ڊاک

ڊاک

ڊاک

ڊاک: برصغير جو هڪ مشهور وڻ، جيڪو سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ ڪثرت سان ٿئي ٿو. هن جا گل نارنگي رنگ جا ٿين ٿا، جن کي ’ڪيسو ڦل‘ چيو وڃي ٿو. هي وڻ ٻارهن کان پندرهن ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو ۽ ان جو پن ٽه پتو ٿيندو آهي، جنهن جي ڏانڊي ڏهن کان پندرهن سينٽي ميٽر ٿيندي آهي. هن جا پن سياري ۾ ڪِري پوندا آهن. هيءُ وڻ فيبروري ۽ مارچ مهيني ۾ گل ڪڍندو آهي. هن جي ميوي ۾ هڪ ئي ٻج هوندو آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ڇاڇرو‘ چوندا آهن. ٻهراڙيءَ ۾ ڇاڇري جون ٽڪيون چوندا آهن. هي ٽڪيون پيٽ جي ڪيڙن کي خاص ڪري Round worm ۽ Tape worm لاءِ فائديمند آهن. حڪيمن موجب هن وڻ جي تازن ٻجن جو پائوڊر Ascaris لاءِ انتهائي موثر آهي. هن وڻ جا پن مقوي باهه آهن. رطوبتون خشڪ ڪرڻ ۽ رت روڪڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. دستن ۽ پيچش کي ختم ڪرڻ لاءِ هن وڻ جو کونئر مفيد هوندو آهي. ڦٽ، ڦرڙي، بواسير، زخم ۽ سوڄ لاءِ ڊاک جي پنن جي لپري فائديمند آهي. پنن کي ڪاڙهي، ان جا گرڙا ڪرڻ سان گلي جي سُر سُر، سوڄ ۽ زخم جو علاج ٿئي ٿو. قولنج جي سور ۽ بواسير لاءِ هن وڻ جا پن کارائڻ سان فائدو ٿئي ٿو. هن وڻ جي کنؤر کي ڪمرڪس چوندا آهن. هن جي پاڙ شبڪوري ۽ اکين جي بيماريءَ لاءِ مفيد آهي. هن جي پنن جو پاڻي ٽي. بي ۽ رت بند ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. تازن ٻجن ۾ پروٽيوليٽڪ ۽ رائيوليٽڪ انزائيم ٿيندا آهن. لانيوليٽڪ انزائيم مرڪب آهي. پلانٽ پروٽينز ۽ پولي پروٽين، پيسٽ ٽرائيپمسن وانگر عمل ڪري ٿو.
هن وڻ جا گل سوڄ تي ليپ مکڻ سان سوڄ ختم ڪن ٿا، پيشاب ۽ حيض جاري ڪرڻ لاءِ مفيد آهن.
ڊاک جا ٽي قسم ٿين ٿا، جن ۾ اڇي ڊاک، ڳاڙهي ڊاک ۽ ڪاري ڊاک شامل آهن. هن جا گول داڻا ٿين ٿا، جيڪي پاڻيءَ سان ڀريل هوندا آهن. ڊاک دماغي حوالي سان ڪافي فائديمند آهي. گهاٽي رت کي صاف ڪري ٿي. نئون رت پيدا ڪري ٿي. جگر جي گرميِءَ کي گهٽائڻ لاءِ فائديمند آهي. اُڃ گهٽائي ٿي ۽ جسم کي ٿلهو بنائي ٿي. ڊاک سيني، ڦڦڙن، معدي، گڙدي ۽ مثاني جي بيمارين ۾ به مفيد آهي. ڊاک ڪاري ڪامڻ ۾ علاج طور به استعمال ڪئي ويندي آهي.


لفظ ڊاکھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو