شِوَراتري

شِوَراتري: هندن جي شو جي نالي سان منسوب ڪيل شوراتريءَ جو تهوار ملهايو وڃي ٿو، جيڪو هندن جي اهم ڏڻن مان هڪ آهي. هي تهوار هر سال وڪرمي سنبت جي مانگھه ۽ ڦڳڻ مهينن ۾ چنڊ جي تيرهين ۽ چوڏهين تاريخ تي ملهائجي ٿو. هندو ڌرم ۾ هن ڏينهن کي خاص اهميت حاصل آهي. هندن جي مذهبي ڪتابن جي روايتن موجب هن رات تي شو ۽ پاروتيءَ جي شادي ٿي هئي ۽ پڻ هن ڏينهن لاءِ اهو به يقين ڪيو وڃي ٿو ته شو، هن رات تي پنهنجي تباهي آڻيندڙ ٽانڊو ناچ ڪيو هو. هن تهوار تي سموري هندو برادري جا ماڻهو ورت (روزو) رکن ٿا ۽ شِوَ جي مندرن ۾ وڃي شو جي پوڄا ڪن ٿا. ڪن مندرن ۾ هن ڏينهن تي شولنگ جي به پوڄا ڪئي ويندي آهي، جنهن تي گل، کير، ميوات ۽ مختلف شيون ارپڻ ڪجن ٿيون. هن رات جو هندو جاڳو پڻ ڏيندا آهن ۽ رات جي جاڳي خاطر وڏا وڏا ست سنگ به منعقد ڪندا آهن. ان کان علاوه ٻئي ڏينهن تي هن جو ورت يا روزو کوليو ويندو آهي، جنهن بعد دان، پڃ، خير خيرات ۽ نذر نياز به ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو