سرود

سرود

سرود

سرود (ساز): هي رباب جي شڪل جو ساز آهي، جيڪو اسان جي خطي ۾ ٻه اڍائي سوَ ورهين اڳ ايران کان آيو. سندس آواز رباب کان ڪجهه ٿلهو آهي. آوازي ڪوٺي کان ڏانڊيءَ تائين يڪو ڪاٺ جو ٺهيل آهي. آوازي ڪوٺي گهڻو ڪيا ۽ ڪاٺ کي کرڙي يا کوٽي، ان جي مٿان ٻڪريءَ جي ڪمايل کل چڙهيل هوندي ۽ اتان کان مخروطي شڪل ۾ ڏنڊي ٿئي، ان ڏنڊيءَ ۾ پاسن کان ۽ آخر۾ ڳٽيون (Frets) ٿينديون. ڳٽيون انچ ٻن جي ڪاٺ جون ٺهيل ڪاٺيون آهن، جن ٽارون ٻڌبيون آهن اهي اهڙي نموني پيٺل هونديون آهن جو انهن سودي پوري سگهبو آهي. هي مضراب سان وڄندڙ ساز آهي. تارن کي آوازي ڪوٺي مٿان چڙهيل کَلَ کان مٿي رکڻ لاءِ، ته جيئن ڀڻڪار ۾ رخنو نه پوي. هيٺان ٺڪري يا ڪاٺ جي چوڪور ’مڪڙي‘ ڏيندا آهن. هن کي ڪڇ ۾ رکي وڄائبو آهي. هڪ هٿ سان مضراب هڻبو آهي ۽ ٻئي هٿ سان تارن مان گهربل سُر وٺبو آهي. هتي سنڌ ۾ هن ساز کي گهٽ ٿو وڄايو وڃي. هن جي وڄائڻ وارن ۾ امجد علي خان ۽ علي اڪبر خان گهڻو مشهور ٿيا. هن ۾ ڪيئي تارون ٿين، جن مان ڪن کي ’آس‘ ڪن کي باج باقي ٻيون ’مشارڪ‘ سڏجن. ملائڻ جو طريقو مختلف تاري سازن وانگر هوندو آهي. هن جو مضراب ناريل جي کوپي مان ٺهيل هوندو آهي. هتي سنڌ ۾ هن ساز کي گهٽ ٿو وڄايو وڃي. سرود کي وڄائڻ وارن ۾ امجد علي خان ۽ علي اڪبر خان گهڻو مشهور ٿيا.


لفظ سرودھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو