سرکنڊ

سرکنڊ: سرکنڊ، صندل جو هڪ قسم آهي. هي هيڊي رنگ جي خوشبودار ڪاٺي آهي، جيڪا دل ۽ دماغ کي تسڪين ڏئي ٿي. حڪيمن چواڻي سرکنڊ، گلاب جي پاڻيءَ ۾ گھوٽي پيارڻ سان صفراوي ۽ گرم تپن، الٽين ۽ دستن کي روڪي ٿو. خفقان، ماليخوليا ۽ قلب جي گرمي لاءِ مفيد آهي. ان کان سواءِ اکين جي بيمارين ۾ به ڪارائتو آهي.


لفظ سرکنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو