سراڌيا

سراڌيا (ٻوٽو): هي ٻوٽو سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ٿئي ٿو. هن ٻوٽي جو قد 10 انچن تائين ڊگهو ٿئي ٿو. هي سخت زمين ۾ ٿيندو آهي. ڏانڊي ۽ ٽارين ۾ انچ ڏيڍ جي وٿي تي نرم ٻري وارا گول ٽونئر ٿيندا اٿس. ٽونئرن وٽان پن نڪرندا آهن. هن ٻوٽي جا پن ننڍا، سنها ۽ چهنبدار ٿيندا آهن.
هندو ڌرم وارا پنهنجي مري ويل مائٽن جا سراڌ (آتما کي ثواب پهچائڻ لاءِ دان، پُڃ، پوڄا ۽ خيرات جي ماني) ڪرڻ وقت هن ٻوٽي جي ٽارين کي ٿالهه/ ٿالهيءَ ۾ وجهي، چانور ۽ مٺا طعام رکي، گهرن جي ڇتين تي رکندا آهن، جڏهن ڪانوَ اُن کي کائيندا تنهن کانپوءِ مهمانن کي سراڌ/ ماني کارائڻ شروع ڪندا آهن. هن ٻوٽي تي سراڌ لاءِ ڪتب آڻڻ ڪري مٿس سراڌيا نالو پيو آهي. هن ٻوٽي کي چوپايو مال کائي ٿو، جنهن ۾ اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون شامل آهن.


لفظ سراڌياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو