ڏانداري

ڏانداري

ڏانداري

ڏانداري: ڏانداري هڪ قسم ڪاٺ يا لوهه جو لوهي اوزار ٿيندو آهي، جيڪو زرعي مقصدن لاءِ ڪتب ايندو آهي. هن ۾ ڇهه ست فوٽ ڊگھو ۽ لسو ڪاٺ جو ڳن وڌل هوندو آهي، جنهن جو هڪ پيڙو ٻه فوٽ ڊگھيءَ پٽيءَ سان ڳنڍيل هوندو آهي. ان پٽيءَ ۾ هڪ کان ڏيڍ فوٽ جا، ڪاٺ يا لوهه جا انگھا ڇڏيل هوندا آهن، جيڪي ٽن چئن انچن جي وٿيءَ تي ٿيندا آهن. پٽيءَ پنجن کان اٺ ڪل لڳايا ويندا آهن. ڏانداري کيڙيل زمين جي ٻنن ٺاهڻ ۽ ٻنيءَ مان ڪچري ميڙڻ، بُهَه وغيره جي ’ڌَڙِ‘ ٺاهڻ جي ڪم ايندي آهي. ان کانسواءِ هاري ڏانداري ڳاهه دوران سنگن ميڙڻ لاءِ به استعمال ڪندا آهن.


لفظ ڏانداريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو