آنڪي

آنڪي: محصول طور ڏنل رقم، جيڪا گھڻو ڪري ھڪ رپئي تي ھڪ آنو ھوندي ھئي. ٻي اھا رقم، جيڪا ننڍو يا زير دست حاڪم ھر سال فاتح يا بالادست حاڪم کي ڍل يا ڏن طور ادا ڪندو ھو، اھا رقم گھڻو ڪري ھڪ رپئي تي ڇھه آنا مقرر ھوندي ھئي، ان ڪري انھيءَ ڍل يا ڏن کي ’ڇھه آنڪي‘ به چوندا ھئا. داداگيريءَ ۾ زوريءَ ڪنھن جوا جي اڏي يا ٽڪريءَ تان ورتل ڀتو يا ڏن پٽ به ان ۾ شامل آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ”آنڪي ڀرڻ“ اصطلاح طور ڪم ايندو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو