پشين1

پشين1: پشين بلوچستان صوبي جو هڪ شهر ۽ ضلعو آهي، جيڪو تاريخي حيثيت رکي ٿو. پشين شهر 13 صدي عيسويءَ ۾ 1221ع ڌاري مغل سلطنت جي هٿ هيٺ قنڌار جو حصو رهيو. 15 صديءَ جي وچ ڌاري تيمور لنگ ۽ ان کان پوءِ هن تي ترين گهراڻي جو تسلط رهيو. 1530ع ۽ 1545ع جي وچ ڌاري قنڌار صوبو همايون بادشاهه جي ڀاءُ مرزا ڪامران جي هٿ هيٺ رهيو. هن جي وفات 1556ع کان پوءِ قنڌار ۽ ان سان لاڳاپيل علائقا، پرشا جي صفوي بادشاهن جي هٿ هيٺ 1595ع تائين رهيا، جنهن کان پوءِ ٻيهر ان تي مغلن جو قبضو ٿيو. 1622ع ۾ قنڌار ڪجهه عرصي لاءِ ٻيهر صفوي حاڪمن جي اثر هيٺ رهيو. 17 صديءَ جي آخر ۾ بروهين زور ورتو ۽ پشين ۽ ڪوئيٽا سندن هٿ هيٺ اچي ويا. مير وعظ غلزئي 1709ع ۾ قنڌار تي قبضو ڪيو ۽ 1725ع ۾ پشين کي مير عبدالله، غلزين سان قنڌار وٽ ٺاهه ڪري پنهنجي هٿ هيٺ آندو. 1733ع ۾ شاهه حسين غلزئي بروهين کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ هن ڪوئيٽا ۽ مستونگ تي قبضو ڪري ورتو، ۽ بعد ۾ نادر شاهه جي حڪمران ٿيڻ تي ان جي حوالي ٿيو. بعد ۾ هي علائقو دراني قبيلي جي هٿ ۾ رهيو. جن کان پوءِ بارڪزئين جو تسلط رهيو. پهرين افغان جنگ دوران ڪوئيٽا، 1839ع ۾ انگريزن جي هٿ هيٺ آيو. 1842ع ۾ پشين ۽ شور (Shourad) تي افغانن قبضو ڪيو. مئي 1879ع ۾ انگريزن سان ٺاهه جي نتيجي ۾ ڪجهه ٻين ضلعن سميت انگريزن کي مليو. 1882ع ۾ انگريزن ۽ پشين جي وچ ۾ دائمي ٺاهه ٿيو، جنهن موجب اپريل 1883ع ۾ ڪوئيٽا انگريزن جي حوالي ٿيو، جنهن ۾ پشين کي به گڏيل انتظامن هيٺ رکي، سر ايڇ. ايس. برنس، پهرين انگريز ايجنٽ جي هٿ هيٺ هڪ انتظامي يونٽ بنايو ويو. 1947ع تائين ساڳئي صورتحال رهي. برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ 1975ع تائين پشين ۽ ڪوئيٽا گڏيل يونٽ رهيا، جڏهن ته 1975ع ۾ پاڪستان سرڪار ڪوئيٽا ۽ پشي کي ڌار ڌار ضلعن جي حيثيت ڏني. هن وقت پشين ضلعي ۾ پٺاڻ آبادي اڪثريت ۾ رهي ٿي. هتي ٻين ڪيترن قبيلن سميت چار وڏا قبيلا: ترين، اچڪزئي، ڪاڪڙ ۽ سيد آباد آهن. هتي جي پيداوار ۾ صوف، چيري، انگور، بادام ۽ ناسپاتيون وغيره شامل آهن. هن ضلعي جا چار تعلقا برشور (Barshore)، ڪَريزت (Karezat)، پشين (Pishin) ۽ هُرمزئي (Hurramzai) آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو