قيافه

قيافه: انسان جي چھري کي پڙهڻ جي فن کي قيافه (چھرا شناسي) جو علم ۽ انگريزيءَ ۾ (Face Reading) سڏيو وڃي ٿو. هن علم کي انسان جي شخصيت ۽ ڪردار جو آئينو پڻ چيو وڃي ٿو، ڇو ته چھري جو انسان جي شخصيت سان گھرو تعلق آهي. قيافه جي علم ۾ انسان جي چھري، اکين، پيشاني، چپن، ڀرون، نڪ، ڪن، ڄاڙي، کاڏي ۽ مٿي جي بيھڪ مان انسان جي شخصيت بابت ڄاڻ ملي ٿي. هي علم هزارين سال پراڻو آهي، هن علم جا باني حڪيم بقراط، جالينوس ۽ اسقليبوس يوناني ڏاها آهن. آڳاٽي دؤر ۾ حڪيم ۽ طبيب پڻ هن علم جا ماهر هوندا هئا. جيڪي مريض جو چھرو ڏسي ان کي بيماري بابت ٻڌائيندا هئا ۽ علاج ڪندا هئا. هي علم سڄي دنيا ۾ مروج هو ۽ آهي پر چين ۾ هن علم کي وڌيڪ ترقي ملي آهي. چيني ٻوليءَ ۾ هن علم کي ”سيانگ نھين“ چئبو آهي ۽ اهو هڪ نئين انداز ۾ چيني عوام وٽ مقبول آهي. چين ۾ هن علم جي سکيا ڏني وڃي ٿي


لفظ قيافهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو