پليتو

پَليتو: ڪاغذ يا ڪپڙي جي وَٽِ. بارود جي ڀريل ٽوپي، جيڪا بندوق جي مڪوءَ تي رکبي آهي، ان کي ’جامڪي‘ به چئبو آهي.
آڳاٽي وقت ۾ مُنهن کان بارود ڀرڻ واريون بندوقون رائج هيون، جنهن جي ناليءَ ۾ بارود ڀري، مٿان ڪان (ڇيرا) وجهي، ڏٽي سان بند ڪري، پوءِ گهوڙي وٽان سوراخ ۾ پليتو وجهي دکائڻ سان بندوق ڇٽندي هئي.
عوامي شاعريءَ ۾ ’پليتو‘ لفظ ڪم آندو ويو آهي. جهڙوڪ:
تـوفـون ۽ گُـرزا گُـڙيا، ڪئـي پليـتن پاهه.
(راڄن شاهه)
آتشبازيءَ جي هڪ قسم کي به پليتو چيو ويندو آهي. ’پليتو لائڻ‘ هڪ اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب جهيڙو وجهائڻ، باهه ٻارڻ يا فساد برپا ڪرڻ هوندو آهي.
ڪاغذ تي لکيل تعويذ يا دُعا کي به پليتو چون، جيڪا نحوست ٽارڻ يا ويساهه وسوڙل ماڻهن طرفان جِن ڀُوت ڪڍڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ ڌوئي پياربي آهي يا ساڙي ڇڏبي آهي.


لفظ پليتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو