ڙاڪ

ڙاڪ

ڙاڪ

ڙاڪ: دريـاهه جي لـهـي وڃـڻ ۽ پاڻي سُڪي وڃـڻ کان پـوءِ، درياهه جـي پيـٽ ۾ لـٽ واري چيڪـي زميـن ۾ جيڪي چِـيـرَ، ڏارَ يا ڦـوٽون پئجـي ويـنديـون آهـن، تـن کي ڙاڪ (جمع ’ڙاڪـون‘) چـئبـو آهـي. ڙاڪ کـي سـنڌ جـي ڪـن حـصـن ۾ ’ڦـوڙ‘ (جـمـع ’ڦـوڙَ‘) پڻ چـوندا آهن.
اتر سنڌ جي نامور سگهڙ وريام شيخ، پنهنجي هڪ شعر ۾ ڙاڪ لفظ هن ريت ڪم آندو آهي:
ڙي! ڪري ڙاڪ وڌئي، ڏئي تُنبيءَ واري تَڙ،
زاريءَ واري زبان کي، ڏي ’جيءُ‘ ’جيءُ‘ واري جڙ،
جي هليا هيٺاهينءَ سان، تن تي پيل آهن پڙَ . . .

نوٽ: هتي ڙاڪ لفظ، ’ڏار‘ (وٿي) يا ’ڦوٽ‘ (نفاق) واري معنيٰ ۾ ڪم آندو ويو آهي.


لفظ ڙاڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو