ٿرماميٽر

ٿرماميٽر

ٿرماميٽر

ٿرماميٽر: گرميءَ جي درجي ماپڻ جو اوزار. اهو اوزار، جيڪو ڪنهن به جسم جي گرمي پد کي ماپڻ لاءِ ڪم اچي. ٿرماميٽر هڪ بند ٿيل شيشي جو ٽيوب هوندو آهي. ان جي ڇيڙي تي بلب لڳل هوندو آهي. ٿرماميٽر ۾ مرڪيوري (پارو) يا الڪوهل پيل هوندو آهي. گرميءَ جو درجو ٿرماميٽر تي ٿيل نشان سان ماپيو ويندو آهي. پارو جنهن نشان تائين پهچندو، اهو اصل ۾ ان جسم جو گرميءَ جو درجو هوندو، گرميءَ جو درجو وڌندو ته پارو پنهنجي سطح وڌائيندو.
عام طرح گرميءَ جي درجي جا ٻه اسڪيل هوندا آهن: هڪ سينٽي گريڊ اسڪيل ۽ ٻيو فارنهائيٽ اسڪيل. سينٽي گريڊ اسڪيل ۾ برف رجڻ جو درجو 0.c ۽ پاڻيءَ جي ٽهڪڻ جو درجو 100.c هوندو آهي. انهن ٻنهي نشانن جي وچ ۾ پورا 100 (هڪ سؤ) حصا ٿيل هوندا آهن، جن کي ”ڊگريون“ يا درجا چئجي ٿو. فارنهائيٽ ٿرماميٽر ۾ برف جي رجڻ جو درجو 32.F آهي ۽ پاڻي ٽهڪڻ جو درجو 212.F آهي. ڊاڪٽر جسم جي گرمي معلوم ڪرڻ لاءِ، جنهن اوزار سان ڏسندا آهن، ان کي ”ڊاڪٽري ٿرماميٽر“ چئجي ٿو. هڪ صحتمند انسان جي جسم جو گرمي پد سراسري 98.4F آهي، جيڪو اٽڪل 36.9c جي برابر آهي. ڊاڪٽر ٿرماميٽر جي بلب کي، مريض جي وات يا بغل ۾ رکي هڪ منٽ ڇڏي ڏيندا آهن. گرمي پد ڏسڻ لاءِ ڊاڪٽر ٿرماميٽر کي پاسيرو جهليندا آهن ته جيئن پارو ٽيوب ۾ چڱي طرح ڏسجڻ ۾ اچي. بخار ڏسڻ لاءِ ٿرماميٽر انسانن توڙي جانورن تي به ڪم آڻي سگهبو آهي .


لفظ ٿرماميٽرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو