شِو1

شِو1

شو1

شِو1: شِوَ کي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيبي اوسر واري دور جو قديم ديوتا ليکيو وڃي ٿو. ماهرن ۽ محققن جي راءِ موجب هي ديوتا قديم دراوڙ لوڪن مان هو، جنهنڪري هن دراوڙي ديوتا جا پهريان پيروڪار دراوڙ ئي هئا. هن ديوتا جو موجوده نالو ‘شِوَ’ رگويد واري زماني کان گھڻو پوءِ جو آهي. جيئن ته شِوَ لفظ رگويد ۾ ڪٿي به آيل ناهي، ان لحاظ کان هن ديوتا کي قديم زماني ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويندو هو. اهي نالا شِوَ ديوتا جي اڳوڻين وصفن، روپن ۽ خاصيتن ڪري پڻ ڀانئجن ٿا. انهن قديم نالن ۾ شِوَ جا مکيه نالا ‘پشوپتي’ ۽ ‘ردرا’ چيا وڃن ٿا، جن جو ذڪر رگ ويد ۾ پڻ ملي ٿو. قديم سنڌو سڀيتا جي ڌرم سان پشوپتي ۽ رُدر جي تعلق تي آسڪو پارپولا کان سواءِ ڪيترن عالمن پنهنجا رايا ڏنا آهن ۽ سنڌو مهرن تي اڪريل شڪلين سان ان جو لاڳاپو پڻ ڏيکاريو آهي، جنهن سان ٻين عالمن کي اختلاف پڻ آهي. آرين جي آمد کانپوءِ، آرين هن ديوتا کي پنهنجي ديوتائن جي دفعي ۾ داخل ڪندي مٿس ڪيترائي نالا ڏنا آهن، انهن مان هن وقت موجوده ۽ مستقل نالو ’ شِوَ‘ آهي. شِوَ دراصل سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى ’ڀلارو‘ يا ’مبارڪ‘ ٻڌائي وڃي ٿي. ان کان سواءِ هن لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون، جهڙوڪ: مهربان، نيڪدل، شفيق ۽ مسرور ڄاڻايل آهن. شِوَ کي هندو ڌرم جي اهم ترين ۽ مشهور ديوتائن جي تثليث (برهما، وشنو ۽ مهيش يعني شِوَ) يا ٽمورتيءَ جو اهم ۽ مکيه ديوتا تصور ڪيو وڃي ٿو. هندو ڌرم جي بنيادي فلسفي سناتن ۾ انهن ٽنهي ديوتائن کي اعلى ۽ عظيم ديوتائن جي لحاظ کان وڏي اهميت حاصل آهي، جن مان وشنو ۽ شِوَ سان عقيدت رکندڙن جا ٻه اهم ۽ وڏا فرقا (پنٿ) وشنو پرست ۽ شو پرست آهن، جن جا عقيدي جي لحاظ کان هڪ ٻئي سان ٿورا گھڻا اختلاف پڻ ڏسجن ٿا.
شِوَ ديوتا جي پيدائش بابت رگ ويد ۽ مختلف ڌرمي ڪتابن ۾ ڪيتريون ئي روايتون آيل آهن، انهن مان هڪ روايت موجب ڪائنات، (شِوَ جو) پيءُ ۽ صبح صادق جي ديوي اشا (Usha, Ushas) ان جي (شِوَ جي) ماءُ آهي. هن روايت موجب شِوَ جو جنم مخلوق جي مالڪ ’پرجا پتي‘ ۽ سندس زال اشا مان ٿيو. ٻار جي جنم کانپوءِ هو روئڻ لڳو، جنهن تي پرجاپتيءَ ٻار کان روئڻ جو سبب پڇيو، ” اي ٻالڪ، تون روئين ڇو ٿو؟ تو ته وڏي تڪليف بعد جنم ورتو آهي.“ ان ٻالڪ وراڻيس ته ”نه منهنجي برائي ختم ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي مون تي ڪو نالو رکيو ويو آهي. ان ڪري روئان ٿو، منهنجو نالو رک.“ ان تي پرجا پتيءَ چيو ته ”تون رُدر آهين.“ ٻي روايت موجب شِوَ کي برهما ۽ وشنوءَ جو پٽ به چيو ويندو آهي. ان کان علاوه هڪ اها به روايت آهي ته برهما، وشنو ۽ شِوَ ٽئي هڪ ابدي هستي مان ان وقت پيدا ٿيا، جڏهن دنيا ۾ اڃا ڪجھه به نه هو. ‘وشنو پُراڻ’ موجب هڪ ٻار پيدا ٿي روئڻ لڳو، ان تي پرم يوني ان ٻار جو نالو ’ردرا‘ رکيو ۽ کيس چيائين ته ’رؤ نه‘، اهڙيءَ طرح برهما به ان ٻالڪ تي نالا رکيا. جهڙوڪ: ڀو، شو، مهاديو، ڀيم اشان، پشوءَ پت، پسُوپتي ۽ اگر. سنسڪرت ۾ ردرا لفظ جي معنى ’روئڻ وارو‘ يا ’گونجاڙيون ڪندڙ‘ آهي ۽ ردرا جو تعلق طوفان جي ديوتا طور ڳنڍيو ويو آهي. ڪن روايتن موجب ردرا جي اگني ديوتا سان منسلڪ ٿيڻ واري حيثيت ۾ اوشا کي سندس زال ڏيکاريو ويو آهي.
شِوَ جي بنيادي خصوصيتن ۽ پيدا ڪندڙ جي حيثيت سان کيس تباهي آڻيندڙ، تباهه ڪُن ۽ وري نئين سر تخليق ڪندڙ طور ڏيکاريو ويو آهي. هندو ڌرم جي عقيدي مطابق شِوَ کي انتهائي طاقتور ڀڳوان جي حيثيت حاصل آهي.
شِوَ جا معتقد ۽ پيروڪار شوتي يا شيوا جي نالي سان سڏجن ٿا. عام طور تي کيس ’ردرا‘ چيو وڃي ٿو ۽ عموماً سندس پوڄا اڀي ۽ عمودي طريقي جي ٺهيل پٿر سان ڪئي وڃي ٿي، جنهن کي ‘لنگ’ چيو وڃي ٿو. شِوَ کي سڀ ڪجھه ڄاڻيندڙ وڏي عليم يوگي طور به ظاهر ڪيو ويندو آهي. هن کي هماليه جبل جي سلسلي ڪيلاش پربت تي ’تپسيا‘ يعني رياضت ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جتي هو پنهنجي زال پاروتي ۽ ٻن پٽن گڻيش ۽ ڪارتيڪيه سان رهي ٿو. شِوَ کي هڪ طرف بهترين، ڀلي ديوتا يا هڏ ڏوکي ۽ ڀلائي ڪندڙ ديوتا طور ڏيکاريو ويو آهي ته ٻئي طرف ان کي خوفناڪ ۽ ڀيانڪ پڻ ٻڌايو وڃي ٿو. سندس تصوير يا مورتيءَ ۾ کيس گهري سوچ ۾ استغراق يا يوگ واري حالت ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ان کان علاوه هو ڪائنات جو وڏي کان وڏو رقص ڪندڙ آهي.
شو پرستن شو جي بنيادي ڪردارن کي ڪيترائي صفاتي نالا ڏنا آهن، مثال طور: مهاديو يعني عظيم ڀڳوان، مهيشورا يعني عظيم حاڪم ۽ پرميشورا يعني تمام اعلى ۽ مٿانهون آقا وغيره.
شِوَ جي عبادت هندو ڌرم جي سڀني فرقن ۽ طبقن ۾ ڪئي وڃي ٿي. هن وقت شِوَ جي پوڄا هندستان کان سواءِ نيپال ۽ سريلنڪا ۾ وڏي اڪثريت سان ڪئي وڃي ٿي ۽ جن جن ملڪن ۾ هندو رهن ٿا، اتي شو جي پوڄا ٿيندي آهي. ڪجھه مؤرخن جو خيال آهي ته موجوده وقت ۾ جيڪا شِو جي مورتي مڃي وڃي ٿي، سا قديم وقت ۾ مختلف علائقن جي ماڻهن جي خيالي بناوت سبب مجسم ڪئي وئي آهي.
اهو واحد قديم ديوتا آهي، جنهن کي آرين هڪ ڀيرو ٻيهر قديم ديوتائي خصوصيت ڪري پنهنجي پوڄا ۾ شامل ڪيو هو. ان سان گڏوگڏ هي هندن جو واحد ديوتا آهي، جنهن جي پوڄا اتر کان ڏکڻ سموري هندستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٿئي ٿي. شِوَ حقيقت ۾ آريائي ديوتا نه آهي، بلڪه هي اڻ آريائي يعني دراوڙي ديوتا آهي. ويدڪ زماني ۾ آرين اصل تباهي ڪندڙ ديوتا ‘ردرا’ جي هيئت کي ايترو ته تبديل ڪيو، جو هو قديم صفاتي معنى وڃائي ويهي رهيو. هاڻي موجوده وقت ۾ هو نهايت ئي شفيق ۽ مهربان ديوتا جي معنى ۾ استعمال ٿئي ٿو. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جا ڪيترائي ليکڪ محقق ۽ مؤرخ هن ڳالهه تي اتفاق ڪن ٿا ته شِوَ ديوتا زرخيزي ڪائنات جي سڀني وسيلن جو مؤجد ۽ زندگيءَ جي تخليقڪار طور مڃيو ويندو هو.
شِوَ ديوتا جو تصور ۽ ان جي پوڄا جو عروج خوشحاليءَ واري دور ۾ هڙاپا جي ثقافت سان منسلڪ ڪيو ويو آهي ۽ هڙاپا جو نالو به شِوَ ديوتا جي هڪ نالي سان منسوب ڪيل ڀانئجي ٿو. مثال طور: ’هرا‘ يعني شِوَ ۽ ’اپا‘ يعني پيءُ يعني مالڪ، ڌڻي، ابو، شِوَ (Father Shiva) ٿئي ٿي. ان جو مطلب اهو ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ ۾ شِوَ جي پوڄا قديم وقت ۾ ئي اوج تي هئي ۽ اهو پڻ گمان آهي ته شِوَ دراوڙن جو ئي ڪو وڏو ڏاڏو، جنگجو، جوڌو يا پهلوان ۽ بادشاهه هو. اهڙيءَ طرح هن تهذيب جي مختلف ماڳن ۾ ڪجھه مهرون به لڌيون ويون آهن، جن تي شِوَ جي هڪ قديم روپ يا ڪردار جي تصوير اڪريل آهي. ان کان علاوه ڪجھه ‘شو لنگ’ مليا آهن.
شِوَ بابت مليل سمورا اهڃاڻ ۽ علامتون نهايت ئي دلچسپيءَ جو مواد آهن، جن جي بنياد تي محققن هڙاپا تهذيب جي نالي تي صحيح تحقيقات ڪئي. جيتوڻيڪ شِوَ جو تعلق قديم دراوڙي دور سان آهي، پر آرين جي اچڻ کانپوءِ مذهبي لحاظ کان ڪيترائي سڌارا ۽ واڌارا ڪيا ويا، جنهن سان هڪ ڳالهه اها به واضح ٿئي ٿي ته شِوَ ديوتا آرين ۽ اڻ آرين جي وچ ۾ اتحاد جي ڪڙي ثابت ٿئي ٿو. گھڻو وقت گذرڻ کانپوءِ به ماڻهو شِوَ ديوتا بابت مذهبي ڪتاب، ڄاڻ ۽ تصورات سانڍيندا آيا آهن ۽ ان جي عبادت ڪندا آيا آهن. وشنو پرستيءَ وانگر شِوَ پرستي به هندستاني ثقافت جو اهم حصو آهي.
شِوَ جا قديم زماني کان ملندڙ تصور ۽ پوڄا جا طريقا هيٺ ڏجن ٿا:
(1) پشوپتي/ پسوپتي: موهن جي دڙي ۾ کوٽائيءَ مان هڪ مهر دريافت ڪئي وئي آهي، جنهن کي شو جي ابتدائي تصور جي لحاظ کان ۽ پڻ کيس ‘پشوپتيءَ’ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي تصوير انسان جي ابتدائي پيدا ٿيڻ واري عمل کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن جي بنياد تي انهن قديم ماڻهن کيس عظيم ديوتا ۽ تخليقڪار جي نالي سان سڃاتو هو. هن مهر تي اڪريل تصوير مطابق شو ڌيان/ يوگا جي حالت ۾ ويٺل آهي ۽ سندس چوڌاري جانور آهن. (وڌيڪ ڏسو: پسوپتي/پشوپتي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون)
(2) رُدرا: شو جو هي تصور رگ ويد ۾ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ شو کي ڪيترن ئي مختلف ڪردارن ۽ خاصيتن سان ظاهر ڪري، کيس عظيم ديوتا ڪوٺيو ويو آهي. رگ ويد ۾ ردرا واحد ديوتا آهي، جنهن منجھان ڪيترائي ديوتا پيدا ٿيا، جن کي رُدر جا پٽ ۽ ردرا سڏيو ويو آهي. جن مان اگني ديوتا، اِندر ديوتا ۽ متر ديوتا اهم آهن. ويدن ۾ شِوَ کي مکيه ديوتا ماروت به چيو ويو آهي، جنهن منجھان به ڪيترائي ديوتا پيدا ٿيا، جن کي ماروت سڏيو اٿن. انهن جملي شِوَ جي مختلف ڪردارن کي ڪيترن ئي الڳ الڳ ڪم ڪارن جو سر انجام ڏيندڙ چيو اٿن، جيڪي پنهنجي پنهنجي هٿيارن هلائڻ جا ماهر آهن. (وڌيڪ ڏسو: ردرا، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ڇهون)
(3) اگني: ويدڪ ادب ۾ ردرا شِوَ ۽ اگني ديوتا جو پاڻ ۾ گهرو تعلق ڏيکاريو ويو آهي. ردرا جو اهو قديم تسلسل آهي، جنهن بعد هو شِوَ جي مستقل ڪردار ۾ ظاهر ٿيو. ويدن ۾ آيل ’نيروڪتا‘ نالي ماخذ ۾ ردرا کي اگنيءَ سان ملايو ويو آهي، ان مطابق اگني ديوتا کي به ردرا سڏيو اٿن. شِوَ سان منسوب ڏند ڪٿائن ۾ کيس باهه تي رقص ڪندي به ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ڪري کيس تباهي آڻيندڙ جي علامت به سمجھيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ويدن ۾ ’سيڻسي پنجارا‘ يعني سنهري ۽ ڳاڙهي رنگ جي ٻرندڙ شعلي جهڙو ديوتا ’تواسمتي‘ يعني اڇي رنگ جي باهه جهڙو به ٻڌايو وڃي ٿو. اگني ديوتا کي شِوَ ديوتا جو ڍڳو به چيو ويندو آهي، جيڪا شو جي سواري آهي ۽ ان ڍڳي کي ’نندي‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. اگنيءَ کان علاوه شِوَ جو هڪ ٻيو روپ ’ڀيرو‘ به آهي، اگني ۽ ڀيرو ٻنهي جي وارن کي ٻرندڙ شعلن سان تشبيهه ڏني وئي آهي.
(4) اِندر: ويدڪ ۽ پراڻ جي فلسفي موجب شِو ۽ اِندر ديوتا کي به هڪ سمجھيو وڃي ٿو، پر گھڻو پوءِ اندر ديوتا جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ٿي، ويدن ۾ ڪٿي ڪٿي شِوَ کي اِندر ديوتا جو به تسلسل ڄاڻايو وڃي ٿو. ٻنهي ۾ ڪيتريون ئي هڪ جهڙيون خاصيتون بيان ڪيون ويون آهن. مثال طور: اهي ’سوم رس‘ (هڪ خاص قسم جو مشروب) پيئڻ جا تمام گھڻا شوقين آهن. ٻئي جبلن، ندين ۾ رهن ٿا، ان کان علاوه اهي زرخيزيءَ جي علامت، بي ڊپا، بهادر، ويڙهاڪ ۽ ڪڏهن مذهبي اصولن جي ڀڃڪڙي به ڪندڙ آهن.
(5) نٽ راڄ: ‘شوا ساهسرڻم’ ڪتاب موجب شِوَ آفاقي رقاص آهي. موسيقي، ناچ ۽ نرتيه سان شوق رکندڙ شِوَ جي هن روپ کي ‘نٽ راڄ’ چيو وڃي ٿو. نٽ راڄ جي حوالي سان متعارف ڪرايل ڪيترائي رقص اڄ به هندستان ۾ مروج آهن، انهن قسمن مان گھڻا تامل ناڊو ۾ ڪيا وڃن ٿا. انهن قسمن کان سواءِ نٽ راڄ جي خصوصيت کي ظاهر ڪندڙ ٻه اهم ناچ ’ٽانڊو‘ ۽ ’ڪال- مها ڪال‘ آهن، جن بابت تصور ڪيو وڃي ٿو ته شِوَ جڏهن ڪاوڙ يا ڪروڌ ۾ اچي هيءُ ناچ ڪندو آهي ته ڪائنات يا دنيا تباهه ٿي ويندي آهي. هي هڪ مرداڻي ناچ جو انتهائي ڏکيو قسم پڻ آهي، اهڙيءَ طرح ’لاسيا‘، ’پاروتي‘ سان منسوب ڪيل عورتاڻي ناچ جو انتهائي دلڪش ۽ حسين قسم آهي. ’لاسيا‘ کي به ’ٽانڊو‘ ناچ جو عورتاڻو حصو چيو وڃي ٿو. شِوَ ۽ پاروتي جڏهن به ٽاندو-لاسيا ناچ ڪندا آهن ته ان مان دنيا جي تباهيءَ جو تصور ورتو ويندو آهي.
(6) دکسڻا مورتي: هن کي به شو جو هڪ روپ چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ شو کي هڪ عظيم درجي جو استاد ۽ عالم ڪري ڏيکاريو ويو آهي. هن روپ ۾ شو يوگا، موسيقي، اشتياق علم و عقل ۽ شاسترين جي تعليم ڏئي ٿو. هن قسم جي تصور کي تامل ناڊو جي ڪيترن ئي علائقن ۾ مجسم ڪري پوڄيو وڃي ٿو. هن مورتيءَ ۾ شِوَ هڪ اسڪالر طور هرڻ جي کل تي ويٺل آهي، جنهن جي چؤڌاري ڪيترائي رشي آهن، جيڪي هن کان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
(7) ارڌانيشور: شو جو هي روپ شو ۽ پاروتيءَ جي اڌ جسم سان ٺهيل آهي، جنهن ۾ اڌ جسم عورت ۽ اڌ جسم مرد جو ڏيکاريو وڃي ٿو، جنهن ۾ شو اڌ مرد جهڙو ۽ اڌ عورت جهڙو آهي. محققن جو خيال آهي ته شو ديوتا پنهنجو اڌ جسم پنهنجي زال ۽ شڪتي پاروتيءَ کي ڏنو هو، هن روپ کي ديوي (goddees) پاروتي جو ’سگھڻ سروپ‘ چيو وڃي ٿو ۽ هن روپ ۾ ديوي پاروتيءَ جو نالو ’آدي پراشڪي‘ ٻڌايو ويو آهي. هن روپ کي شو ۽ پاروتي جي پيار جي علامت به سمجھيو ويندو آهي.
(8) ترپورڻتڪا: شِوَ جو هي روپ ويڙهاڪ ۽ جنگجو ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ هن ’ترپورا‘ جي راڪشن جو انت آندو هو. جنهن بعد شِوَ جي هن روپ کي ’ترپورڻتڪا‘ جي نالي سان سڏجي ٿو، جنهن جي معنى ’ترپورا‘ جو خاتمو ڪندڙ آهي. هن روپ ۾ شو کي هٿيارن سان ليس به ظاهر ڪيو ويندو آهي. عام طور تي هن قسم جي مورتيءَ ۾ چار ٻانهون هونديون آهن، مٿين ٻانهن ۾ ڪهاڙو ۽ هڪ هرڻ جھليل هوندو آهي، جڏهن ته هيٺين ٻانهن ۾ تير ڪمان ۽ ترشول جھليل هوندا آهن.
(9) لِنگ: لنگ شو جي تصوير ڪشيءَ جو هڪ حصو آهي ۽ شو جي عبادت ۾ نهايت ئي اهم سمجھيو وڃي ٿو. اهي مختلف شڪلين جا ٿين ٿا، انهن مان هڪ عام شڪل اڀي ۽ عمودي گول ڪاري پٿر جي آهي، جيئن ته شو جي معنى مبارڪ ۽ لنگ جي معنى علامت يا نشاني آهي، ان لحاظ کان شو لنگ جي معنى اها ٿيندي ته ”ڪائنات جي عظيم ديوتا جي نشاني، جيڪو سڀني کان پوتر آهي.“ شِوَ جي هڪ ٻي معنى موجب، اهو جيڪو پوري تخليق ڪرڻ کانپوءِ ستو. ان لحاظ کان لنگ جي ٻي معنى اها جاءِ، جتان پوري ڪائنات جڙي راس ٿي هجي. لنگ کي شو جي عبادت جو خاص ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. ان لحاظ کان شو جي هر مندر ۾ لنگ جي پوڄا ڪئي ويندي آهي.
شو جا اوتار: هندن جي مکيه ديوتا وشنوءَ وانگر شو جا به مختلف اوتار ڄاڻايا وڃن ٿا. پراڻن موجب شو جا هيٺيان اوتار ڄاڻايا وڃن ٿا:
(1) وير ڀدرا: هي تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن شو ديوتا پنهنجا وار کولي هيٺ لاڙيا، وير پدرا دڪشا يجنا باهه جي قربانيءَ کي ختم ڪيو ۽ هن پنهنجي اڳواڻ شو جي هدايتن تي سختيءَ سان عمل ڪيو.
(2) ڀيروا: هي به شِوَ جو هڪ اوتار سمجھيو وڃي ٿو. جنهن کي ’ڀيرو‘، ’ڀيرون‘ ۽ ’ڀيروجي‘ به چيو ويندو آهي. شِوَ جو هي روح يا اوتار جن ڀوت ڀڄائڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تصور ڪيو ويندو آهي. راجسٿان ۽ نيپال ۾ هي نهايت ئي اهم ديوتائن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، پر اڪثر هندو ۽ ٻوڌي هن کي ناپسند ڪندا آهن. ڪالا بيرو يا ڀيرو جو هڪ سر برهما جي مورتيءَ ۾ به ڏٺو ويو آهي.
(3) شراڀا: شو جي هن روپ يا اوتار کي تمام وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي، هن جو تسلسل نرسنگهه سان ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو وشنو جو اڌ ماڻهو اڌ شينهن جهڙو هڪ اوتار هو. هن کي سرابيشورا به سڏيو ويندو آهي. ٻوڌين جي عقيدي مطابق هي ٻڌ جو اڳيون اوتار به ڄاڻايو وڃي ٿو.
(4) دُرواسا: هي پراچين وقت ۾ مهان رشي ٿي گذريو آهي، جيڪو رُشي ‘اَترِي’ ۽ ستي ‘انوشيا’ جو پٽ هو. هي مستقل مزاج ۽ بهترين انسان هو، انسانن ۾ هن کي وڌيڪ پذيرائي ملي، جڏهن ته ديوتائن هن کي ناپسند ڪيو.
(5) کنڊوبا: هي به شِوَ جو هڪ روپ ڄاڻايو ويو آهي. هندستان جي ڪرناٽڪ ۽ مها راشٽر صوبن ۾ هن جي وڏي پوڄا ڪئي ويندي آهي، هي خاص ڪري قبيلائي ديوتا به مڃيو وڃي ٿو.
(6) آدي شنڪر: هي اٺين صدي عيسويءَ ۾ ويدانيت تحت زبردست عالم ٿي گذريو آهي. هن جو نالو شنڪر هو، جنهن ڪري هندو ڌرم وارن شِوَ جي هڪ نالي شنڪر جي نسبت سان هن کي شِوَ جو روپ يا اوتار تسليم ڪيو.
(7) هنومان: هندن جي ڌرمي ڪتاب ’هنومان چالسيا‘ موجب هنومان شِوَ جو يارهون اوتار مڃيو ويو آهي، جيڪو رام جي دور ۾ رام جو وڏو ڀڳت ٿي گذريو هو. هنومان کي شِوَ جو ردرا اوتار چيو وڃي ٿو.
شوي/ شومت Shivaite)): سنسڪرت ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنى ‘ڀلاري هڪ/ واحد جي’، جڏهن ته ديوناگريءَ ۾ شِوا/ ايشور جي صفاتي معنى: ‘نج، خالص، Pure’ آهي. هندن جي پُراڻن ۾ شِو کي هڪ رحمدل يوگيءَ جي حوالي سان بيان ڪيو ويو آهي. شو ديوتا جي عقيدتمندي ڪندڙن کي شِومت جي دائري ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.
سنڌ ۾ شِومت جا آثار قديم دور کان ملندڙ آهن. سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن جي کوٽاين مان هندو ڌرم جي ڀڳوان شو (Shiva) سان لاڳاپيل مهرن جي صورت ۾ ڪي اهم عنصر مليا آهن. ان سلسلي ۾ نامياري محقق، جارج برگس (George Briggs) پهريون ڀيرو 1928ع ۾ سنڌ کي شوي عقيدتمنديءَ جي اهم جاءِ ۽ مرڪز جي حيثيت ۾
ڄاڻايو ۽ پوءِ 1989ع ڌاري هڪ ٻئي محقق ۽ مؤرخ، ڊيرل مڪلين (Derryl Maclean)، شومت جي سنڌ سان نسبت جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان اڳ شوي/ شومت ۽ وچئين دور جا مذهبي فرقا، شِو جي پوڄا ڪندا هئا. مهين/ موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران مليل آثارن مان شو ا پشوپتيءَ جا آثار مليا آهن. (وڌيڪ ڏسو: پسوپتي/ پشوپتي، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، صفحو: 177-176)
هندو ڌرم جي ڌرمي ڪتاب ‘شو پراڻ’ ۾ شِومت جي اوسر جو هنڌ سنڌو درياهه جو ڪپ/ ڪنارو ڄاڻايو ويو آهي. اوائلي تاريخي دور سان تعلق رکندڙ هندو ڌرم، خاص ڪري شومت جا يادگار ۽ اهڃاڻ ڀنڀور مان پڻ مليا آهن، جنهن متعلق ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو سنڌو سڀيتا جو قديم ۽ اوائلي شهر ديبل آهي. وشنو جي چٽيل عڪس تي مشتمل ڀڳل ٽٽل ٺڪراٺن سان گڏ شومت جي لنگ جا آثار به مليا، جن مان ٻه لنگ اسلامي دور جي رائج ٿيڻ کان اڳ به موجود هئا.
اڳتي هلي هندو شومت جي اهم مرڪزن ۽ شو ديوتا جي عقيدت ۽ عبادت لاءِ مقرر اهم جاين تي وڏي تعداد ۾ صوفي مرڪز قائم ٿيا. ان حوالي سان تمام دلچسپ جايون بلاشڪ ته سنڌو درياهه جا ڇوڙ وارا علائقا آهن، جتي شومت کان ويندي تصوف/ صوفي مت جا ڪيترائي ماڳ ۽ اهڃاڻ ملن ٿا. هتان مليل مذهبي شاعريءَ جو محتاط اڀياس، ريتون رسمون، ماڳ ۽ شبيهه ڪاريءَ جا فني چٽ سنڌ ۾ شومت جي موجودگيءَ واري نظريي کي هٿي وٺرائين ٿا.
فرانسيسي تاريخدان مائيڪل بؤون Michel Boivin)) پنهنجي ايڊٽ ڪيل ڪتاب ‘Sindh through History & Representations’ جي ٻئي باب جي صفحي 24 تي البيرونيءَ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته، “سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ سڀ کان وڌيڪ تعظيم ۽ تقدس جو مرڪز شو ۽ شومت جو اهڃاڻ لنگم پئي رهيو آهي.” هينري ڪزنس جي تحقيق موجب، جھُڪر جي دڙي ۽ برهمڻ آباد مان لڌل مٽيءَ جي رانديڪن، گڻيش جي مورتين، ٺڪراٺي تي چٽيل شو ۽ ٻين ديوين جون تصويرون، ترشول ۽ سڪن تي شِو جي تصوير جي صورت ۾ مليل ثابتين مان واضح ٿئي ٿو ته قديم دور ۾ اندازاً 800 يا 500 ق. م دوران سنڌ ۾ شومت جو تمام گهرو اثر رهيو آهي.”


هن صفحي کي شيئر ڪريو