ڍولڪ

ڍولڪ

ڍولڪ

ڍولڪ

ڍولڪ

ڍولڪ (ساز): هن ساز کي دهل جي ٻي صورت چئي سگھجي ٿو. ڍولڪ کي ’پڪواز‘ به چوندا آهن. هي پکاوج جي مٽيل صورت آهي. ڍولڪ سنڌ ۾ ڪافي، ڪلام، نيم ڪلاسيڪل راڳ وقت سنگت ۾ وڄائي وڃي ٿي. ڍولڪ جي بناوٽ به دهل جهڙي ئي ٿئي ٿي. ڍولڪ کي به دهل وانگر نر ۽ مادي ٻه پاسا ٿيندا آهن، پر دهل جو آواز وڏو ۽ ڍولڪ جو آواز ماٺو ٿئي ٿو. ڍولڪ کي طبلي جي جاءِ تي به ڪتب آڻي سگھجي ٿو. ڍولڪ دهل کان سائيز ۾ ڪافي ننڍي ٿيندي آهي. هن ۾ ڪاٺ جي ٺهيل اکري يا نريءَ کي ٻنهي پاسن کان ٻڪريءَ جي کل مان ٺهيل ٻه گول پڙا چاڙهي، ٻنهي پڙن کي وڏي رسيءَ جي مدد سان مڙهيو ويندو آهي. اها رسي ان طرح ويڙهبي آهي، جيئن پڙا به مضبوط بيهن ۽ رسيءَ جا ٿوري ٿوري مفاصلي تي اکري يا نريءَ جي چؤڌاري ٽوٽل نَوَ گھر بيهن. پوءِ انهن نون ئي گھرن کي ڇڪي يا ڍرو ڪري، هارمونيم جي سر جي آڌار تي مادي يا تاليءَ وارو پڙو ملايو ويندو آهي. اڄڪلهه ڍولڪ جي بناوٽ ۾ ٻڪريءَ جي کل کان سواءِ عام استعمال واري ايڪسري شيٽ (X-Ray Sheet) ۾ به استعمال ٿئي ٿي. ڍولڪ ۾ وڏي رسيءَ جي جاءِ تي پيچ ۽ نٽ به ڪتب آندا ويندا آهن. اهڙي پيچن ۽ نٽن سان مڙهيل ڍولڪ کي ’نال‘ ڪري سڏيو وڃي ٿو. نال جا وري ٻه قسم ٿيندا آهن، هڪ نال جي ماديءَ جو منهن ننڍو ۽ نر جو منهن وڏو ٿئي ٿو ۽ ان نال جي وچ واري نري يا اکري سنهي ٿئي ٿي. ان قسم جي نال کي ’لڪدار نال‘ ڪري سڏجي ٿو. نال جي ٻئي قسم ۾ ٻنهي پاسن يعني نر ۽ ماديءَ جا منهن برابر ٿين ۽ اکري ٿلهي هجي ٿي. ان قسم جي نال کي ’ڍيڍي نال‘ ڪري سڏجي ٿو. ڍولڪ مان طبلي وانگر ڪيترائي ٻول ادا ڪري سگھجن ٿا. مثال طور: ڌا- ڌن- ڌي- ڌٽ- ڪڙ- ڪٽ- ڪت- ڪن وغيره. سنڌ ۾ ڍولڪ جي وڄت عام آهي ۽ سنڌ جا ڀلوڙ ڍولڪ نواز هن فن وسيلي ملڪان ملڪ مشهور آهن، جن ۾ استاد محمد بچل، استاد محمد آچر، استاد محمد صادق، استاد خان محمد سمون، غلام مصطفيٰ ’مشتاق‘، لعل بخش چنو، فقير قلندربخش ۽ انب جوڳيءَ جا نالا قابلِ ذڪر آهن.


لفظ ڍولڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو