چـرَچ

چـرَچ

چرچ

چـرَچ (Church): چرچ عيسائين جي عبادتگاهه کي چئبو آهي، جنهن کي ڪليسا ۽ گرجا به سڏيندا آهن. چرچ (Church) قديم انگريزي لفظ Cirice ۽ وچئين دور جي يوناني لفظ Kuriakon مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي God’s House يعني ’خدا جو گهر‘. چرچ هن وقت مختلف مقصدن لاءِ ڪتب اچي ٿي، يعني هڪ اهڙي عمارت، جيڪا عام عيسائي مذهب وارا عبادت لاءِ ڪتب آڻين. اهڙي قسم جي عمارت ۾ عيسائي مذهب وارا گڏجاڻيون ڪن ٿا، مذهبي ڏڻن تي ميل جول ٿئي ٿو، خدمت خلق، علائقي سطح تي مذهبي اشاعت ۽ ٻين معاملن بابت تنظيمي گڏجاڻيون ٿين ٿيون جهڙوڪ: منظم مذهبي ماحول لاءِ حڪمت عمليون، سياسي يا سماجي سگهه پيدا ڪرڻ جون تدبيرون وغيره جوڙيون وڃن ٿيون. عيسائين جي عبادتگاهه لاءِ حضرت عيسيٰ عليه السّلام جو چوڻ هو ته: ”مان ول آهيان، پوئلڳ منهنجون شاخون آهن“ ۽ ”ڪليسا/ چرچ منهنجو جسم آهي.“
آڳاٽي وقت ۾ يورپ اندر ملڪي ڪاروهنوار توڙي سياست ۾ چرچ کي وڏي فوقيت حاصل رهي آهي. ڪليسائي تاريخ جا ٽي دور ٿي گذريا آهن.
(1) چرچ جي بنياد پوڻ وارو دؤر: جنهن ۾ يوناني. رومي حدن اندر عيسائيت جي زندگيءَ جا معيار مقرر ڪيا ويا.
(2) وچ وارو دور: جڏهن بازنطينين جي شهنشاهيت ختم ٿي، نئين رومي، جرمن ۽ سليوي رياستن زور ورتو؛ انهيءَ دؤر ۾ مشرقي ڪليسا مغربي چرچ جي ايڪي مان ڌار ٿي.
(3) پويون/ هاڻوڪو دور: هن دور ۾ خود مغربي رياستن جي وچ ۾ به اتفاق نه رهيو. چرچ جو دائرو آمريڪا، ايشيا، آفريڪا جي ڪن خطن تائين پهتو. هي دؤر اڃا به هلي پيو. البت ان وقت کان هن وقت تائين، وچ ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون تبديليون پئي آيون آهن.
چرچ ۾ ڪجهه فرقا به پيدا ٿيا آهن، جن ۾ مکيه هيٺيان آهن:
شرعي/ ديني چرچ (Orthodox Church): اڪيلي ۽ اصل سچي چرچ، جيڪا ٻارهن چيلن جي دؤر ۾ قائم ٿي. هي اهي چيلا هئا، جن حضرت عيسيٰ عليه السلام سان گڏ گذاريو ۽ کائنس عيسائيت جا بنيادي عقيدا ۽ اصول سکيا ۽ انهن تي عمل ڪيو.
ڪيٿولڪ چرچ (Catholic Church): هي الهامي سچ جا مڪمل دعويدار آهن. ان ڏس ۾ هڪ ننڍو فرقو Church of Christ به آهي، پر ان کي ڪيٿولڪ چرچ مان نڪتل/ ڦُٽل سمجهيو وڃي ٿو.
ڪيٿولڪ فرقي وارن جو اعتقاد آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام پاڻ پنهنجن ٻارهن خاص چيلن يا خليفن (Apostles) کي اهو اختيار ڏنو هو ته اهي عقيدن ۽ اخلاقيات بابت سندس مڃيندڙن جي اڳواڻي ڪن ۽ ان ڏس ۾ فيصلا به ڪن. هن اهو به يقين ڪرايو ته پاڪ روح (Holy Spirit) يعني خدا سندن حفاظت ڪندو. پهرين صدي عيسويءَ جي پڄاڻيءَ ڌاري چرچ جا اختيار بشپن (Bishops) جي هٿ ۾ ڏنا ويا. ٻيا ٽي بشپ تبع تابعين جي حيثيت ۾ کين ٿاڦيندا هئا. هن وقت بشپن جا اختيار ڪنهن شهر ۽ ان جي آباديءَ آهر پسگردائي تائين هجن ٿا.
پروٽسٽنٽ چرچ (Protestant Church): هن وقت هن قسم جون چرچون نسبتاً گهڻيون آهن، ڇاڪاڻ ته هنن وٽ عيسائين ۽ چرچ جي وچ ۾ فرق آهي، پوءِ به چرچ جي عالمگيريت کي مڃين ٿا، پر بشپن جي بجاءِ Apostles يا ٻارهن پهرين چيلن کي مڃين ٿا. ذاتي ادارن کي هنن Denominations جي عرفيت سان تسليم ڪرڻ شروع ڪيو.
آزاد خيال (Liberal Church): آزاد خيال چرچ وارن مسيحيت ۾ تمام وڏيون عقيداتي تبديليون آنديون آهن، جيڪي اڪثر گهڻن عيسائين لاءِ قابل قبول نه آهن. بهرحال هي به وڏن فرقن مان هڪ فرقو آهي. هنن خيال وارن: (1) خود بائيبل/ انجيل جي عبارتن ۾ ڪي تبديليون ڪيون آهن، (2) هنن جو چوڻ آهي ته تثليث ۽ Incarnation جا نظريا پوريءَ ريت انجيل جي روح سان نٿا ٺهڪن، (3) هي اخلاقي معيارن جي سختيءَ جا، خاص ڪري جنسيات جي حوالي سان قائل نه آهن.
چرچ جي عمارت: هونئن ته چرچ/ ڪليسا جي عمارت ۾ ننڍا وڏا ڪيترا اڏاوتي ۽ ترتيبي انگ هجن ٿا، پر انهن مان هيٺيان انگ اهم آهن:
(1) عمارت جا اندريان پاسا (Aisles) ڊگهيءَ شڪل ۾ هئڻ گهرجن،
(2) پاسن جي وچ ۾ ڊگهو حصو (Nave) جنهنڪري پيلپاون وسيلي Aisles جدا لڳن،
(3) قربانگاهه (Atar) مٿانهين ميز يا دِڪي، جتي قرباني/ ڀيٽا جهڙيون مذهبي رسمون ادا ڪجن،
(4) قربانگاهه جي اڀرندي پاسي هڪ پلويڙو (ڍڪيل حصو/ Chancel) ٿئي،
(5) عمارت جو آڏو پاسو (Transept) يعني اهڙو اندريون حصو، جيڪو مکيه عمارت ۾ بيهڪ جي لحاظ کان آڏو هجي ۽ صليبي شڪل ٺاهي،
(6) ڪليسا جو منظم، ڳائڻن جو طائفو ۽ سندن جاءِ (Choir).
(7) ڏيڍي يا پيش دالان (Porch) چرچ جي پاسي سان اندر داخلا لاءِ ڍڪيل لنگهه،
(8) ڪليسا جو اندريون حصو (Naos)،
(9) لباس خانو (Vestry)، گرجا سان گڏ هڪ ڪمرو، جنهن ۾ پادرين جون منصبي پوشاڪون رکيل هجن ٿيون.
ڪن ڪليسائن ۾ عورتن لاءِ نويڪلي ديول (Chapel) به ٺهيل هوندي آهي.
پاڪستان ۾ ڪيترائي چرچ اهن، جن ۾ ڪراچيءَ جو سينٽ پيٽرڪ چرچ، ٽرنٽي چرچ وغيره مشهور آهن. سنڌ جي شهرن: حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ چرچ موجود آهن.


لفظ چرچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو