، جيڪي ماڻهن ۾ ڏاڍا پسند ڪيا وڃن ٿا. ريشمان پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ به پنهنجي آواز جي سحر ۽ فن سبب مقبوليت ماڻي چڪي آهي. سندس شادي پنهنجي ئي قبيلي جي هڪ نوجوان سان ٿي، جنهن مان کيس چئن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. ريشمان هن وقت ناچاڪائيءَ جي حالت ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ لاهور ۾ رهائش پذير آهي، کيس حڪومت پاڪستان سندس فني خدمتن جي اعتراف ۾ ’تمغه حسن ڪارڪردگيءَ‘ جو تمغو ڏنو آهي ۽ ٻيا به ڪيترا سرڪاري توڙي غير سرڪاري اوارڊ ماڻي چڪي آهي. اڄڪلهه شديد بيمار هئڻ سبب ڳائڻ ڇڏي ڏنو اٿس، جڏهن ته سندس شاگردياڻي نصيبو لال سندس روايت کي برقرار رکندي، سندس ئي انداز ۾ ڳائيندي، لوڪ توڙي پلي بئڪ سنگر طور پوري ملڪ ۾ شهرت ماڻي چڪي آهي. نوٽ: مشهور لوڪ فنڪاره ريشمان 03 نومبر 2013 تي وفات ڪئي.


لفظ ريشمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2013.11.03  عيسوي

مشهور لوڪ فنڪاره ريشمان 03 نومبر 2013 تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد احمد شاهه
بشير احمد سولنگي
اڪرم علي ملاح
استاد ارباب علي کوسو
شازيه خشڪ
عابده پروين
سجاد يوسف
ڊگامبر وشنو پولاسڪر
دين محمد خان استاد
خاصخيلي محمد ابراهيم
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون