زامر

زامر

زامر

زامر: ’زامر‘ ٻوٽيءَ کي اردو ۾ فريڊ بوٽي، انگريزيءَ ۾ Villous Cocculus ۽ لاطينيءَ ۾ (Cocculus Villosus) چيو ويندو آهي. هيءَ ول سنهن وارن سان ڍڪيل هوندي آهي، هن جا پن ۽ گل ساوا ٿين ٿا. هيءَ گھڻو ڪري جابلو علائقن، ڪوهستان ۽ پختون خواهه جي علائقن ڪرڪ ۽ ڪوهاٽ ۾ ٿئي ٿي. هيءَ ول وڏن وڻن جھڙوڪ ڪنڊي ۽ ٻٻر کي ويڙهي مٿان چڙهندي آهي. هن ول جي پنن ۽ ميوي جي رس ملائي واڱڻائي رنگ جي مس ٺاهي ويندي آهي. حڪيم هن ٻوٽيءَ جي پاڙن ۽ پنن مان عرق ڪڍي مٿي جي سور جو علاج ڪن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو