زردالو

زردالو

زردالو

زردالو: زردالو، پيلي رنگ جو ذائقيدار ميوو ٿئي ٿو. هن ميوي جو انگريزي نالو ’ايپريڪوٽ‘ (Apricot) ۽ نباتاتي نالو Prunus Armeniaca آهي. زردالوءَ کي اردوءَ ۾ خوباني سڏبو آهي. زردالوءَ جو وڻ 8 کان 12 ميٽر ڊگهو، 40 سينٽي ميٽرن جي ٿڙ سان ڇٽيءَ جهڙو ڳُتيل وڻ ٿيندو آهي. هن وڻ جا پن 5 کان 9 سينٽي ميٽر ڊگها، 4 کان 8 سينٽي ميٽر ويڪرا ۽ بيضوي نموني جا ٿين ٿا. زردالوءَ جي گلن جو قطر 2 کان 4.5 سينٽي ميٽر ٿئي ٿو، جنهن تي اڇي ۽ هلڪي گلابي رنگ گاڏڙ پنج خوبصورت گل پنکڙيون ٿين ٿيون. هن وڻ جي ڦل جي شڪل آڙوءَ جهڙي ۽ اُن جي ککڙي ننڍي بادام جهڙي ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو