هڪ فقير سڱ وڄائي رهيو آهي

هڪ فقير سڱ وڄائي رهيو آهي

سڱ

سڱ (Horn): دنيا ۾ پنهنجي قسم جو هي شايد پهريون قديم ساز آهي، جو ڪنهن ساهواري جي سڱ مان ٺهي ٿو. ساز ڪيترو پراڻو آهي سو ته چئي نٿو سگهجي، البته هڪ حوالي موجب گهٽ ۾ گهٽ 2000 سال ق.م تائين هن جو پتو ملي ٿو. گهٽي جي سڱ مان ٺهيل هن ساز کي Shophar/Shofar سڏيو وڃي ٿو. يهودين جو اهو ساز سندن ڪنيسه يا صومعه (Synagogue) ۾ وڄايو ويندو آهي، پر امن ۽ جنگ جهڙن موقعن تي اعلان يا ڄاڻ طور به وڄايو ويندو آهي. دنيا جي وڏن پراڻن خطن جوهي عام ساز آهي. اوائلي ساز گهٽي، ڍڳي، گڊ، سره ۽ ٻڪر جي سڱ کان علاوه هاٿيءَ جي ڏند يا ڪاج مان ٺاهيو ويندو هو. هي ساز ساڻ کڻڻ ۾ به سولو ۽ هلڪو هو. سڱ جي ٻنهي ڇيڙن سان سادي ڏوري ٻڌي ڪلهي ۾ لڙڪائبو هو. اسان وٽ اهو ساز جيئن جو تيئن درگاهن جا فقير ۽ خدمتگار يا ڪي گداگر وڄائڻ جا ماهر آهن ۽ ڪن مقرر يا رواجي وقتن يا موقعن، موج ۽ مستيءَ جي مهل اٿي وانگر وڄائين. آواز جي لحاظ کان هن ساز ۾ رڳو يڪي صدا جي گنجائش آهي، پر وڄائڻ وارو سڱ جي سوڙهي پاسي ڪيل سوراخ مان زور سان يا زور گهٽائڻ يا وري زبان ۽ وات جي آوازي ڍنگن سان آوازي تنوع يا ڦيرڦار ڪري سگهجي ٿو. ڀوڪر ڏيڻ سان هن ۾ هڪ لهريدار لڳاتار گونج به پيدا ڪري سگهبي آهي. هي ساز پوئين دور ۾ ٺهيل ڪيترن ئي سازن جو ابو آهي. هن کي نقل ڪندي ڪيترا ٻيا خاص ڪري پتل، چاندي وغيره جا ساز ٺاهيا ويا آهن. ڌاتو مان ٺهيل سازن ۾ آهنگ ۽ لچڪ پيدا ڪرڻ لاءِ انهن ۾ ڪنجيون (keys)، ڍڪڻيون Valves ۽ ڪک (Reeds) لڳل آهن. ڪي ساز توتاري وانگر سڌا، ڪي مڙيل، ڪي وريا گهنڊي سان، ڪن ۾وري ٻه يا وڌيڪ ور يا گهنڊيون هونديون آهن. ڪن سازن جي مُنهن وٽ ڇلا آهن. هنن سازن مان ڪن کي نويڪلو به وڄايو ويندو آهي، پر اڪثر (Band) طائفي، سازيني يا سنگت جا ساز آهن. هي ساز شادمانن، شادين، سرڪاري تقريبن، فوجي مشقن، جنگ وغيره جهڙن موقعن تي وڄايا وڃن ٿا. وڄائيندڙ گهڻو ڪري ڪنهن وردي ۾ هوندا آهن، سندن وڏو گروپ هوندو آهي ۽ وڏي طمطراق سان واڄو ڪندا آهن. سازن جي اهڙي ميڙ کي عام طرح انگريزيءَ ۾ Brass (E) چيو ويندو آهي. پر سنڱ انهن تقريبن ۾ ڪونه هوندو آهي، اهو صرف فقير، فقراءُ پنڻ يا ڌمال ۾ وڄائيندا آهن.


لفظ سڱھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو