ٽيليفون

ٽيليفون

ٽيليفون

ٽيليفون ((Telephone: ڪنهن وسيلي جي ذريعي آواز کي پري تائين پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزار، جيڪو عام طور هڪ برقي سرڪٽ ۾ موجود تارن جي ذريعي ڪم ڪري ٿو. ان کي ٽيليفون چئجي ٿو. موجوده ٽيليفون اليگزينڊر گراهم بيل جو ايجاد ڪيل هڪ اوزار آهي، جنهن کي 1879ع ۾ متعارف ڪرايو ويو. هن آلي/ اوزار ۾ آواز جي لهرن جي موافقت ۾ بدلجندڙ شدت ۽ فريڪوئنسي رکندڙ برقي لهر پيدا ڪئي ويندي هئي، اها برقي لهر تارن مان ٿيندي، اهڙي ئي هڪ ٻئي آلي تائين پهچندي هئي، انهيءَ جي اثر هيٺ ڊايا فرام نالي هڪ پردو چرپر ۾ ايندو هو ته آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو، پهريائين ٽيلي فون ايڪسچينج ۾ انهن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ برقي ميڪاني طريقا استعمال ٿيندا هئا. هاڻي ان جي جاءِ تي نهايت ترقي يافته ڊجيٽل سوئچنگ سسٽم کان فائدو حاصل ڪيو پيو وڃي.
ٽيليفون جون تارون، کليل لائين، ڪيترين ئي لائنن تي مشتمل شيهي ۾ ويڙهيل ڪيبل ۽ ڪو ايڪسيل (Coxial) ڪيبل ۽ فائبر آپٽڪ تي مشتمل هجن ٿيون. انهن منجهان ڪو ايڪسل ۽ فائبرآپٽڪ گهڻو ڪري زمين جي اندر وڇايون وڃن ٿيون. پهريائين ٽيليفون جي وچ ۾ رابطو فقط تارن وسيلي ٿيندو هو، هاڻي اهو ڪم ريڊيو ۽ مائيڪرو ويو ٽرانسميشن کان ورتو وڃي ٿو. مائيڪرو ويو ٽرانسميشن جي ڪري، پري پري جي انٽرڪانٽينينٽل فاصلن تي موجود ماڻهو به پاڻ ۾ ڳالهائي سگهن ٿا. موبائيل فون، هيٺين سطح جي ننڍن حلقن کي هڪ اعتبار جوڳي فون سان ماڻهن سان متعارف ڪرايو آهي. مائيڪرو اليڪٽرانڪس ۽ ڊجيٽل اليڪٽرانڪس جي وسيلي ٽيليفون ۾ ڪيلڪيوليٽر، ڪلاڪ، ڪئميرا ۽ آواز جي رڪارڊنگ ڪرڻ ممڪن بڻيو آهي.
انٽرنيٽ وسيلي روايتي فون استعمال ڪرڻ بنا به ڊگهن فاصلن تي موجود ماڻهو هڪٻئي سان ڳالهائي سگهن ٿا. ان مقصد لاءِ ڪميپوٽر پنهنجي ڊجيٽل مواد کي موڊيم (Modem) جي ذريعي برقي وهڪ ۾ بدلجندڙ تارن جي ذريعي پري پري وارن فاصلن تائين پهچائي ڇڏي ٿو. اتي ٻئي ڪمپيوٽر تي موجود موڊيم انهن کي ٻيهر ڊجيٽل سگنلز ۾ بدلائي ٿو ۽ ائين ڪميپوٽر پاڻ ۾ ڳنڍجي وڃن ٿا.


لفظ ٽيليفونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو