سرمست-4

سرمست-4

سرمست-4

سرمست-4: سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور جي ڇپايل ’سرمست‘ جي چوٿين ڪڙيءَ جو به مرتب تنوير عباسي آهي. گذريل ادبي ڪانفرنس جي تصويرن ۽ مرتب جي نوٽ کانپوءِ شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر عطا محمد حامي، فتاح ملڪ، هدايت بلوچ، اميد خيرپوري، مقصود گل، نظام زائر، قاضي نذير احمد اثر، مير صوبدار سعيد، اقبال شيني ۽ عبدالعزيز ڳاهي جي شاعري ڏني وئي آهي ۽ ان بعد هيٺين مقالانگارن جا مقالا شامل آهن:
(1) ڊاڪٽر سيد معصوم علي ترمذي (صدارتي خطاب)، (2) ڊاڪٽر غلام علي الانا (علم اللسان ۽ سچل جو ڪلام)، (3) غلام رباني (سچل جي حضور ۾)، (4) حميد سنڌي (مون لڀان تو سان)، (5) رشيد ڀٽي (سچل سارو سچ)، (6) ڊاڪٽر نواز علي شوق (سچل جي شاعري، تاريخ جي روشنيءَ ۾)، (7) پروفيسر غلام احمد بروي (حضرت حافظ عبدالوهاب سچل سرمست)، (8) محمد علي حداد (سچل جي سسئي، عزم ۽ همت جي علامت)، (9) مختيار ملڪ (سچل سونهن ۽ ورونهن جو شاعر) ۽ (10) مولوي عبداللطيف قادري (شريعت ۽ طريقت جو مبلغ).
آخر ۾ محمد علي حداد جي ترتيب ڏنل ’سچل سرمست تي ببليوگرافي (واڌارو سن 1983ع تائين) شامل ڪيو ويو آهي. 126 صفحن جو هي ڊيمي سائيز جو ڪتابي سلسلو، 1984ع ۾ ڇپيو ۽ ان جي قيمت 15 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو