پڃري

پڃري: پٿر يا ڪاٺ جو ڳرو وزندار ٽڪر، جنهن ۾ مٺ وجهڻ لاءِ هٿيو به ٺهيل هوندو آهي. پڃري ورزش يا زور آزمائيءَ لاءِ ڪم ايندي آهي ۽ اُها گهڻو ڪري آکاڙي ۾ هوندي آهي، جتي ڪثرت جا شوقين اچي زور آزمائي ڪندا آهن. آکاڙي ۾ جدا جدا وزن واريون پڃريون پيل هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڳري وزن وارين پڃرين کڻڻ جو مقابلو به ٿيندو آهي.


لفظ پڃريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو