پِڃڻ

پِڃَڻ: ڪپهه پڃڻ لاءِ ڪمان وانگر هڪ اوزار. پڃارن جو هڪ اوزار، جنهن سان ڪپهه پڃندا آهن. تند يا زهه کي مهاڙي سان ڌڪ هڻبو ته زهه، ڪپهه کي کڻي ڦونڌا ڦونڌا ڪري اڇليندي ويندي. هن عمل کي شاهه لطيف به ڳايو آهي:
مون کي ماءُ مجاز، پيڃاري جيئن پڃيو!


هن صفحي کي شيئر ڪريو