سنڌي ناول

سنڌي ناول : ناول، افسانوي ادب جي اهم صنف آهي. ناول لاطينيءَ جي لفظ Novella مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ‘نئون’ يا ‘نئين شيءِ’. جيئن ته ادب ۾ هيءَ صنف نئين هئي، ان ڪري اُن تي اهو نالو پئجي ويو. پوءِ اهو لفظ لاطينيءَ مان انگريزي ۽ فرينچ ۾ ڪم آيو، ۽ بعد ۾ دنيا جي ٻين ٻولين ۾ رائج ٿيو. دنيا جو پهريون ناول ‘سروانٽس’ (Cervantes) جو ‘ڊان ڪئگزوٽ’ (Don Quiqzote) اسپين ۾ 1605ع ۾ ڇپيو. ليکڪ کي اها خبر نه هئي ته وقت جي مروج ‘رومانيت’ جي مذاق اڏائڻ سان هو ادب جي هڪ نئيـن صنف جو پايو وجهي رهيو آهي. مغربي ٻولين ۾ ناول جي شـروعات اڳ ۾ ٿـي ۽ ڪهاڻي (story) پوءِ، ويهين صديءَ جي منڍ ۾ وجــود ۾ آئي آهي. سنڌيءَ ۾ نثري ادب جون صنفون دير سان مروج ٿيڻ ڪري، ‘ناول’ ۽ ‘مختصر ڪهاڻي’ گڏوگڏ اُسريا. اها ساڳي حالت ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين جي ادب جي به رهي. دنيا جي ٻين ٻولين وانگر ناول سنڌيءَ ۾ ‘رومان’ کانپوءِ جي پيداوار آهي. انگريزي ناول جيتوڻيڪ 18 صديءَ ۾ ‘فڪشن’ (افسانوي ادب: (fiction جي حيثيت ماڻي، پوءِ به ‘قديم رومان’ سان ان جو واسطو رهيو. اهڙيءَ ريت رومان پوريءَ طرح ناول جي فن ۾ سمائجي ويو. سنڌيءَ ۾ ‘بوبنا ۽ ڄام جراڙ’، ‘لاکو ۽ مهر راڻي ’ ، ‘اڍو ڪيهر ۽ هوٿل پري’ وغيره رومانوي ۽ عشقيه داستان ۽ قصا رهيا آهن، جن ۾ مهم جوئيءَ جو عنصر به موجود هو، ڄڻ ته اهي طويل رومانوي ۽ عشقيه قصا اڳتي هلي مغربي ناول جي اثر هيٺ سنڌي ناول جو پيش خيمو بڻيا.
سنڌي ناول جي تاريخ ڏيڍ صدي مس ٿيندي. يعني انگريز دؤر ۾ سنڌي ادب ۾ پهريون ناول ڊاڪٽر جانسن جي انگريزي ناول ‘راسيلاس’ جي ساڳئي نالي سان ترجمو آهي، جيڪو منشي اُڌارام ٿانوداس ۽ ساڌو نولراءِ 1870ع ۾ ڇپرايو. ‘راسيلاس’ ارڙهين صديءَ جي بنيادي انگريزي ناولن مان آهي، جنهن ۾ شهنشاهيت ۽ خدائي خوف جي پرچار آهي. ناول جو ٻيو موضوع تلاش ۽ کوجنا آهي، جنهن ۾حبش جي شهزادي راسيلاس ۽ ڀيڻس نيڪايا هڪ عالم ۽ استاد اَملاڪ سان گڏجي دنيا جو سير ڪرڻ جو تجربو ڪيو. هن ناول ۾ هوا ۾ اُڏامڻ جي اڳڪٿي به ڪئي وئي آهي. انگريز دور جي سنڌي ناول تي مذهب، معاشرت، تعليم، سياست، تاريخ سان گڏ ادبي تحريڪن جو به اثر رهيو آهي. هن دور ۾ ڪيترائي ناول ترجمو ٿيا. سنڌ جي هندو- مسلم ناول نگارن ۾ مرزا قليچ بيگ گهڻا ناول لکيا، جنهن کانپوءِ محمد عثمان ڏيپلائي، غلام احمد نظامي، قاضي خليق مورائي، محمد صديق ميمڻ، محمد صديق ‘مسافر’، لطف الله بدوي، ديوان پريتم داس، ديوان ڪوڙي مل، لعلچند امرڏني مل، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، صاحبسنگهه چنداسنگهه، ڊاڪٽر هه. م. گربخشاڻي، نانڪرام ڌرمداس، شيوڪ ڀوڄراج، ڄيٺانند ٿڌي مل، پرمانند تولارام، پروفيسر موٽو مل، تولارام گدواڻي، ميلارام واسواڻي، پروفيسر نارائڻ ڀنڀاڻي، سڳن آهوجا، پروفيسر رام پنجواڻي، آسانند مامتوراءِ، ديو سڀاڻي، گُلي سدرانگاڻي، ليلارام ولايتراءِ، گوبند مالهي، جڳت آڏواڻي، ايم. آر. مائيداساڻي، چوهڙ مل هندوجا، اندرا هميراڻي وغيره تمام گهڻا ناول لکيا. مرزا قليچ بيگ نه صرف اصلوڪا ناول لکيا، پر ڪيترا ناول ترجمو به ڪيا. سندس سمورا ناول سماجي ۽ اصلاحي آهن. هو ترجمي دوران سنڌي ماحول جو خاص خيال رکندو هو. ‘زينت ’ ناول (1890ع) کان اڳ هن 1885ع ۾ ‘رستم پهلوان’ ناول لکيو، جيڪو ايران جي هڪ قديم تاريخي ڪتاب تان ورتل قصو هو، جنهن کي هن ناول جو روپ ڏنو. هن ڪيترا قصا فردوسيءَ جي شاهنامي تان به ناول جي روپ ۾ ترجمو ڪيا. 1888ع ۾ قليچ بيگ جو لکيل طبعزاد ناول ‘دلارام’ بادشاهي دَور ۽ قصي تي مشتمل هو. جڏهن سندس ناول ‘زينت ’ شايع ٿيو ته اهو تاثر ڏنو ويو ته اهو ‘صحت النساءِ ’ نالي اردو ناول جو ترجمو آهي. ليڪن مرزا صاحب ‘صحت النساءِ ’ ڌار 1899ع ۾ ترجمو ڪري ڇپايو هو. هن ناول ۾ هڪ طرف مسلم سماج ۽ اُن جي ريتن رسمن جو عڪس آهي ته ٻئي طرف عورت جي صحت جي مسئلن ۽ مونجهارن کي به بيان ڪيو ويو آهي. مرزا قليچ بيگ جو ٻيو طبعزاد ناول ‘زينت ’ 1890ع ۾ ڇپيو. ‘زينت ’ جديد ناول جو پهريون مثال آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪندي سنڌي ماحول ڏيکاريل ۽ مدي خارج رسمن جي نندا ٿيل آهي. 1892ع ۾ ديوان پريتمداس حڪومتراءِ، طبعزاد ناول ‘عجيب ڀيٽ’ لکيو. ‘زينت ’ کانپوءِ هي ٻيو حقيقت نگاريءَ تي ٻَڌل ناول هو، جنهن ۾ اُن دور جي حيدرآبادي عاملن ۽ ڀائيبندن جي پنگتي (گهريلو) رسمن رواجن ۽ تعليمي، اخلاقي ۽ ڌرمي جيوت تي روشني وڌل آهي. مرزا قليچ بيگ ‘گلن جي ٽوڪري’ (1890)، ‘ٽي گهر’ (1912)، ‘جولئن هوم’ (1919) ۽ ‘غلاميءَ کان مٿي چاڙهو’ جهڙا ناول ترجمو ڪري ناولن ۾ حقيقت نگاريءَ کي رائج ڪيو.
زينت ’ ۽ ‘عجيب ڀيٽ’ کانپوءِ سماجي حقيقت نگاريءَ تي ٻَڌل لعلچند امرڏنيمل جو ‘چوٿ جو چنڊ’ (1905ع) ۽ ‘ڀرم جي ڀلائي’ (1906ع) ناول سرسوتي مخزن ۾ ڇپيا. ان کان سواءِ سندس ناول ‘ڪشنيءَ جو ڪشٽ’ 1917ع ۾ ڇپيو.
پرمانند ميوارام (1866- 1938) سنڌي ادب جو وڏو خدمتگار هو. هن مضمون، لغت ۽ ترجمي سان گڏ ناول به لکيا، جن ۾ ‘هار جيت’ ۽ ‘هيرو گلو’ شامل آهن. ‘هار جيت’ نيڪيءَ بديءَ جي موضوع تي لکيل ناول آهي، جنهن ۾ معاشري جي اڍنگين رسمن تي طنز ڪيل آهي. ‘هيرو گلو’ هڪ دلچسپ دلسوز عبرت انگيز ۽ نصيحت آميز قصو آهي، جيڪو انگريز ناول نگار ‘ڪئنن سمٿ’ جي ناول ترجمو آهي. ناول جو ماحول سنڌي ماحول ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
ڀيرو مل مهرچند (1875- 1950) جو طبعزاد ناول ‘آنند سُندريڪا’ 1910ع ۾ ڇپيو. ان کانپوءِ 1917ع ۾ سندس سُک انت ناول ‘موهني ٻائي’ ڇپيو، جنهن ۾ هندو طرز زندگي ۽ سماجي مسئلا کنيا ويا هئا. 1915ع ۾ ڀيرومل مهرچند جو ناول ‘وريل ۽ نعمت’ ڇپيو، جيڪو مسلمانڪي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندڙ هڪ جاسوسي ناول هو. [هي ناول اڳتي هلي 1946ع ۾ ايم. آر. مائيداساڻيءَ ‘جاسوس’ نالي سان ٻيهر ڇپرايو.]
ساڳئي سال 1915ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو ناول ‘نورجهان’ ڇپيو، جيڪو سنڌيءَ جو پهريون طبعزاد تاريخي ناول آهي. 23-1922ع ڌاري عبدالخالق ‘خليق’ مورائيءَ ‘آڌارت’ هندو زندگيءَ تي ‘سُندري’، ‘ستيءَ جي سيتا’ ۽ ‘ڇترپتي’ ناول آندا، جيڪي آڳاٽي تاريخ جي پسمنظر ۾ هئا. هي ناول جيتوڻيڪ ‘چچ نامي’ تي آڌارت هئا، پر اُنهن ۾ هندو مسلم اختلافن تي زور ڏنل ۽ هندن لاءِ سخت ڪلامي پڻ هئي. منو تولارام گدواڻيءَ، هندو زندگيءَ تي 1925ع ۾ ‘واڻڪو وهنوار’، 1926ع ۾ ‘وِڌوا جي وارتا’ ۽ جاسوسي ناول ‘خونخوار خنجر’ ڇپايا.
خليق مورائي (1883- 1934) ورهاڱي کان اڳ وارن ناول نگارن ۾ اهميت رکي ٿو. سندس ناول سنڌ جي تاريخي، تهذيبي ۽ مذهبي پس منظر ۾ لکيل آهن. خليق مورائيءَ جو پهريون ناول ‘سُندري’ آهي، جيڪو تاريخي ناول آهي ۽ عربن هٿان 712ع محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيل فتح ۽ برهمڻ گهراڻي جي شڪست جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ناول ۾ ان دور جون ريتون رسمون، تمدن، معاشرتي اخلاق ۽ انساني جذبات کي به اُجاگر ڪيو ويو آهي. ‘سَتيءَ جي سيتا’ خليق مورائيءَ جي ناول ‘سُندريءَ’ جو ٻيو حصو آهي، جيڪو تاريخي تسلسل ۾ لکيل آهي، هن ناول ۾ راجا ڏاهر ۽ راجا ڏهرسين کانپوءِ وارا دور ڏيکاريا ويا آهن. هن ناول ۾ سومنات جي فتح جو پسمنظر پڻ آهي. انهيءَ ساڳئي سلسلي ۾ خليق مورائيءَ ٽيون ناول ‘ڇترپتي’ لکيو، جيڪو هڪ هندو ليکڪ جي ڪتاب ‘چتر سال’ جي جواب ۾ هو. 1934ع ۾ خليق مورائيءَ جو ناول ‘عبرت’ ڇپيو، هن ناول ۾ ڳوٺاڻن جي حقيقت ظاهر ڪئي وئي آهي، کين اڻ سڌيءَ طرح سُڌاري جي ترغيب پڻ ڏني وئي آهي. هن ناول ۾ جڙتو پيرن ۽ اڌ اکري مُلن تي پڻ سهڻي تنقيد ٿيل آهي. خليق مورائيءَ جو هڪ ٻيو ناول ‘نسيما’ آهي. هن ناول ۾ عجيب و غريب نموني محبت ۽ عشق جي تشريح ملي ٿي. ان کان علاوه ناول ۾ سماجي اصلاح کي به موضوع بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ ’درس آموز‘ سندس هڪ معاشرتي ناول آهي، جنهن ۾ اُن دور جي سماجي زندگيءَ کي کنيو ويو آهي.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ (1884- 1947) جو پهريون ناول ‘نورجهان’ آهي، جيڪو هڪ تاريخي ناول آهي. اهو ناول 1915ع ۾ آتما ڪندن مل پريس حيدرآباد طرفان ڇپرايو ويو هو. ‘نورجهان’ ناول موضوع، فَن فِڪر ۽ اسلوب بيان جي ڪري سنڌي ادب جي شاهڪار ناولن مان آهي. هن ناول جو پلاٽ هندستان جي مغل بادشاهه جهانگير ۽ نورجهان جي عشقيه قصي تي مبني آهي. هن ناول کي تاريخي ناول سان گڏوگڏ رومانوي ناول به چئي سگهجي ٿو.
ان کانپوءِ 1925ع ۾ مهراج وشنو شرما ‘ستيءَ جو تياڳ’ (جيون جي سچن واقعن تي مشتمل) ناول ۽ هڪ ننڍڙو ناول ‘سنڌ جو ٺوڳي’ لکيو، جن ۾ سليس سنڌي ڪتب آندي وئي. 1931ع ۾ عبدالرزاق عبدالسلام جو ناول ‘جهان آرا’ پڌرو ٿيو، جنهن جا ڪي ڪردار ۽ واقعا غير حقيقي هئا. هن ئي سال پرسرام شهاڻيءَ جو ناول ‘ڪملا’ به ڇپيو.
پروفيسر موٽو مل گدواڻيءَ به ناولن جي ترجمن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هُن مُلڪي سياست ۾ حصو ورتو ۽ سياسي سماجي ۽ اقتصادي موضوعن تي مضمون ۽ ڪتاب لکيا. 1922ع ۾ فرينچ ناول نگار وڪٽر هيوگو جي ناول ‘Les Miseralsles’ جو ترجمو ‘دکي انسان’ عنوان سان ڪيائين. 1923ع ۾ هن هندستان جي اڳوڻي وائسراءِ Lord lytton جي ناول ‘زئنوني’ جو ترجمو ساڳئي نالي سان ڪيو، جو مذهب ۽ فلسفي بابت هو.
1929ع ۾ غلام احمد نظاميءَ جو ترجمو ٿيل ناول ‘حور دمشق’ ڇپيو، جنهن ۾ اسلامي خليفي اول حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه جي دور جا واقعا، بن وليد'>خالد بن وليد جا ڪارناما، نمازين جي شجاعت همت ۽ توحيد کانسواءِ عشق محبت ۽ هجر، وصال جا دلفريب نظارا شامل هئا. محمد صديق ميمڻ اردوءَ مان راشد الخيريءَ جا ٻه ناول 1922ع ۾ ‘صبحِ زندگي تانحياتيءَ جو پهريون دور’ ۽ ‘شام زندگيءَ’ تان ‘حياتيءَ جو ٻيو دور’ ترجمو ڪيا.
شيوڪ ڀوڄراج جو 1933ع ۾ طبعزاد اصلاحي ناول ‘آشيرواد’ ۽ 1934ع ۾ ناول ‘دادا شيام’ ڇپيا. هي ناول هن سياسي هلچل دوران ڪانگريس جي پليٽفارم تان جيل وڃڻ وقت لکيا هئا ۽ ٻنهي جو ماحول ساڳيو سياسي آهي. ‘آشيرواد’ نئين جڳ جي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل پهريون ناول هو، جڏهن ته ‘دادا شيام’ اسڪولي جيوت بابت هو. 1937ع ۾ روچيرام سڏاڻيءَ هڪ سماجي ناول ‘آزاد خيال زالون’ لکيو، جيڪو بنگالي سماج ۽ جيوت تي آڌارت هو. 1937ع ۾ ميلارام واسواڻيءَ طبعزاد ناول ‘سشيلا’ ڇپايو، 1939ع ۾ ٻه ٻيا ناول ‘رتنا’ ۽ ‘سنجوتي’ ڇپيا، جيڪي گهريلو زندگيءَ بابت هئا. ان کان سواءِ 1941ع ۾ آسانند مامتوراءِ جو تخليقي ناول ‘شاعر’ ڇپيو، جنهن ادبي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي. هن ناول پڙهندڙن کي ڌرتيءَ جي ڌوڙ مان کڻي ڄڻ ته عرش تي پهچايو. هن ناول ۾ هندو نائڪ (هيري) جو ڪشميري مسلمان ڇوڪريءَ سان پيار ڏيکاريل آهي. هي پهريون نفسياتي (من وگيانڪ) ناول هو. 1941ع ۾ گُلي سدارنگاڻيءَ ‘اتحاد’ نالي ناول لکيو، جنهن ڪٽر هندن ۾ چوٻول مچائي ڇڏيو، جيئن آسانند مامتوراءِ جي ناول ‘شاعر’ ۾ سنڌي هندو ڇوڪرو مذهب مٽائي، ڪشميري ڇوڪريءَ سان شادي ٿو ڪري، ائين هن ناول ‘اتحاد’ ۾ هندو ڇوڪري، هڪڙي مسلمان نوجوان سان لانئون لهي ٿي. هن ناول ۾ سماج کان هٽي، انقلابي خيال وڏيءَ سوچ سان پيش ڪيا ويا هئا. 1942ع ۾ ٽهلرام آسودي مل جو سليس ۽ سپڪ سنڌيءَ ۾ لکيل ناول ‘ڏکن پٺيان سُک’ ڇپيو، جنهن ۾ ناول نگاريءَ جو فن گهٽ ۽ اخلاقي پرچار وڌيڪ هو. ساڳئي سال پيتامبر ڪشناڻيءَ هڪ سماجي ناول ‘پريم ٻنڌڻ’ لکيو، جيڪو پريم ڪهاڻيءَ تي مبني هو، پر ان ۾ پلاٽ جون ڪجهه ڪچايون هيون، پر ٻوليءَ ۽ عبارت جي خيال کان پختو ناول هو. 1942ع ۾ ئي چندو لعل جئسنگهاڻيءَ هڪ طبعزاد ناول ‘زندهه دل’ لکيو، جيڪو پريم ۽ شاديءَ جي مسئلي تي هو. 1943ع ۾ نرمل جيوتاڻيءَ جو ناول ‘بينا’ ڇپيو، جنهن ۾ اندر جي جذبن جي اپٽار هئي. ساڳئي سال 1943ع ۾ نوجوان ليکڪ نهچل واسواڻيءَ هڪ سٺو ناول ‘ڪشور موهني’ لکيو. 1944ع ۾ نرملداس فتح چند جو ناول ‘دلوراءِ جي نگري’ ڇپيو، جيڪو قديم زماني جي سنسڪرت ۽ اصطلاحي عبارت سبب پڙهڻ ۾ ڏکيو هو.
آسانند مامتورا پهريون ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار هو، جنهن پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ نفسيات ۽ جنسيات جي موضوعن تي لکيو. 1938ع ۾ هن ‘حليمان’ ناول لکيو. هي ناول هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ بابت هو، جيڪا هڪ وڏيري جي حوس جو شڪار ٿي، پوءِ هڪ سماجي ماڻهوءَ [ڪارڪن] وٽ پناهه وٺي پورهيتن لاءِ ڪم ڪري ٿي. سندس ٻيو ناول ‘شاعر’ هو، جيڪو 1941ع ۾ ڇپيو. هي تخليقي ناول هو.
ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ طبعزاد ناولن جا ليکڪ رام پنجواڻي ۽ نارائڻداس ڀمڀاڻي به هئا، جن هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا سُٺا ناول سنڌي ادب کي ڏنا. 1943ع ۾ رام پنجواڻيءَ جو ناول ‘قيدي’ پڌرو ٿيو، جيڪو هڪ راڳيندڙ جي امنگن ۽ آدرشن تي ٻڌل هو. ان کانپوءِ 1944ع ۾ هڪ انگريزي ڪهاڻيءَ کان متاثر ٿي هن ‘شرميلا’ ناول لکيو، جنهن ۾ گجراتي زندگيءَ جو هڪ پهلو باريڪ بينيءَ سان چٽيو ويو. 1945ع ۾ هڪ ٻيو ناول ‘لطيفه’ لکيائين، جنهن ۾ سنڌي مسلمان ڳوٺاڻن جي زندگيءَ جو عڪس مهارت سان چٽيائين. 1946ع ۾ هندستاني مشهور ناٽڪ ‘ديوار’ کان متاثر ٿي ‘اسان جو گهر’ ناول لکيائين، جنهن ۾ تمثيلي طور هندستان جي ورهاڱي ۽ آزاديءَ جي تصوير چٽيل هئي. 1947ع ۾ سندس ناول ‘چانديءَ جو چمچو’ ڇپيو، جنهن ۾ هندستان جي قومي آزاديءَ جو ذڪر ۽ پئسي جي پوڄارين جي نندا ٿيل هئي. 1942ع ۾ نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جو اصلوڪو ناول ‘مالهڻ’ ڇپيو، جنهن ۾ جهوني زماني جي موتن ۽ خودڪشين جو ذڪر هو. هن ناول جا خيال فلسفياڻا ۽ عبارت علمي هئي. 1943ع ۾ سندس هڪ بهترين ناول ‘وڌوا’ ڇپيو، جنهن ۾ هڪ هندو نوجوان تعليم يافته وڌوا عورت جا ڏک ۽ امنگون بيان ٿيل هيون. 1946ع ۾ سندس ٽيون ناول ‘غريبن جو ورثو’ ڇپيو، جيڪو هڪ ڳوٺاڻي ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولاون تي ٻَڌل ڪهاڻيءَ تي آڌارت هو. 1944ع ۾ ڄيٺانند لعلواڻيءَ اصلوڪو ناول ‘ميونسپل ڪائونسلر’ ڇپرايو. 1946ع ۾ نانڪرام ڌرمداس جو ناول ‘آرام محل’ چڱو سماجي ناول هو. 1947ع ۾ ج. ڊ. آهوجا جو ناول ‘راڻي ’ ڇپيو.
محـمـد عـثمان ڏيـپلائـيءَ ورهاڱي کان اڳ ڪيترائي ناول لکيا. هن ڪيترا مذهبي ۽ تاريخي ناول هندو ليکڪن جي جواب ۾ لکيا. ڏيپلائيءَ جي اسلامي تاريخي ناولن جو دور ڏهاڪو سال هليو، جي مسلمانن ۾ سياسي بيداريءَ جو ڪارڻ بڻيا. هي آريه سماجي هندن سان سندس مقابلي بازيءَ جو دور هو. آريه سماجي اديبن ڪيترا اهڙا ناول لکيا، جن ۾ مسلمان بادشاهن جي نجي زندگيءَ تي تلخ ۽ سخت انداز ۾ تنقيد ٿيل هئي. ڏيپلائيءَ جا ناول انهن جو ردعمل هئا. ڏيپلائيءَ 1939ع ۾ ادبي تاريخ جو منفرد ناول ‘نور توحيد’ لکيو، جيڪو اصل ۾ اردو اديب مولانا عبدالحليم شرر جي ناول ‘فردوس برين’ جو اضافن سميت ترجمو هو، جنهن ۾ رسول پاڪ صه جي زندگي ۽ اصلاحي تحريڪ کي پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ سنڌ جي وڏيرڪي روايتن تي به ڦٽڪار ٿيل آهي. سندس اسلامي تاريخ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول ‘سنگدل شهزادي’ (1939) جو پلاٽ منشي صادق جي ڪتاب ‘آرمينيا ڪا چاند’ تان ورتل آهي. هن 1939ع ۾ ‘گلستان حسن’ ناول لکيو. جيتوڻيڪ هي ناول ترجمو هو، پر ڏيپلائيءَ ان ۾ ڪجهه اضافا ڪيا. ڏيپلائي جيئن ته پيرن جي خلاف هو، ان ڪري بن صباح'>حسن بن صباح جي باري ۾ جيڪي ڪجهه غلط سلط پڙهيو هئائين، ان بنياد تي هي ناول لکيائين، جنهن کي اڳتي هلي گندو ڪتاب قرار ڏنائين. هي ناول ضبط ڪيو ويو. ڏيپلائي هندو ليکڪن جي ردعمل ۾ هڪ ناول ‘ڪُتي جو پٽ’ به لکيو. 1940ع ۾ سندس ناول ‘حور بغداد’ شايع ٿيو، جنهن ۾ بغداد جي تباهيءَ جو داستان ڏنل آهي. ساڳئي سال سندس ناوليٽ ‘شڪست حسن عرف فتح آمد’ شايع ٿيو. هي ناول نج تاريخي ۽ مسلمان سورمن تي لکيل آهي. 1940ع ۾ ‘نازنين سمرنا عرف يادگار ڪمال’ نالي سندس ناول شايع ٿيو. ان کان سواءِ ‘عصمت جي قيمت عرف فتح اسپين’، ‘آخري اميد’ ناول پڻ 1940ع ۾ شايع ٿيا. [آخري اميد ناول جا 1944، 1946ع ۾ پڻ ڇاپا پڌرا ٿيا.] 1941ع ۾ ‘آفريڪا جي شهزادي’ ناول شايع ٿيو، جنهن جا 1945 ۽ 1948ع ۾ به ڇاپا پڌرا ٿيا. اهڙيءَ طرح ‘نيل ڪنوار’ ناوليٽ 1941ع ۾ ڇپيو ۽ ان جا 1944ع ۽ 1946ع ۾ ڇاپا پڌرا ٿيا. سندس ناول ‘بلبل ايران’ 1942ع ۾ شايع ٿيو. ڏيپلائيءَ جو ناوليٽ ‘سوڊان جي سونهن’ 1942ع ۾ شايع ٿيو. هن 1942ع ۾ ‘رنگ محل'>ڏاهري رنگ محل’ ناول لکيو، جيڪو ڪٽر هندن طرفان ڇپايل ناول ‘مغل رنگ محل’ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. 1942ع ۾ ڏيپلائيءَ جا ٻه ناولَ ‘گمراهه دوست’ ۽ ‘دختر اسلام’ شايع ٿيا. 1944ع ۾ سندس ناولَ ‘چين جو چنڊ’ ۽ ‘شوڪت اسلام’ شايع ٿيا. ڏيپلائي صاحب جا 1947ع ۾ ٻه ناولَ ‘اورنگزيب جو انصاف’ ۽ ‘امان الله شهيد‘ شايع ٿيا. پوئين ناول ۾ انگريزن ۽ امير امان الله جي وچ ۾ 1919ع ۾ ٿيل عهدنامي هيٺ افغانستان کي هڪ آزاد ملڪ تسليم ڪرڻ جو ذڪر شامل آهي.
لطف الله بدوي (1903-1968)، شڪارپور جو مشهور اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي مطالعي سان رغبت رهي. هو نهايت وسيع مطالعي جو مالڪ هو. تاريخ جي موضوع سان کيس گهرو لڳاءُ هو. ان ڏس ۾ پاڻ ڪيترائي تاريخي مضمون، مقالا، ناول ۽ ڊراما قلمبند ڪيائين. هن جي ناولن ۾ ‘ڪامني’ سندس زندگيءَ جو پهريون لکيل ناول آهي. پاڻ جڏهن لائلپور، پنجاب ۾ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو، تڏهن فرصت جي وقت ۾ هيءُ ناول قـلمـبنـد ڪيو هـئائين، جو جنوري 1927ع ۾ شڪارپور جي ماستر ڪريم بخش ٽانوري ‘الحنيف پرنٽنگ پريس شڪارپور’ مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ناول ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي سومناٿ مندر تي ڪيل ڪاهن جو ذڪر آهي.
لطف الله بدويءَ ڪجهه جاسوسي ناول پڻ لکيا، جن مان ‘شيطاني چڪر ۽ بليڪ جي خوفناڪ لڙائي’، ‘قاتل ڪئميرا عرف ٽه رنگو جوڳي’ ۽ ‘شيطاني ٽولو عرف غيبي تهه خانو’ گهڻو مشهور ٿيا. 1926ع ۾ لطف الله بدويءَ جو ناول ‘عروس عجم’ جي نالي سان ليٿوگرافيءَ ۾ اسلاميه پريس سکر مان فقير عبدالله ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ناول عشقيه داستان تي مشتمل آهي. جنهن ۾ ايران جي هڪ عورت جي وفا واري پهلوءَ کي نروار ڪيو ويو آهي. ساڳيو ئي ناول 60-1959ع ۾ ‘ابيلا’ جي نالي سان آر ايڇ احمد برادرس حيدرآباد پاران ٻيهر ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ان کان سواءِ 1961ع ۾ لطف الله بدويءَ جو صليبي جنگين جي پس منظر ۾ لکيل ناول ‘مجاهدين’ جي نالي سان آر. ايڇ احمد برادرس حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ناول 488 صفحن تي مشتمل آهي.
پروفيسر رام پنجواڻي (1911-1987) اعليٰ درجي جو ناول نگار هو، جنهن جا اصلوڪا ۽ ترجمو ٿيل 9 ناول ڇپيل آهن، جن مان 6 سنڌ ۾ ۽ ٽي هند ۾ لکيائين. سندس اصلوڪن/ طبعزاد ناولن: ‘قيدي’ (1943) ۾ سنگيت ۽ چترڪاريءَ جا اعليٰ امنگ ڏيکاريندڙ بيان شامل آهن. ‘لطيفه’ (1954) ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي مسلمان عورت جي زندگيءَ جي ڪٿا انتهائي همدردانه انداز ۾ پيش ڪيل آهي. ‘زندگي يا موت’ (1952) ۾ سنڌ مان لڏي آيل شرنارٿين جي ڪئمپن واري زندگيءَ جو ماحول ڏنو ويو آهي. ‘آهي نه آهي’ (1955) ناول ۾ خدا جي تصور تي بحث ڪيو ويو آهي ۽ ‘شل ڌيئر نه ڄمن’ (1957) شاهڪار ناول ۾ سنڌ جي سماجي ۽ معاشي مسئلن جو ذڪر ڪندي ڌيئرن جي ڏيتي ليتي، ڏاج ۽ غلط رسمن کي ننديو ويو آهي. ان کان سواءِ رام پنجواڻيءَ جو ناول ‘پدما’ (1939)، انگريزي ناول نگار ‘هالڪين’ جي ناول ‘Eternal City’ جو ترجمو هو. سندس ناول ‘شرميلا’ (1944) گجراتي زندگيءَ جي پسمنظر ۾ لکـيـل هـو، جـنهن جي ڪـهاڻي ڪـنهن انگـريـزي ڪهاڻيءَ کان متاثر ٿي لکي وئي هئي. سندس هڪ ناول ‘اسان جو گهر’ (1946) جي رٿا اصلوڪي هئي، جنهن ۾ تمثيلي طور هندستان جي آزادي ۽ ورهاڱي جي تصوير چٽيل هئي. سندس ناول ‘چانديءَ جو چمچو’ موضوع جي لحاظ کان ٻين ناولن کان بهتر آهي. هن ناول ۾ هڪ طرف ورهاڱي جو پسمنظر آهي ته ٻئي طرف ماڻهن جي ايمان وڪڻڻ وارو پس منظر ڏنو ويو آهي.
1946ع ۾ ڄيٺانند لعلواڻيءَ، بنڪم چندر چئٽرجيءَ جو هڪ اهم ناول ‘راجسنگهه’ ترجمو ڪري ڇپايو. تنهن کان سواءِ هن شرت چندر چئٽرجيءَ جا ٽي ناول به ترجمو ڪيا، جن ۾ ‘ڳوٺاڻو سماج’ (1941)، ‘برهمڻ ڪنيا’ (1947) ۽ ‘شيدا’ شامل آهن. ساڳئي سال ڄيٺانند ٻه ٻيا ناول به ترجمو ڪري ڇپرايا، جن ۾ ‘شريڪانت’ ۽ ‘چرتر هيڻ’ شامل آهن. ڄيٺانند لعلواڻيءَ، بنڪم چندر چئٽرجيءَ کان وڌيڪ متاثر هو ۽ گهڻو ڪري سندس ئي ناول ترجمو ڪيائين، جيڪي هندو سماجي زندگيءَ تي آڌارت هئا.
گُلي سدارنگاڻيءَ (1906-1994)، سڀ کان پهرين 1938ع ۾ ٽئگور جي ناول جو ترجمو ‘گورا’ نالي سان ڪيو. هن ناول بابت مشهور اديب پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي راءِ آهي ته “هي هڪ مشهور پنگتي ۽ قومي ناول آهي، جنهن ۾ انگريز پيءُ ۽ هڪ هندستاني ماءُ مان پيدا ٿيل هڪ نوجوان جي جدوجهد بيان ٿيل آهي.” (سنڌي نثر جي تاريخ، ص 97). گُليءَ جو 1941ع ۾ ٻيو ناول ‘اتحاد’ ڇپيو، جنهن ۾ هندو مسلم اتحاد جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ ۽ مذهبي متڀيد کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هي ناول ان دور جي سياسي هلچل جي پسمنظر ۾ لکيل هو، جنهن تي ڪٽر پنگتي اڳواڻن گوڙ به ڪيو. هن ناول ۾ هڪ هندو ڇوڪريءَ جي هڪ مسلمان ڇوڪري سان شادي ڏيکاريل آهي. هن ناول ۾ پهريون ڀيرو راڄنيتي، آزاديءَ بابت انقلابي خيال، بردباريءَ سان ظاهر ڪيا ويا هئا. گلي سدارنگاڻيءَ جو هڪ ناول ‘آخري انقلاب’ (1979) ڇپيو، جنهن ۾ ٻن عورتن مالا ۽ مايا جي ڪهاڻي آهي، جيڪي ابتدا ۾ پراڻي دستورن مطابق زندگي گذارينديون هيون، پر اڳتي هلي جديد دور کان متاثر ٿي پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آندائون.
گوبند مالهي (1921-2001)، هند سنڌ جو نامور ڪهاڻيڪار، ڊرامانگار ۽ ناول نگار ٿي گذريو آهي. ورهاڱي کان اڳ گوبند مالهيءَ جا ٽي ترجمو ٿيل ناول شايع ٿيا، جيڪي ان دور جي باغي نوجوانن جي خيالن جي اُپٽار ڪن ٿا. انهن ناولن مان ‘ساٿي’، هندي ناول نگار يشپال جي قومي موضوع تي آڌارت ناول جو ترجمو هو، جڏهن ته ‘ڦاسيءَ جي ڪوٺڙي’ احمد نديم قاسميءَ جي ناول ‘چتر ليکا’ جو ترجمو هو، جنهن ناول جو مرڪزي خيال ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي پسمنظر ۾ هو، جنهن ۾ جنگ کي انسانيت لاءِ تباهي ۽ بربادي ڄاڻايو ويو آهي. هي ٻئي ناول 1946ع ۾ ڇپيا، جڏهن ته 1947ع ۾ مشهور هندي ليکڪ آنچل جي ناول جو ترجمو ‘انقلابي شاهراهه’ جي نالي سان ڪيائين، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ سڀني ماڻهن جو متحد ٿيڻ ضروري آهي. گوبند مالهيءَ پنهنجن شروعاتي ناولن ۾ ترقي پسند رجحان کي وڌايو، جنهنڪري سنڌي ناول ۾ ترقي پسند ڌارا شامل ٿي. گوبند مالهي ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جو ناميارو ناول نگار آهي، جنهن کي ناول سمراٽ سڏيو ويو آهي، جنهن جا طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل 25 ناول شايع ٿيل آهن.
جڳت آڏواڻيءَ (1913-2000) سال 1939ع ۾ ‘ڪهاڻي’ رسالو جاري ڪيو، جنهن افسانوي ادب (fiction) جي واڌاري ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. جڳت آڏواڻيءَ ڪيترائي ناول ترجمو ڪيا، جن ۾ شرت چندر جا ناول: ‘وڏي دادي’ (1939)، ‘شطرنج جو کيل’ ۽ ‘آخري التجا’ (1940) هئا. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ ‘آخري التجا’ کي شرت چندر جو بهترين ناول شمار ڪيو آهي. جڳت آڏواڻيءَ بنڪم چندر جي هڪ تاريخي ناول جو ترجمو ‘راجپوت رمڻي’ (1939) ڪيو. سندس ٻين ترجمو ڪيل ناولن ۾ ٽئگور جو ‘بگڙيل ڪٽنب’ (1940)، سر هال ڪين جو پهرين مهاڀاري لڙائيءَ بابت دل ڇهندڙ ناول Woman of Knockaloe جو ترجمو ‘آخري سفر’ (1939) شامل آهن. جڳت آڏواڻي سنڌي ناول ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. جڳت آڏواڻيءَ هر قسم جا ناول لکيا ۽ ترجمو ڪيا. مٿس بنگالي مذهبي ۽ سياسي حالتن جو اثر نمايان هو، ان ڪري هن وڌ ۾ وڌ بنگالي ناول ترجمو ڪيا.
ايم. آر. مائيداساڻي (ميلارام رنگو مل مائيداساڻي: جنم 1911) جو شمار سنڌي ادب جي وڏن ڪهاڻيڪارن، ڊرامانگارن، ترجمي نگارن ۽ ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو. ورهاڱي کان اڳ هن جا ڪيترا اصلوڪا ۽ ترجمو ڪيل ناول ڇپيل آهن. هن ڪيترا قسطوار جاسوسي ناول به ترجمو ڪيا. 1943ع ۾ سندس ترجمو ڪيل ناول ‘بغاوت’ ڇپيو. هي ناول ٽئگور جي ناول جي اردو ترجمي تان کنيو ويو هو. هن 1945ع ۾ اوملا ديويءَ جي قصي ‘ديش شيوڪ’ جو ناول جي صورت ۾ ترجمو ڪيو، جنهن ۾ ديس جي آزاديءَ جو موضوع هو. 1947ع ۾ ٽئگور جي ناول Two Sisters جو مرڪزي خيال کڻي سنڌي ماحول ۾ ‘ننڍي ڀيڻ’ نالي ناول لکيائين.
چوهڙ مل هندوجا پڻ ڪيترن بنگالي ناولن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا. چوهڙ مل ڏيارام هندوجا بابت منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته، هن تي شرت چندر چئٽرجيءَ جو خاص اثر هو ۽ ان جا وڌ ۾ وڌ ناول ترجمو ڪيائين. جن مان مکيه هئا: دادي (اصل ‘بڙي دادي’: 1939ع)، ‘آزاديءَ جو اپاسڪ’ (1940)، ۽ ‘جوالا’ (گرهه داهه). آزاديءَ جي اپاسڪ قومي آزاديءَ تي ٻڌل هڪ ناول هو، جنهن ۾ هڪ بنگالي نوجوان جو برما ۾ نوڪري ڪندي هڪ روشن خيال عيسائي ڇوڪريءَ سان پيار ڏيکاريل آهي. هي ناول گهڻي ڀاڱي ليکڪ جي آتم ڪٿا تي آڌارت آهي، پر ان ۾ راڄنيتي بحث مباحثا ۽ انقلابي ڪم ڏيکاريل آهن. جوالا ناول ۾ هڪ سناتني ڇوڪري ۽ برهمڻ ڇوڪريءَ جي محبت جو ذڪر آهي. چوهڙ مل، ٽئگور جي ڊگهي ناول The Wrek (نوڪا ڊوبي) جو ترجمو ‘طوفاني رنگ’ نالي ڪيو، جنهن ۾ سنسني خيز واقعا موجود آهن. هن ٽئگور جي ٻئي ناول ‘چوکير والي’ جو ترجمو ‘اک سور’ جي نالي سان ڪيو، جيڪو ترجمو ٽئگور جي ان ناول جي ڪرشن ڪرپالاڻيءَ جي ڪيل انگريزي ترجمي ‘ونودنيءَ’ ۽ هندي اُلٿي ‘آنک ڪي ڪرڪري’ کي سامهون رکي ڪيو. اهڙيءَ طرح چوهڙ مل هندوجا ٽئگور جي ٽئين ناول جو ترجمو ‘سنجوڳ’ نالي سان 1963ع ۾ ڪيو. ان کان سواءِ پارو مل شرت جي هڪ سهڻي ننڍڙي ناول جو ‘للتا’ نالي سان 1939ع ۾ آزاد ترجمو ڪيو ۽ ساڳئي ليکڪ جي شاهڪار ناول ‘شريڪانت’ جا ٻه ڀاڱا به ترجمو ڪيائين، جيڪي 1947ع ۾ ڇپيا هئا.
تيرٿ ديو سڀاڻي (1906-1990)، انگريز دور ۾ ڪيترا ناول، خاص ڪري بنگالي ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن ۾ بدلو (1941ع)، ‘اڌيڪار’ (1942)، ‘مڪتي’ (1943)، ‘واپس’ (1944)، ‘قسمت’ (1945) ۽ ‘ڏڪار’ (1945)، ‘دل ڪر درخت دستور’ (1964) وغيره شامل آهن. هن جيڪي ناول ترجمي لاءِ چونڊيا، تن ۾ معاشي ۽ معاشرتي موضوع وارا ناول شامل هئا. ان دور ۾ بنگالي ادب ۾ آزاديءَ جي لهر، پراڻي اقتصادي نظام کان نفرت، ڪميونسٽ نظرين جو وڌندڙ اثر سياسي ۽ تاريخي موضوع ڇانيل هئا. ان ڪري تيرٿ ديو سڀاڻيءَ وڌ ۾ وڌ بنگالي ناول ترجمو ڪيا.
ورهاڱي کان اڳ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ناول: 19 صديءَ جي آخر ۾ ڪجهه انگريزي ناول ترجمو ٿيا، جن ۾ 1870ع ۾ انگريز ناولسٽ ڊاڪٽر جانسن جي ناول ‘راسيلاس’ جو ساڳئي نالي سان ترجمو ساڌو نولراءِ ۽ منشي اڌارام ٿانورداس گڏجي سهڻيءَ سنڌيءَ ۾ آندو. 1891ع ۾ ساڌو هيرانند، سر والٽر اسڪاٽ جي مشهور تاريخي ناول Talisman جو ‘طلسم’ نالي سان ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ‘سرسوتي’ مخزن ۾ قسطوار ڇپايو، پر سندس اوچتي ديهانت ڪري اهو اڻپورو رهجي ويو ۽ 1927ع ۾ ڪاڪي ڀيرو مل ان ناول جو ترجمو مڪمل ڪري ڇپايو.
ويهين صديءَ جي شروعات ۾ مرزا قليچ بيگ مغربي ادب جي ڪجهه ناولن جا ترجما ڪري سنڌي ادب ۾ ناولن جو واڌارو ڪيو. جهڙوڪ: 1911ع ۾ Morier جي ايراني زندگيءَ تان ورتل ناول جو ترجمو ‘حاجي بابا اصفهاني’، ساڳي ئي سال جرمن ناول Basket of Flowers جو ترجمو ‘گلن جي ٽوڪري’، Conen Doyle جي جاسوسي ناول جو ترجمو ‘شرلاڪ هومز جا عجيب غريب ڪم’ (1911)، Farrar جا مشهور ناول ‘ٽي گهر’، ‘ايرڪ’ ۽ ‘جولئن هوم’ (1912، 1913)، هڪ انگريزي ناول جو ترجمو ‘راحيل’ (1914)، Jonathan Swift جي قصي تان ‘گليور جو سير ۽ سفر’ (1920)، ناولLord Beaconsfield’s Henrietta Temple جو ترجمو ‘سچي محبت’، Daiel Defoe جي ناول ‘رابنسن ڪروسو’ جو ساڳئي نالي سان ترجمو (1922)، Arabian Nights تان ‘سنڌباد جهازي’ ۽ انگريزي ناول ‘سئنڊفورڊ ۽ مرٽن’ جا ترجما (1924) وغيره.
اهڙيءَ طرح نانڪرام ڌرمداس، مشهور فرينچ ناول Count of MonteCristo Dumas جو اختصار ‘حسد جي هاڃ’ (1912)۽ آمريڪي پريزيڊنٽ جارج واشنگٽن جي سوانح تي ٻڌل ناول From Log Cabin to White House جو ترجمو ‘لٽ تان پٽ تي’ ترجمو ڪيا.
احمد خان جلباڻيءَ مشهور انگريز ناول نويس Reynolds جي ڪتاب Leila or Star of Mingrolta جو ترجمو ‘نينهن نڀاوڻ’ نالي سان ڪيو. ساڳئي ليکڪ جي ٻئي ناول جو ترجمو مُکي سيرو مل ‘ستاري منگريلا’ نالي سان 1915ع ۾ ڪيو، جنهن ۾ ڪوهه قاف جي پسگردائيءَ جو هڪ رومانوي داستان آهي. رينالڊس جا ٻه دکدائڪ ناول ‘جوز فولمٽ’ ۽ ‘ميري پرائيس’ ڄيٺانند ٿڌي مل 1920ع ۾ ترجمو ڪيا. منگهارام ملڪاڻيءَ رينالڊس جي هڪ ننڍي ناول Young Fisherman جو ترجمو ‘گم ٿيل صندوقڙيءَ’ جي نالي سان 1924ع ۾ اسٽوڊنٽ اخبار ۾ ڇپرايو.
1914ع ۾ لعلچند امرڏنيمل، ڄيٺمل پرسرام ۽ ٻين گڏجي حيدرآباد، سنڌ ۾ ‘سنڌي ساهت سوسائٽي’ برپا ڪئي، جنهن جي ماهوار رسالن ۾ ڪي طويل آکاڻيون (ناوليٽ) شايع ٿيا. 1922ع ۾ نامور سنڌي اديب ڄيٺمل پرسرام ‘نئين سنڌي لائبرري’ قائم ڪئي، جنهن ۾ پروفيسر مـوٽـو مل گـدواڻيءَ، مشهور فـريـنچ نـاول نگار Victor Hugo جـو نـاول Les Miserables تان ‘دُکي انسان’ 1922ع ۽ ٻيو انگريزي ناول نويس Lord Lytton جي ناول ‘زئنوني’ (1923) جو ترجمو ڪري ڇپايا. ڄيٺمل پرسرام شيڪسپيئر جي ٻن مشهور ناٽڪن: Tempest جو ‘طوفان’ نالي سان ۽ Measure for Measure جو ‘حسابي حساب’ نالي سان ترجمو ڪيو.
اهڙيءَ طرح لعلچند امرڏنيمل قديم جرمن ٻيلائي زندگيءَ جي ڳوٺاڻي پريم ڪهاڻي ‘سون ورنيون دليون ’ عنوان سان 1925ع ۾ ناول جي صورت ۾ ترجمو ڪئي. اهڙيءَ طرح روماني ڪرستانن جي عيسائي مذهب تان قربان ٿيڻ جي ڪهاڻي ‘سچ تان صدقي’ ترجمو ڪري ناول جي صورت ۾ 1940ع ۾ ڇپائي.
ايس جي. ڪوآپريٽو سوسائٽي حيدرآباد جي بانيڪار ليلارام ولايتراءِ مشهور انگريزي ليکڪا Mrs. Henry Wood جا ناول ترجما ڪيا، جن مان ‘ايسٽ لِن’ (1924ع)، ‘هئليبرٽن جا ڏاکڙا’ ۽ ‘ڊينسبري آڪهه جو قصو’ نئين سنڌي لئبرريءَ ڇپائي پڌرا ڪيا.
ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ غلامن جي آزاديءَ بابت مشهور آمريڪي ناول نگارMrs. Stowe جي ناول ‘Uncle Toms Cabin’ جو 1928ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ‘گولن جا گوندر’ نالي ڇپايو. 1930ع ۾ پرنسپال صاحبسنگهه شاهاڻيءَ مشهور انگريزي مصنف Thomas Hardy جو ناول ‘The Mayor of Casterbridge’ جو ترجمو ‘بلو کوکر’ نالي سان سنڌي ڳوٺاڻي مسلم زندگيءَ سان ٺهڪائيءَ ترجمو ڪيو. ان ساڳئي ليکڪ جي ٻئي ناول ‘Two on a Tower’ جو ترجمو ‘تارن جو اڀياس’ نالي سان ڪري، هندو شهري زندگيءَ سان ٺهڪائي بيهاريو.
جڳت آڏواڻيءَ، انگريزي ناول نگار ‘سر هال ڪين’ جي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ بابت لکيل ناول ‘Woman of Knockaloe’ جو ترجمو ‘آخري سفر’ نالي سان ڪيو، جيڪو 1939ع ۾ ڇپيو. تيرٿ سڀاڻيءَ هڪ ٻي انگريزي ليکڪا ‘بارٿا ڪلي’ جو ناول Golden Heart ‘اچل پريم’ نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو 1939ع ۾ ڇپيو.
1939ع ۾ پروفيسر رام پنجواڻيءَ مشهور انگريزي ناول نگار ‘هال ڪين’ جي ناول ‘Eternal City’ جو ترجمو ‘پدما’ نالي سان ڪيو، جيڪو هندستاني زندگيءَ سان ٺهڪندڙ سياسي ناول هو. سال 1940ع ۾ نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ، ٿامس هارڊيءَ جي ناول ‘Tess of the Durbervilles’ جو ترجمو ‘پاپ ۽ پاڪيزگيءَ’ نالي سان ڪيو ۽ ان کي ڏيهي حالتن سان ٺهڪائي بيهاريو. 1942ع ۾ مولچند مسافر، آمريڪي ناول نگارِ پَرل ايس. بَڪ جي مشهور چيني زندگيءَ واري ناول ‘Good Earth’ جو ترجمو ‘ڌرتي ماتا’ جي نالي سان ڪيو. سندس هڪ ٻئي ناول ‘Patriot’ جو ترجمو تيرٿ سڀاڻيءَ ‘ديش ڀڳت’ نالي سان ڪيو، جيڪو 1945ع ۾ سندر ساهتيه وارن ڇپرايو. هن پَرل ايس. بَڪ جو هڪ ٻيو ناول به ‘سونهري پشپا’ نالي ترجمو ڪيو، جيڪو 1947ع ۾ ‘زندگي ’ رسالي ۾ ڇپيو.
1943ع ۾ نانڪ هنڱوراڻيءَ، فرينچ ناول نگار وڪٽر هيوگو جي هڪ ننڍڙي ناول جو ‘ڦاسي’ نالي سان ترجمو ڪيو. انگريزي ليکڪ
‘جان بنئن’ (John Bunyan) جي مشهور تمثيلي ناول ‘Pilgrim’s Progress’ جو ترجمو پرڀداس ڀيرو مل ‘سالڪ جو سفر ’ نالي سان ڪيو، جيڪو 1944ع ۾ سندس پيءُ ڀيرومل مهرچند سندس وفات کانپوءِ ڇپرايو. هڪ انگريزي ليکڪا جي ناول جو ترجمو ڪماري چندرا آڏواڻيءَ ‘پريم جيون’ نالي سان ڪيو، جيڪو سُندر ساهتيه 1946ع ۾ ڇپيو. 1946ع ۾ نارائڻداس ملڪاڻيءَ هڪ روسي ناول ‘بک’ جي نالي سان ترجمو ڪيو. ساڳئي سال هيرانند سوڀراج، هال ڪين جو ناول ‘White Prophet’ جو ‘انصاف’ نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو قديم مصر جي آزاديءَ لاءِ جنگ بابت دلچسپ ناول هو. 1947ع ۾ ڪماري اندرا هيمراجاڻيءَ، انگريزي ناول ‘Out of Bitterness’ جي هندي ترجمي تان سنڌيءَ ۾ ‘ٻه دليون’ نالي ترجمو ڪيو.
اهڙيءَ طرح هندستاني شاهڪار ناولن جا به ترجما ٿيا. ديوان ڪوڙو مل چندنمل کلناڻي (1844-1916) پهريون سنڌي عالم هو، جنهن بنگالي جاڳرتيءَ جي اثر هيٺ اچي جديد هندستاني ناول نويسيءَ جي ابي ‘بنڪم چندر چئٽرجي’ جون آکاڻيون ۽ ناول سلوڻي ۽ سپڪ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جنهن کانپوءِ ٻين بنگالي ليکڪن جو مواد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو رواج پيو.
ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ، بنڪم چندر جا جيڪي ناول ترجمو ڪيا، تن ۾ پهريون ناول ‘چندر مُکي’ هو، جيڪو سندس سرڳواس ٿيڻ کانپوءِ 1918ع ۾ ماسٽر بگي مل تلسيداس ڇپايو. اهڙيءَ ريت هن بنڪم چندر جي سماجي ناول Krishnakanta’s Will کي ڪوڙي مل ‘روهني’ نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو ڪوڙي مل ساهتيه منڊل گهڻو پوءِ 1937ع ۾ ڇپرايو. بنڪم چندر چئٽرجيءَ جي هڪ ٻئي راڄنيتي ناول ‘آنند مَٺ’ جو ساڳئي نالي سان مهراج ديودت ڪندارام ترجمو ڪيو ۽ 1926ع ۾ ڇپيو. ويرو مل ملاڻيءَ هريناٿ مجمدار جي بنگالي پنگتي ناول جو ترجمو ‘وجئه وسنت’ نالي سان 1926ع ۾ ڇپايو. منوهرداس ڪوڙيمل هڪ بنگالي سماجي ناول جو ترجمو ‘سروجني’ 1930ع ۾ ڇپرايو. مهراج دوارڪا پرساد شرما 1926ع ۾ ‘راجپوتي تلوار’ ۽ 1932ع ۾ ‘وير ڪماري’ تاريخي ناول هنديءَ تان ترجمو ڪري ڇپايا. سندس ٽيون ناول ‘سنڌي تلوار’ 1942ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سنڌ ديس جي تاريخ جو قصو ۽ محمد بن قاسم جي فتح کانپوءِ برهمڻ آباد جو احوال ڏنل آهي. 1929ع ۾ ديوان ڏيارام گدو مل هڪ سنسڪرت ڪٿا ‘نل دمينتي’ نالي سان ناول جي صورت ۾ ترجمو ڪري مڪمل ڪيو، جنهن جو ڪجهه حصو ضايع ٿيڻ ڪري ان کي ماستر سهجرام ٽهلرام ترجمو ڪيو ۽ 1926ع ۾ ڇپيو. 1930ع ۾ محمد صديق ميمڻ هڪ اردو ناول ترجمو ڪري ‘حياتيءَ جو پهريون دَور’ نالي سان 1930ع ۾ ڇپايو. 1942ع ۾ شامداس هيمنداس هڪ تاريخي قصو ناول جي صورت ۾ ‘اڪبر جي سخاوت ۽ راڻي پدماوتي’ لکي ڇپايو. ساڳئي ليکڪ ‘جهانگير جو انصاف’ پڻ ڇپايو، جيڪو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ترجمو ڪيل هو.
ميلارام منگترام واسواڻي (1901-1987) ڪيترا تاريخي ۽ قومي دلچسپ قصا ‘جادوناٿ سرڪار’ جي ڪتابن ۽ ڪرنل ٽاڊ جي ‘تاريخ راجسٿان’ وغيره تان کڻي ناولن جي صورت ۾ تيار ڪيا، جن ۾ ‘مهاراڻو پرتاب’ (1926)، ‘شيواجي’ (1927)، ‘راجا اشوڪ’ (1928)، ‘رنگ محل’، ‘شيش محل’ (1938) ۽ ‘انارڪلي’ وغيره شامل هئا. هن وڌ ۾ وڌ بنگالي ناول ترجمو ڪيا. ان کان سواءِ هندستان جي ٻين زبانن تان به ناول ترجمو ڪيائين. هن مشهور بنگالي اديب ‘رميش چندر دت’ جي ناول Slave Girl of Agra کي ‘آگري جي ٻانهي’ عنوان سان (1936 ۾) ترجمو ڪيو. هن رومانوي قصي ۾ شهزادي سليم ۽ مهرالنساءِ جي قصي جو شاندار نموني ذڪر آهي. اهڙيءَ طرح 1937ع ۾ ‘ڪمل ڪماري’ ناول ترجمو ڪيو ۽ ساڳئي سال يعني 1937ع ۾ ‘سشيلا’ نالي طبعزاد ناول لکيو، جيڪو هڪ بيواهه جي زندگيءَ تي ٻڌل آهي. 1939ع ۾ ميلارام جا ٻه ناول ‘رتنا’ ۽ ‘سنجوتي’ شايع ٿيا، جن مان پهريون ناول تاريخي ۽ ٻيو گهريلو موضوع تي آڌارت هو. هن شرت چندر چئٽرجيءَ جو ناول ‘سماجڪ بلوو’ نالي سان ترجمو ڪيو. اهڙيءَ ريت منشي پريمچند جي هڪ قصي جو اختصار ‘چندرپال’ نالي سان 1945ع ۾ ڪيو، جنهن ۾ هڪ ديش ڀڳت جي ڪهاڻي آهي. ميلارام جو تاريخي ناول ‘پتي ڀڳتي ’ 1941ع ۾ ڇپيو. هن ‘چندن چرن سين’ جي ناول جو ترجمو ‘نند ڪمار کي ڦاسي’ عنوان سان 1943ع ۾ ڪيو، جنهن ۾ انگريزن جا هندستان تي ٿيل ظلم تفصيلي طرح بيان ڪيل آهن. ميلارام ڪيترا پنگتي ناول به ترجمو ڪيا، جن مان گهڻائي منشي پريمچند جي هندي ناولن جي هئي. انهن مان مکيه هي ناول هئا:
نرملا (1931)، ‘خوني سماج’ (سيوا سڌن جو ترجمو: 1934)، شيش محل (1938)، ‘سکدار’، ‘منورما’، ‘ڪرم ڀومي’، ‘مايا ڄار’ (1940)؛ ‘چندر چڪور’، ‘هاري جيت’ (1943)، ‘شيوا جي’، ‘قرباني’ (1944)، ‘سنسار ليلا’، ‘رٺل راڻي ’ ، ‘چندن’، ‘منزل’ (1945)، ‘راجا اشوڪ’ (1948) وغيره وغيره.
سندر ساهتيه منڊل، ميلارام واسواڻيءَ جي ترجمن کان سواءِ ٻين جا ترجما به شايع ڪيا، جهڙوڪ: منشي پريم چند جي مشهور ناول ‘گئودان’ جو دولت ٽهلراماڻي ‘دکي هاري’ جي نالي ترجمو (1942)، دولت وشانت جو شرت چندر جي سماجي ناول جو ‘سواميءَ’ نالي سان ترجمو (1942)، ۽ هڪ گمنام مترجم جو ترجمو ڪيل ناول ‘هار جيت’ (1943)، بنڪم چندر جي هڪ سماجي ناول جو بي. اين. کٻڙ جو ترجمو ڪيل ناول ‘دولت جو دوکو’ (1945) وغيره.
‘ڪهاڻي ساهتيه منڊل’ جي بانيڪار جڳت آڏواڻيءَ به چڱا ناول ترجمو ڪيا، جهڙوڪ: شرٽ چندر جو ناول ‘وڏي دادي’ (1939)، بنڪم چندر جو هڪ تاريخي ناول ‘راجپوت پدمڻي’ (1939)، شرٽ چندر جا ناول ‘شطرنج جو کيل’ (1940) ۽ ‘آخرين التجا’ (1940)، ٽئگور جي هڪ پنگتي ناول جو ترجمو ‘بگڙيل ڪٽنب’ (1940).
1939ع ۾ ايم. آر مائيداساڻيءَ ‘ڪهاڻي’ رسالو جاري ڪيو، جنهن ۾ ٽئگور جي هڪ ناول جو اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ‘بغاوت’ نالي سان ڇپيائين. 1945ع ۾ ‘اُمل ديويءَ’ جي قصي کي ترجمو ڪري ‘ديش شيوڪ’ نالي ناول جي صورت ۾ شايع ڪرايائين. 1947ع ۾ ٽئگور جي Two Sisters نالي هڪ ننڍو ناول ‘ننڍي ڀيڻ’ عنوان سان ترجمو ڪيائين، جنهن ناول ۾ سنڌي ماحول ڏيکاريو ويو هو.
1940ع ۾ ڄيٺانند لعلواڻيءَ، ڀارت جيون ساهتيه منڊل کوليو ۽ بنڪم چندر جا ٻه مُکيه ناول ترجمو ڪري ڇپايائين. هڪ راجپوتن
جي اتهاس تي ‘راجسنگهه’ ۽ ٻيو سماج بابت ‘ديوي چوڌرياڻي’، جيڪو بي. ڊي. هيراننداڻيءَ ترجمو ڪيو. ڄيٺانند لعلواڻيءَ شرت چندر جا ٽي مکيه ناول به ترجمو ڪيا، جن ۾ ‘ڳوٺاڻو سماج’ (1941ع)، ‘براهمڻ ڪنيا’ (1947ع) ۽ ‘شڀدا’ (1947ع) شامل آهن.
1942ع ۾ ديارام سڀاڻيءَ ‘آشا ساهت منڊل’ شروع ڪيو، جنهن ۾ شرت چندر جي ٽن ناولن جا ترجما ڇپيا، جن مان ‘چنگاري’ ۽ ‘سدا سهاڳڻ’ هن خود سليس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جڏهن ته ٽيون ناول نانڪ هنڱوراڻيءَ ‘ڀاڀي’ نالي سان 1943ع ۾ ترجمو ڪيو. اهڙيءَ ريت آشا ساهتيه منڊل، هيمراجاڻيءَ جا ترجمو ڪيل ٽي ناول پڻ ڇپيا، جن ۾ جئندر ڪمار جو ناول ‘پرک’ (1943)، گجانند ماڊ گولڪر جو مرهٽي ناول ‘ڪانتا’ (1946) ۽ راڌاڪرشن پرساد جو هندي ناول ‘شارڌا’ (1947) شامل هئا.
بهاري لال ڇاٻڙيا (1923-2001) ‘زندگي پبليڪيشن ’ منڊل کوليو، جنهن ۾ شرت بابوءَ جو سماجي ناول ‘ويرداس’ (1947) ۽ ٽئگور جو سماجي ناول ‘ٻه ڀينر’ پاڻ ترجمو ڪري ڇپرايائين. ساڳئي سال ايم. آر. مائيداساڻيءَ ساڳئي ناول جو ترجمو ‘ننڍي ڀيڻ’ جي نالي سان ڪيو.
انگريزن جي دور ۾ ليلارام ولايتراءِ سپاهيملاڻيءَ (1906-1978) جو نالو وڏن ترجمي نگارن ۾ اچي ٿو، جنهن ڪيترا ڊراما، افسانا ۽ ناول ترجمو ڪيا. هن ڪي طبعزاد ناول به لکيا. هن جو ناول ‘ڊينسبري جو آڪهه’ سماجي ۽ گهريلو زندگيءَ تي آڌارت هو، جيڪو 1921ع ۾ ڇپيو.
هن مشهور انگريزي ليکڪا Mrs. Henry Wood جي انگريزي ناول Hall Burn’s Troubles جو ‘هئيلبرن جا ڏاکڙا’ عنوان سان ترجمو ڪيو، جيڪو 1922ع ۾ ڇپيو. هن Mrs. Henry Wood جـي هڪ ٻئي ناول ‘ايـسـٽ لِــن’ جو ترجمو به ڪيو، جيڪو ڄيٺمل پرسرام نئين سنڌي لئبرريءَ طرفان 1926ع ۾ ڇپرايو. هن 1927ع ۾ سر والٽر اسڪاٽ جي ناول Heart of Midlothian جو ترجمو ‘دلير دِل نينگر’ نالي سان ڪيو.
منشي پريم چند جي هڪ قصي جو اختصار ‘چندرپال’ نالي سان 1945ع ۾ ڪيائين ۽ شرت چندر چئٽرجيءَ جي سماجي ناول ‘سواميءَ’ جو ‘دولت وشانت’ نالي سان ترجمو پڻ 1942ع ۾ سُندر ساهتيه رسالي ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ 1943ع ۾ شرت چندر جي هڪ ٻئي ناول ‘هار جيت’ جو ترجمو ڇپيو. بنڪم چندر چئٽرجيءَ جي هڪ سماجي ناول ‘دولت جو دوکو’ جو بي. اين کٻڙ جو ترجمو 1945ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ بنڪم چندر جي مُکيه پنگتي ناول ‘ويش ورکش’ جو ترجمو ‘اُشـا’ نالي سان ۽ ٻين ناولن جا ترجما ‘رجني’ ۽ ‘چندر شيکر’ نالن سان پارو مل ڪيا. هن شرت چندر جي هڪ ننڍڙي ناول جو ترجمو ‘للتا’ نالي سان 1939ع ۾ پڻ ڪيو.
ان کانپوءِ ساڳئي ليکڪ جي نفسياتي ناول ‘شريڪانت’ جا ٻه ڀاڱا ترجمو ڪيائين. ان کان سواءِ هن رمڻ لال ڊيسائيءَ جو ناول ‘غريب جي دنيا’ پڻ ترجمو ڪري سُندر ساهتيه کان 1946ع ۾ ڇپرايو. رمڻ لال ڊيسائيءَ جو هڪ ٻيو ناول ‘پورنما’ جهامنداس مسافر ترجمو ڪيو، جيڪو سُندر ساهتيه 1947ع ۾ ڇپيو. نروپما ديويءَ جو ناول ‘تياڳ’ پارو مل 1940ع ۾ ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ رمڻلال ڊيسائيءَ جو ناول ‘لگن’ 1941ع ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪي رتن ساهتيه ڇپرايا. هري هنڱوراڻيءَ، هري نارائڻ آپٽي جي ناول تان ‘ٻُڏندڙ سورج’ جي نالي سان ترجمو 1946ع ۾ رتن ساهتيه کان ڇپرايو.
ڪجهه ناول ديو سڀاڻيءَ پڻ ترجمو ڪيا، جيڪي آشا ساهتيه وارن ڇپرايا، انهن ۾ ڪي. ايم منشيءَ جو ‘بدلو’ (1941ع)، چندر بندو پاڌيه جو ‘اڌيڪار’ (1942ع)، شانتا چٽرجيءَ جو ‘مُڪتي’ (1943ع)، نيهار بالا جو ‘واپس’ (1944ع)، سروج ڪماريءَ جو ‘قسمت’ (1945ع)، تارا شنڪر جو ‘ڏڪار’ (1945ع) ڇپيا. ان کان سواءِ آشا ساهتيه ۾ جڳت آڏواڻيءَ جو ترجمو ڪيل آشا ديوي متر جو ناول ‘زندگي ’ 1941ع ۾ ۽ نانڪ هنڱوراڻيءَ جو ترجمو ڪيل ڪي. اي. منشيءَ جو ناول ‘پرٿوي ولڀ’ 1946ع ۾ ڇپيا.
ڀارت جيون’ ۾ چندرسين جو ترجمو ڪيل ديوي ديال جو ناول ‘ريکا راڻي ’ (1945ع)، توتن ڪرپالاڻيءَ جو ترجمو ڪيل سيتا چيٽرجيءَ جو ناول ‘نيتابوس’ (1946ع)، موهني دوداڻيءَ پاران ترجمو ڪيل خواجه احمد عباس جو ‘ڊاڪٽر ڪوٽنس جي امر ڪهاڻي’ (1946ع) ڇپيا.
اهڙيءَ ريت گوبند مالهيءَ، يشپال جو ناول ‘ساٿي’ نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو 1946ع ۾ زندگي پبليڪيشنس منڊل ڇپيو. بهاري لال ڇاٻڙيا، موهن لعل سوپان جو ناول ‘پراشچت’ 1947ع ۾ ڇپايو. گوبند مالهيءَ انچل جو ناول ‘انقلابي شاهراهه’ ترجمو ڪيو، جيڪو 1947ع ۾ ڇپيو ۽ ڪشنداس جي ناول جو سندس ترجمو ‘انقلابي سپاهي’ نالي سان 1947ع ۾ ڇپيو. اهي ٽيئي ناول باغي ساهتيه وارن ڇپرايا. گوبند مالهي ۽ بهاري لعل ڇاٻڙيا جا ترجمو ڪيل ناول 1942ع واري آزاديءَ جي هلچل کان متاثر هئڻ ڪري سماجي، اقتصادي ۽ سياسي شعور سان ڀرپور هئا. ميلارام واسواڻيءَ 1942ع ۾ ‘سُندر ساهتيه سوسائٽي’ شروع ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ 1947ع تائين ڪيترا هندي ناول ۽ آکاڻيون هندي توڙي اردوءَ تان ترجمو ڪري ڇاپيا ويا.
ورهاڱي کانپوءِ ناولن جو پهريون دور:
ورهاڱي کان پوءِ گهڻا ناول محمد عثمان ڏيپلائيءَ لکيا. محمد عثمان ڏيپلائي اهڙو ناول نگار هو، جنهن تاريخي ۽ اسلامي ناول لکيا. هن مسلمان سُورهين بابت ناول لکڻ سان گڏ وقتي مسئلن، سماجي براين ۽ انقلابي موضوعن تي اصلوڪا ناول لکيا ۽ ڪجهه ترجما پڻ ڪيا. ڏيپلائي هڪ طرف پيرپرستيءَ خلاف ناول لکيا ته ٻئي طرف دنيا جي تاريخ مان ڪيترا موضوع کڻي ناول لکيا. سندس ورهاڱي کان اڳ وارن ناولن ۾ ‘نور توحيد’، ‘رنگ محل'>ڏاهري رنگ محل’، ‘مصطفيٰ ڪمال’، ‘گُلستان حَسن’ کانپوءِ به هن ڪيترا ناول لکيا، پر سندس ناول ‘سانگهڙ’ (1960) سنڌي ٻـوليءَ جو اهـم ناول آهـي. هن ناول جو مـوضوع انگريز دور ۾ هليل حُر تحريڪ جو پسمنظر آهي.
سنڌي ادب ۾ ٻئي نمبر تي گهڻا ناول محمد بخش جوهر لکيا. سندس ناول تفريح جو سامان مُهيا ڪندڙ ۽ جاسوسي آهن، جن ۾ ڪا به سماجي عڪاسي نه آهي. ان سلسلي ۾ سندس ناول ‘پڪو بدمعاش’، ‘دغا بازي’، ‘راج محل جا دروازا’ ۽ ‘لال چڪرو’ اهم آهن.
انجم هالائيءَ جو ناول ‘ڪاروان زندگي ’ 1952ع ۾ ڇپيو. 1952ع ۾ سراج، ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو ‘ڏکڻ مان ٿو سج اڀري’ نالي سان ڪيو، جيڪو محمد عثمان ڏيپلائيءَ ڇپايو. ان کان سواءِ الله بخش ٽالپر جا پڻ ڪجهه ناول ڇپيا، جن ۾ ‘پرديسيءَ جو پيار’ هڪ اصلاحي ناول هو. 1953ع ۾ غلام علي الانا جو اهم ناول ‘لاش’ ڇپيو. هي ناول حقيقت ۾ سماج کي وائکو ڪرڻ بابت آهي.
ان کانسواءِ عبداللطيف راز بُلڙائيءَ جا ڪيترا ناول شايع ٿيا، جن ۾ ‘گُناهه’، ‘گلبدن’، ‘بُک ۽ بيروزگاري’ ۽ ‘شرابي’ اهم آهن. سندس ناول سماجي ۽ معاشي زندگيء ۽ مسئلن جي عڪاسي ڪن ٿا.
سيد حافظ شاهه ناطق حُسيني پڻ ڪيترا معاشرتي ۽ رومانوي ناول لکيا، جن ۾ ‘عورت’، ‘ڏوهي ڪير’، ‘چلولي’ ۽ ‘وڇڙيل جو ميلو’ شامل آهن. منصور ويراڳيءَ جا پڻ ڪيترا ناول منظر عام تي آيا، جن ۾ ‘شام و سحر’ ۽ ‘سوري جنين سيج’ 1965ع ۾ ۽ ‘رت جا ڳوڙها’ 1971ع ۾ ڇپيا. منصور ويراڳيءَ ون يونٽ واري دؤر ۾ قومي تحريڪ جو مڪمل اثر قبول ڪيو، جيڪو سندس ناولن ۾ نظر آيو. محمد شفيع ‘انور هالائيءَ’ جو هڪ ناول ‘آواره’ 1955ع ۾ شايع ٿيو، محمد طيب نصرپوريءَ ڪجهه ننڍا ناول لکيا، جن ۾ ‘محبت ۽ فرض’ (1954)، ‘گردش افلاڪ’ (1960) ۽ ‘پيار جي شادي’ (1960) اهم آهن.
قاضي فيض محمد 1956ع ۾ ‘جنسار’ ناول لکيو، جنهن ۾ ورهاڱي ۽ سنڌ جي نج ٻهراڙيءَ جو پسمنظر ڏنل آهي. ان کان سواءِ سندس ‘سائنس فڪشن’ (Science Fiction) تي مشتمل ناول ‘ٻاويهه سئو ٻاويهه’ 1980ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سائنسي ايجادن ۽ ترقيءَ جي رفتار کي ڏسي مسقبل جي دنيا جو سماجي ڍانچو پيش ڪيو ويو آهي. سندس ناول ‘اڻڄاڻ’ 1994ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ سندس سوانحي اهڃاڻ ملن ٿا.
الله بخش محمد شعبان منگيءَ پڻ ڪيترا ناول لکيا، جن ۾: ‘ور وطن ڄائي’ (1961ع)، ‘اکڙيون اوجاڳيون’ (1965ع) ۽ ‘جميلا’ اهم آهن. سندس سڀئي ناول سياسي، سماجي، معاشي ۽ رومانوي پهلوئن کي چٽن ٿا. سومري فتح الدين بيدار مورائيءَ جا ناول اسلامي پسمنظر ۾ آهـن، جـن ۾ ‘حـقيـقـي عـلـم’ (1955ع)، ‘حـقـيـقـي دوسـت’ (1960ع)، ‘ڇوٽڪارو’ (1961ع)، ‘چوڏهين صدي’ (1961ع)، ‘عشق جي پوک’ (1963ع)، ‘جوڳيءَ جاڳايوس’ (1965ع)، ‘زهريلا ڏنگ’ (1970ع) شامل آهن.
محمد هاشم ‘لاوطن’ جا ٻه ناول ‘سونيتي ديوي’ (1958ع) ۽ ‘بلبل بنگال’ (1962ع) ۾ ڇپيا. اوائلي ناولن ۾ گل نصرپوري جي ناول ‘درياهه جي ڪپ تي’ 1960ع به وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. هي سماجي ناول هو، جنهن ۾ رومانوي پهلوءَ سان گڏ زندگيءَ جون لاهيون چاڙهيون بيان ڪيل آهن. بشير مورياڻيءَ جو ناول ‘اجنبي’ 1957ع ۾ ڇپيو ۽ عمرالدين بيدار جا ٻه ناول ‘وساريا نه وسرن’ (1962ع) ۽ ‘مهرو’ 1967ع ۾ ڇپيا.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ‘سوري آ سينگار’ (1963ع)، ‘شڪار’ ۽ ‘اڪيلي’ (ترجمو: 1974ع) ناول لکيا.
مشتاق علي انگريزي ادب جو استاد هو، جنهن ڪجهه ناول ترجمو ڪيا، جن ۾ ‘شعله عشق’ (1962ع) ۽ ‘جاڙا’ (1964ع) اچي وڃن ٿا.
طبعزاد ناولن جو ٻيو دور: سنڌي ناولن کي غير معمولي شهرت سراج ميمڻ ڏياري. هن تاريخي، معاشرتي مسئلن جي عڪاسي ڪندي ڪيترا ناول لکيا. سندس پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ 1971ع ۾ ڇپيو. هي تاريخي ناول آهي، جنهن ۾ ترخانن جي دور جي تاريخي واقعن کي سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن ناول ۾ جتي منظرنگاري ڀرپور انداز ۾ آهي، اتي ڪردارنگاري به موهيندڙ آهي. تاريخ کي ناول (فڪشن) جي روپ ۾ بيان ڪرڻ جو سنڌي ادب ۾ اهم ۽ ڀرپور تجربو آهي. ان کان سواءِ ڏيپلائيءَ جي ناول ‘سانگهڙ’ ۾ حر تحريڪ ۾ به تاريخ کي بيان ڪيو ويو آهي.
سراج جي ناول ‘پڙاڏو سو سڏ’ جو تسلسل ‘مرڻ مون سين آءُ’ 1985ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي ظلمن جي داستانن تي ٻَڌل آهي. هي تاريخي ناول آهي. ان کان سواءِ سندس ناولن جي ٽريالاجي ‘پياسي ڌرتي رمندا بادل’ جي نالي سان ٽن حصن ۾ ڇپي، جنهن جو پهريون ناول ‘منهنجي دنيا هيڪل وياڪل’ 1988ع ۾، ٻيو ناول ‘سڀ رنگ سانول'>تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول’ 1989ع ۾ ۽ ٽيون ناول ‘منهنجي دنيا مرگهه ترشنا’ 1990ع ۾ ڇپيو. هيءَ ناولن جي ٽريالاجي بعد ۾ 1994ع ۾ گڏيل صورت ۾ ڇپي. هي ناول سنڌ جي موجوده سياسي ۽ سماجي زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا.
ســنـڌي افـسـانوي ادب ۾ ‘شـعـور جـي وهـڪــري’ (Stream of consciousness) جو جديد رجحان آغا سليم متعارف ڪرايو. ان جو مثال سندس ناول ‘اونداهي ڌرتي روشن هٿ’ ۾ ملي ٿو. اهڙو هڪڙو مثال ماڻڪ جي ناول ‘رُڃ ۽ پڙاڏا’ ۾ به ملي ٿو.
آغا سليم پنهنجي ناولن ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ رومانيت کي نئون رنگ ڏئي پيش ڪيو. هن پنهنجي ناولن ۾ فرد جي تنهائي، محرومي ۽ سنڌي تهذيبي قدرن جي احساس کي منفرد انداز ۾ پيش ڪيو. ان سلسلي ۾ سندس ناول ‘روشنيءَ جي تلاش’ (1964ع)، ‘همھ اوست’ (1985ع) ۽ ‘اڻ پورو انسان’ (1985ع) اهم آهن.
سنڌي ناول کي سنڌ جي قديم تهذيب طرف وٺي وڃڻ ۾ علي بابا جو به وڏو ڪردار آهي. سندس ناول ‘موهن جو دڙو’ ان جو وڏو مثال آهي. اهو ناول علي بابا 1967ع ۾ لکيو، جيڪو ماهوار ‘روح رهاڻ’ مخزن ۾ 1968ع تائين قسطوار شايع ٿيو. ان رسالي تي بندش لڳڻ بعد هيءُ ناول ماهوار ‘نئين زندگي ’ رسالي ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ هي ناول ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ناول ‘موهن جو دڙو’ ۾ هن پنج هزار سال اڳ جي پراڻي تهذيب کي اهڙي ته خوبصورت منظرنگاريءَ سان پيش ڪيو، جو اسان جي اڳيان موهن جو دڙو اصل صورت ۾ سامهون اچي ويو. اهڙيءَ طرح سندس ‘سنڌباد جو سفر’ به هڪ شاهڪار ناول آهي.
مشهور مزاح نگار حليم بروهيءَ جو ناول ‘اوڙاهه’ 1975ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول جنسي مونجهاري جي موضوع تي آهي ۽ شعوري وهڪري واري رجحان ۾ کنيل آهي.
ماڻڪ جو نالو افسانوي ادب ۾ تمام اوچو آهي. هن جديد رجحانن ۽ لاڙن مطابق ناول لکيا. سندس ناولن ۾ وجوديت ۽ ذهني مونجهارن جا رجحان آهن. انهيءَ سلسلي ۾ سندس 1972ع ۾ لکيل شاندار ناوليٽ ‘لڙهندڙ نسل’، ۽ بعد ۾ لکيل ‘پاتال ۾ بغاوت’، ‘ساهه مُٺ ۾’ اهم آهن.
سنڌ جي برک ڪهاڻيڪار امر جليل جو ناول ‘نيٺ گونگي ڳالهايو’ (1994) سنڌ جي سياسي حالتن جي شاندار نموني عڪاسي ڪري ٿو.
1986ع ۾ نديم قاضيءَ جو ناول ‘رويو وهامي راتڙي’ ڇپيو، جنهن ۾ هڪ سانوريءَ جي ڏک ڀري ڪهاڻي آهي.
نجم عباسي سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ڪهاڻيڪار سان گڏ ناول نگار هو. هن ڪيترا اصلوڪا ناول به لکيا، جن ۾ سندس ڪهاڻين جو پڙاڏو نظر اچي ٿو. نجم عباسيءَ پنهنجي ناولن ۾ طبقاتي سماج جي چٽي عڪاسي ڪئي آهي. هو سرمائيداري نظام تي سخت چٿرون ڪري ٿو. ٻئي طرف سنڌ ۾ انقلاب، بين الاقواميت سيڪيولرزم، انساني قدرن ۽ سائنسي عملن جي اهميت تي زور ۽ استحصالي قوتن خلاف وڙهڻ جي ترغيب ڏي ٿو. ‘بلنديون’ سندس پهريون ناول 1984ع ۾ ڇپيو. سندس ٻيو ناول ‘پيار ڪهاڻي’ پڻ 1984ع ۾ ئي ڇپيو. اُن کانپوءِ ‘تلاش’ (1987ع)، ‘زلزلو’ (1988ع)، ‘ماسترياڻي’ (1988ع) ڇپيا.
رشيد ڀٽي، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، مزاح نگار، مترجم سان گڏ ناول نگار به هو. هُن ڪيترا ناول ترجمو ڪيا. سندس ترجمي
جي اها خاصيت رهي ته اهي ناول اصلوڪا لڳندا هئا. ‘پاپ ۽ پيڙا’ (روسي ناول)، ‘ويرين جي وسندي’ (ويٽنامي ناول)، ‘چتر ليکا’ (هندي ناول) سندس ترجمو ڪيل بهترين ناول آهن. ان کانسواءِ آمريڪي ناول نگار پرل ايس. بَڪ جي نوبل انعام يافته ناول جو ترجمو ‘ڀلاري ڀونءِ’ جي نالي سان ڪيو، پر مڪمل نه ڪري سگهيو، جو حياتيءَ ساڻس وفا نه ڪئي، جيڪو پوءِ ڪلال (لکاڏني خاصخيليءَ) مڪمل ڪيو ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڇپايو.
غلام نبي مغل سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب ۾ حقيقت پسندي (Realism) وارو اديب سمجهيو وڃي ٿو. جنس ۽ شهري رولاڪيءَ جا سچا پچا عڪس غلام نبي مغل اُڀاريا. سندس ناولن ۾ ‘عورت ۽ پيار’ (1965ع)، ‘اوڙاهه’ (1984ع)، ‘مون کي ساهه کڻڻ ڏيو’ (1999ع)، ‘وطن واويلا’ (2008ع)، ‘همھ منصور هزار’ (2012) شامل آهن. ‘عورت ۽ پيار’ فرينچ ناول ‘Woman and the Puppet’ تان ترجمو ڪيو ويو آهي.
اوڙاهه ناول هڪڙو فني ناول آهي، جنهن ۾ خارجي ۽ معروضي حالتون حاوي آهن. گڏوگڏ هن ناول کي پڙهڻ سان سنڌ جي ساڍا چار سئو سالا تاريخ سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو.
ان کان سواءِ غلام نبي مغل، پنجابي ليکڪ فخر زمان جي پنجابي ناول ‘بنديوان’ جو ‘قيدي’ نالي سان ترجمو ڪيو آهي. ‘مون کي ساهه کڻڻ ڏيو’ ناول سنڌ جي موجوده مسئلن جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪاروڪاريءَ کان وٺي سنڌ ۾ ٿيندڙ هاڃن ۽ سانحن کي هن ناول جو موضوع بڻايو ويو آهي. ‘دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ’ موضوع ۽ فن جي حوالي سان بهترين ناول آهي. هن ناول ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ جي چٽي تصوير ڏني وئي آهي. ‘وطن واويلا’ (2008ع) ناول سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي پسمنظر ۾ لکيل آهي. سندس ناول ‘همھ منصور هزار’ (2012) پڻ سنڌ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي.
قاضي خادم ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، مترجم ۽ محقق سان گڏ ناول نگار به آهي. قاضي خادم ڪجهه يورپي ناولن جي ترجمن سان گڏوگڏ طبعزاد ناول به لکيا آهن. سندس ناولن ۾ ‘پيار ۽ سپنا ’ (1977ع)، ‘درد جي خوشبوءِ’ (1981ع)، ‘جواري’ (دوستو وسڪيءَ جي ناول جو ترجمو)، ‘زوال’ (البير ڪاميو جي ناول جو ترجمو) ۽ ٻيا شامل آهن. قاضي خادم اردوءَ ۾ پڻ هڪ ناول ‘شمع هر رنگ ۾ جلتي هي’ لکيو هو، جيڪو 1962ع ۾ ڇپيو.
سنڌ جي نامور ليکڪ ولي رام ولڀ پڻ ڪيترا ناول ترجمو ڪيا آهن. هن 1978ع ۾ امرتا پريتم جي پنجابي ناول جو ترجمو ‘بند دروازو’ نالي سان ڪيو. ان کانپوءِ قرت العين جي ناول ‘سيتا هرڻ’ جو ساڳئي نالي سان ترجمو 1968ع ۾ ڪيو. البير ڪامئو جي ناول ‘Outsider’
جو ‘ڌاريو’ جي نالي سان ترجمو ڪيو، عابد سورتيءَ جي گجراتي ناول جو ترجمو ‘ڪارو ڪتاب’ جي نالي سان، سرويشر ديال سڪسينا جي هندي ناوليٽن جو ترجمو ‘سمهيل پاڻي’ ۽ ‘ڇتن ڪتن جو مسيحا’ جي نالي سان قرت العين حيدر جي ناول ‘آخري شب ڪي همسفر’ جو ‘پوئين پهر جا پانڌيئڙا ’ جي نالي سان ۽ ليو ٽالسٽاءِ جي ناول جو ترجمو ‘آئنا ڪرنينا’ جي نالي سان ڪيائين.
ڄـام سـاقـيءَ پڻ هڪ ناول ‘کاهـوڙي کـِجـن’ لکيو، جيڪو 1973ع ۾ ڇپيو.
طارق اشرف ڪهاڻين سان گڏ ناول به لکيو آهي. سندس ڪهاڻين جي ٽن مجموعن کان سواءِ هڪ ناول ‘ميرو ڌاڙيل’ به وڏي اهميت رکي ٿو، جيڪو 1980ع ۾ ڇپيو.
منظور عرساڻيءَ پڻ پنج ناول لکيا، جن مان ‘شرلاڪ هومز جو موت’ (ترجمو: 1962ع) ۽ ‘مجاهد’ (1964ع) ۾ ڇپيا.
ماهتاب محبوب، سنڌي ادب جي بهترين ڪهاڻيڪاره، ڪالم نگار، ناول نويس ۽ سفرناما نويس آهي. هن سنڌي ادب کي ٻه ناول ڏنا آهن، جيڪي نهايت مقبول ٿيا. سندس هڪ ناول ‘خواب خوشبوءِ ڇوڪري’ 1996ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو مٿئين ڪلاس (طبقي) جي عورتن ۾
رائج خرابين تان پردو کڻي ٿو. سندس ٻيو ناول ‘پيار پناهون ڇانورا’ 2001ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو گهريلو زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو. گڏوگڏ اسان جي معاشري تي پوندڙ ٻاهرين اثرن ۽ قدرن جي به عڪاسي ڪري ٿو.
مراد علي مرزا، ريڊيو پاڪستان سان وابسته رهيو. هو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامانگار، مترجم ۽ ناول نگار هو. هن گئبريل گارشيا مارڪيز جي نوبل انعام يافته ناول ‘One Hundred Years of Solitude’ جو ‘اڪيلائيءَ جا هڪ سؤ سال’ نالي سان 2000ع ۾ ترجمو ڪري ڇپايو. جڏهن ته سندس هڪ ناوليٽ ‘رت ورني رات’ 1965ع ۾ ‘نئين زندگيءَ’ ۾ قسطوار ڇپيو. ان کان سواءِ مراد علي مرزا جو هڪڙو طبعزاد ناول ‘سامي سڄ وڙاءُ ’ 2008ع ۾ ڇپيو. هي ناول شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح عمريءَ تي جوڙيل آهي. ان کان اڳ ڀٽائيءَ جو ڪردار مختصر نموني آغا سليم پنهنجي ناول ‘هم اوست’ ۾ به پيش ڪيو آهي.
قبول ابڙي سنڌيءَ ۾ پنج ناول لکيا، جن ۾ ‘ڊنل اکين جا خواب’ (1987)، ‘ڌرتيءَ جي جنگ’ (1987)، ‘جيون جيون سڏڪا سڏڪا’، ‘ٽڪنڊو’ (1993)، ‘پنهنجي گهر ۾ اجنبي’ (2010) شامل آهن. سماجي مسئلن کي ناول جي روپ ۾ پيش ڪرڻ ۽ مُنڍ کان آخر تائين تسلسل ۽ دلچسپي کي برقرار رکڻ قبول ابڙي جي خاص مهارت آهي.
عمر ميمڻ پڻ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ناول ترجمو ڪيا، جن ۾ آمريڪي ناول نگار پرل ايس. بَڪ جي ناول ‘Good Earth’ جو ترجمو ‘سون ورني ڌرتيءَ’ جي عنوان سان ۽ شولوخوف جي ناول ‘Fate of Man’ جو ‘جنگ ۽ انسان’ جي نالي سان ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ هن ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو ‘ان داتا’، اگنات هرمينس جي ناول جو ترجمو ‘بي اولاد’ جي نالي سان ۽ ڪرشن چندر جي هڪ ٻئي ناول جو ترجمو ‘اٽو، لٽو ۽ اجهو’ جي نالي سان پڻ ڪيو. ارنيسٽ هيمنگوي جو ناول ‘پوڙهو ۽ سمنڊ’ جي نالي سان ۽ علي رضا جي ناول جو ترجمو ‘رام محمد ڊيسوزا’ جي نالي سان ڪيو. عمر ميمڻ ترقي پسند فڪر تي مبني ناولن جي چونڊ ڪري سنڌي ادب ۾ ان رجحان ۾ هڪ سٺو ڪردار ادا ڪيو.
ڪاظم علي ‘ڪاظم’ پڻ سنڌيءَ ۾ ناول لکيا، جن ۾ ‘عصمت’ (1964ع)، ‘اندر ۾ ابليس’ (1987ع) ۾ ‘۽ جڏهن جهنگلي جاڳيا’ (اڻ ڇپيل) شامل آهن.
علي محمد پرويز بنيادي طور ڪهاڻيڪار ۽ مترجم آهي. هن جرمني ۽ روس جي جنگ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول ‘اسپارٽيڪس’ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ انگريزي ناول Story of Real Man جو ترجمو ‘ڏونگر منجهه ڏيئو’ جي نالي سان ڪيائين. پرويز جو اصلوڪو ناول ‘لڙڪن آجا نيڻ’ 2006ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول لاڙ جي پسمنظر ۾ لکيل بهترين ناول آهي، جنهن جي ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپ آهي. ريتن، رسمن ۽ سماجي جوڙجڪ سان گڏوگڏ هن ناول ۾ سمنڊ وسيلي ٿيندڙ اسمگلنگ جو به ذڪر آهي. ترجمي جي حوالي سان پرويز اهڙن ناولن جي چونڊ ڪئي، جيڪي انقلاب، آزادي ۽ وطنيت جي موضوع تي مبني هئا ۽ ترجمي ۾ نهايت سولي ۽ سهڻي ٻولي ڪتب آندي، جنهنڪري ناول اصلوڪا لڳن ٿا.
غلام نبي گل سنڌيءَ ۾ ڪجهه ناول لکيا آهن، جيڪي سماج جي همعصر حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. سندس پهريون ناول ‘جيون پياسو سمنڊ’ (1997)، ٻيو ناول ‘نه راهون ساڻ هلنديون هن’ (2001) ۽ ٽيون ناول ‘جوڳي’ (2003)، چوٿون ناول ‘ٽٽل شيشو’ (2006) ۽ پنجون ناول ‘فاصله’ (2004) ۾ پڌرو ٿيو.
ملڪ آگاڻي سٺو ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏوگڏ ناول نگار پڻ آهي. سندس ناول ‘نيروليءَ جو ڪن’ (1987ع)، سج جا پاڇا (2008ع) شايع ٿيا. ان کان سواءِ سندس ناول ‘بغاوت’، ‘مون من موهيو’، ‘گمنام سپاهيءَ جي قبر’ ۽ ‘راجا اندر جي درٻار’ شايع ٿي نه سگهيا آهن.
بيدل مسرور بدويءَ جا معاشرتي ۽ سماجي ناوليٽ ‘راڻي ’ (1971ع)، ‘چاهتن جي ٽِواٽي تي’ ۽ ‘آءِ لو يو’ (ٻه جاڙا ناول: 1999ع) ڇپيل آهن.
عنايت رند ٻه ناول لکيا، جن ۾ ‘فراق’ (1990ع) ۽ ‘پَر ڪٽيل پکي’ (1992ع) ۾ ڇپيا.
ج. ع. منگهاڻي شاعره ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. سندس ناول ‘ڪهڙي منجهه حساب’ روزاني هلال پاڪستان ۾ 1982ع ۾ قسطوار ڇپيو، ان کانسواءِ ناول ‘رڃ’ (2006ع) هند ۽ سنڌ ۾ ڇپجي مڃتا ماڻي چڪو آهي.
محمد انور بلوچ ڪهاڻيڪار سان گڏوگڏ ناول نگار پڻ آهي. سندس ناول ‘آڪاش کان اڳتي’ (1998ع) ۾، ‘باک ڦُٽيءَ جو سوجهرو’ ۽ ‘دوزخ مان دري’ (2006ع) ۽ ‘ايلشبا’ (2014) شامل آهن.
طارق عالم ابڙو، ڪهاڻيڪار ڊرامانگار، ڪالم نگار طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس وڏي ۾ وڏي سڃاڻپ ناول ‘رهجي ويل منظر’ آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي.
محمود مغل، ڪمپيئر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊرامانگار آهي. محمود مغل جا ٽي ڪهاڻين جا مجموعا ڇپيل آهن، جڏهن ته ناولن ۾ ‘هٿ ريکائن کان خالي’، ‘سـرءُ’، ‘اسين جيئرا آهيون’ (ترجمو: 1992) ۽ ‘محبتن جا ٻه ناوليٽ’ (2015ع) ڇپيل آهن. ‘هٿ ريکائن کان خالي’ 1986ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو هڪ رومانوي ناول آهي.
اڪبر سومري جي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار جي آهي. هن 1996ع ۾ ‘شهر جي ڳالهه’ نالي ناول لکيو. ان کان سواءِ ‘کماچ’ نالي سندس ناوليٽ ماهوار امرتا ۾ ڇپيو.
اخلاق انصاري، ڪهاڻين سان گڏوگڏ ناول پڻ لکيو. سندس ناول ‘اڏوهي’ 2006ع ۾ ڇپيو. هي ناول ڀوڳنائن جو سفر آهي.
اهڙيءَ طرح اسحاق انصاريءَ جو ناول ‘خالي بينچ’ جي عنوان سان 2000ع ۾ ڇپيو. هي ناول طارق عالم جي ناول ‘رهجي ويل منظر’ جيان يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ مڪمل طور تي رومانوي ناول آهي.
پرويز ابڙي جي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار طور آهي، پر هن ٻه ناول لکيا آهن، جن ۾ ‘تون هڪ خواب آهين’ (2000ع) ۽ ‘نيريون اکيون سرمئي خواب’ (2001ع) شامل آهن.
سليم چنا ڪهاڻيڪار سان گڏ ناول نگار به آهي. سندس ڪهاڻين جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن جڏهن ته سندس ناولن ۾ ‘سحر’ (2007ع)، ‘برسات’ (2008ع)، ‘خوابن ۽ خيالن ۾ گم ٿيل ماڻهو’ (2009ع) ۽ ‘گيت خواب جهڙا’ (2009ع) شايع ٿيل آهن.
منصور ٿَلهي، شاعري ۽ ڪهاڻيءَ سان گڏ ناول به لکيا آهن، جن ۾ ‘جيون ليکا’ (2006ع)، ‘مٽي ۽ مهاڻا’ (2009ع) ڇپيا آهن.
شگفته شاهه جي سڃاڻپ چترڪار طور آهي، پر هن ڪهاڻي، ڪالم ۽ ڊرامي ۾ طبع آزمائي ڪرڻ سان گڏ ناول به لکيو آهي. سندس ناول ‘ٽڙندا ڳاڙها گل’ 2008ع ۾ ڇپيو، جيڪو هڪ رومانوي ناول آهي.
نوشاد ڪهاڻيڪار آهي. هن ٻاراڻي ادب ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس ناولن ۾ ‘رولو’ (2002ع)، ‘وارڊ نمبر 13’ (2003ع)، ‘ماسترياڻي’، ‘ٻيڪڙيل اک جي اوٽ ۾’ ۽ ‘هڪ چري ڇوڪري جو سينٽ ڪيل ايس. ايم. ايس’ شامل آهن.
مظهر ابڙي جي سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي آهي. هن جا ٻه ناول ‘جيون اُجاڙ رستا’ (2000ع) ۽ ‘درد جي آرپار’ (2007ع) ڇپيل آهن.
ورهاڱي کانپوءِ هند جي مشهور ناول نگارن جا ناول: گوبند مالهيءَ ناول لکڻ جي شروعات ورهاڱي کان اڳ ۾ ڪئي هئي. گوبند مالهي اٽڪل ٽيهه ناول لکيا. 1952ع ۾ ميڪسم گورڪيءَ جي ناول Mother جو ترجمو ‘ماءُ’ جي نالي سان ڪيائين. سندس پهريون طبعزاد ناول ‘آنسو’ 1953ع ۾ ڇپيو. 1953ع ۾ تارا شنڪر بئنر جي جو ناول ‘ڌرتي ماتا’ جي نالي سان ترجمو ڪيائين. ساڳئي سال چئندو ڪمار جو هندي ناول ‘سُنتان’ جي نالي سان ترجمو ڪيائين، 1956ع ۾ لينو تانگ جو چيني ناول ‘تانيءَ’ جي نالي سان ترجمو ڪيائين. 1953ع ۾ گوبند جا ٻيا به چار ناول آيا، جن ۾ ‘زندگيءَ جي راهه تي’، ‘جيون ساٿي’، ‘من جو ميت’ ۽ ‘پکيئڙا ولر کان وڇڙيا’ شامل آهن. 1954ع ۾ سندس ٻه ناول: ‘للڪار’ ۽ ‘چنچل نگاهون’ ڇپيا. 1955ع ۾ سندس شاهڪار ناول ‘عشق ناهي راند’ ۽ ٻيو ناول ‘لوڪ آهي ٻوڪ’ ڇپيو. 1956ع ۾ سندس ناول ‘شرم ٻوٽي’، ‘ديسي سيڻ ڪجن’، ‘سنڌوءَ ڪناري’ ۽ ‘هڪ انسان سئو طوفان’ ڇپيا. 1961ع ۾ سندس ناول ‘ڏيهي پرڏيهي’ ڇپيو. 1975ع ۾ سندس ناول ‘محبت جي راهه ۾’ ڇپيو، جنهن کانپوءِ ‘سوري ڀائين سيج’، ‘سونهن جو سوداگر’، ‘مسوريءَ جي راڻي ’ ، ‘ڀاڀي ۽ پيار جي پياس’ جهڙا ناول ڇپيا. هن جا ڪل 25 ناول ڇپيل آهن، جنهنڪري کيس ‘سنڌي ناول جو سمراٽ’ سڏيو ويندو آهي.
پوپٽي هيرانندڻي، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، نقاد، محقق، مترجم ۽ شاعره هئي. سندس پهريون ناول ‘منجو’ آهي، جيڪو 1950ع ۾ ڇپيو، جنهن کانپوءِ ‘حسرتن جي تربت’ (1961ع)، ‘جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات’ (1966ع) ۽ ‘سيلاب زندگيءَ جو’ (1981ع) ڇپيا.
موهن ڪلپنا، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ نقاد هو. پر هو سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ناول نگار به آهي. سندس پهريون ناول ‘آواره’ آهي، جيڪو 1953ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ ‘پيار ۽ پيڙا’ جو گڏيل احساس کولي بيان ڪيو ويو آهي. 1954ع ۾ موهن جو ٻيو ناول ‘لگن’ ڇپيو، جنهن کي پڻ هند توڙي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ملي. هي ناول هڪ آزادي پسند عورت جي شخصيت تي لکيو ويو آهي. 1956ع ۾ سندس ٽيون ناول ‘عورت’ ڇپيو، جيڪو هڪ رومانوي ناول آهي، 1973ع ۾ سندس ناول ‘مـاءُ’ ڇپيو، ان کانپـوءِ 1968ع ۾ ‘رڃ ۽ پاڇا’ ۽ 1975ع ۾ هندستان جي ورهاڱي جي پسمنظر ۾ هڪ ناول ‘جلاوطني’ ڇپيو. ان کان سواءِ ‘سمنڊ ۽ ڪانءُ’، ‘پيار جي پڇاڙي’ ۽ ‘وشواس’ به سندس سٺا ناول آهن.
چندو لعل جئسنگهاڻيءَ جو نالو هندستان جي وڏن سنڌي ناول نگارن ۾ شامل آهي. هن ‘سنڌي ناول جي ارتقا’ جي عنوان سان ٿيسز لکي پي. ايڇ. ڊي پڻ ڪئي، جيڪا 2004ع ۾ شايع ٿي چڪي آهي. سندس ناولن ۾ ‘زنـدهه دل’، ‘منهـنجـي شـادي’ (1954ع)، ‘بـگـو بئـريـسـٽر’، ‘پـهـاڙي چـوٽيون’ (1957ع)، ‘اپـراڌي’، ‘بادل ڀـومـي’، ‘ننگـي پنـج رنگي’، ‘اگـنـي’، ‘يوئر آنر’، ‘ساڌنا جو خونده بندي’، ‘اماس’، ‘استري ۽ ايرکا’، ‘پرش ۽ پيار’، ‘ڀن ڀن پن’، ‘گهر گهر هن’، ‘هڪ اهم ٻيو وهم’، ‘زندهه دل’، ‘چوڏهن ڏينهن’، ‘جنگ ۾ ماڌوري’، ‘دوکو ڊاڪٽر ديال جو’، ‘خون’ ۽ ٻيا شامل آهن.
موتي لعل جوتواڻي، سنڌي ٻوليءَ جو برک اسڪالر، لطيف شناس، نقاد، ناول نگار، ڪهاڻيڪار شاعر هو. هن سنڌيءَ ۾ پنج ناول لکيا، جن ۾ ‘اهي رشتا ناتا’ (1982ع)، ‘ڪوٺ’ (1985ع) ۽ ‘پيلي بتي’ (2006ع) کان سواءِ هڪ آتم ڪٿائي ناول ‘مان جوئي آهيان سو ئي آهيان’ شامل آهن.
ڪيرت مهرچنداڻيءَ ڪيترائي سنڌي ناول لکيا، جن ۾ ‘گناهن جي رات’ (1956ع)، ‘جواني ديواني’ (1957ع)، ‘رات ڏينهن’ (1958ع)، ‘سپنو ۽ حقيقت’، ‘الزام’، ‘نئون صبح’، ‘نئون گيت’ (1963ع) ۽ ‘انتظار’ (1974ع) شامل آهن.
ڪرشن کٽواڻيءَ جو ادبي سفر ورهاڱي کان اڳ ڪهاڻيءَ سان شروع ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان هليو ويو. هن ڪيترائي سنڌي ناول لکيا، جن ۾ ‘امر پيار’ (1961ع)، ‘منهنجي مٺڙي سنڌ’ (1962ع)، ‘ياد هڪ پيار جي’ (1978ع)، ‘وئرٿ زندگي ’ (1978ع)، ‘ست ڏينهن’ (1985ع)، ‘سرحد پار’ (1990ع) ۽ ‘ترندڙ بادل’ (1998ع) شامل آهن. ڪرشن کٽواڻيءَ پنهنجي ناولن ۾ سنڌ ڌرتيءَ سان پيار جو بي انت اظهار بيان ڪيو آهي. ان کان سواءِ سندس ناولن ۾ سماجي مسئلا ۽ عورت جي سماج ۾ حيثيت ۽ پيار جي شاديءَ وارا موضوع کنيا ويا آهن.
سُـنـدري اتـمچـنـداڻـيءَ کـي هـندسـتان جـي ‘سـنڌي خـاتـون اول’ ڪهاڻيڪاره چيو وڃي ٿو. هوءَ ڪهاڻيڪار سان گڏوگڏ ناول نگار ۽ مضمون نگار پڻ هئي. سندس ناولن ۾ ‘ڪِرندڙ ديوارون’ (1953ع) ۽ ‘هڪ سسئي، سئو سُور ’ (1965ع) شامل آهن. سندريءَ مختلف موضوعن سان گڏوگڏ نئين نسل ۽ پراڻي پيڙهيءَ جي وچ ۾ وڌندڙ فاصلن کي پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو.
موتي پرڪاش جي ناولن ۾ ‘انڌيرو اجالو’ (1954ع)، ‘ڪاليداس’ (ترجمو: 1953ع)، ‘ادينا’ (ترجمو: 1953ع) ۽ مزاحيه ناول ‘ڪاڪو ڪلو’ شامل آهن. موتي پرڪاش ترقي پسند سوچ رکندڙ ناول نگار هو.
هري موٽواڻيءَ جو جنم 1929ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ سندس وڏو ڪارنامو ‘ڪونج’ رسالو آهي. سندس اهم ناولن ۾: ‘ابـو’ (1985ع)، ‘اجهو’ (1986ع)، ‘ٻاهر نڪرڻ جو رستو’ (1995ع)، ‘ڪؤڙو سچ’ (2000ع) ۽ ‘ڀنگار’ (ناوليٽ: 2004ع) ڇپيا. سندس ناول ‘پاڻيارا پکي’ سنڌ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي.
لعل پُشپ جو جنم 1935ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ هندستان وڃي وسايائين. لعل پشپ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو باني آهي. ان کان سواءِ ناول نگار، مضمون نگار ۽ نقاد آهي. سندس ناولن جي ٽريالاجي ‘هڪ سرد ديوار’ (1969ع)، ‘اها ديوار آسمان تائين’ (1981ع)، ‘منهنجي آتم جو موت’ (1973ع)، ‘تڏهن ۽ هاڻي’ (1975ع)، ‘پياري زندگي ’ ، ‘ڪـڇ نه ٿيـڻ جو حـادثـو’ (1982ع)، ‘اجـنـبـي‘ (ترجمـو) ۽ ‘آتم جـيـوڻـي’ (آتم ڪٿائي ناولن جي سيريز) 2002ع ۾ ڇپيل آهن.
ڪـلا پـرڪـاش برک اديب موتي پرڪاش جي گهر واري آهي. ڪلا جو ادبي سفر ورهاڱي کان اڳ شروع ٿيو. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا. سندس شهرت جو ڪارڻ سندس رومانوي ناول آهن، جن ۾ ‘هڪ دل هزار ارمان’ (1957ع)، ‘شيشي جي دل’ (1960ع)، ‘هڪ سپنو سکن جو’ (1972ع)، ‘حياتي هوتن ري’ (1975ع)، ‘وقت وٿيون’ ۽ ‘وڇوٽيون’ (1988ع)، ‘پيار’ (1999ع)، ‘پکن جي پريت’ (1999ع)، ‘آرسي ۽ پيار’ ۽ ‘سمنڊ ڪنارو’ (2004ع) شامل آهن.
ريٽا شهاڻي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعره، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. هن سنڌيءَ ۾ ڪيترا ناول لکيا آهن، جن ۾ ‘ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ’ (1985)، ‘چنڊ کان سج تائين’ (1987)، ‘پرهه جا پياڪ’ (1952)، ‘ڇُهي مئي’ (1995)، ‘گونگي گگن سان گفتگو’ (2001)، ‘ترڪڻا ترورا’ (2004)، ‘سُر ست ڏينهن '>ست سُر ست ڏينهن ’ (2004) شامل آهن. ان کان سواءِ سندس ناول ‘اڪٿ ڪهاڻي ڪبير’ 2009ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو تخليقي هجڻ سان گڏوگڏ تحقيقي پڻ آهي.
گوبند خوشحالاڻي، سنڌي ادب ۾ هڪ نامياري ناول نگار طور سُڃاتو وڃي ٿو. سندس ناولن ۾: ‘پاڻ هرتڙيون مايون’ (2002ع)، ‘هڪ دفعو وري’ (2003ع)، ‘گلستان غليظ ٿي رهيو آهي’ (2004ع)، ‘ملڪ ته منهنجو’ (2004ع)، ‘پيار ۾ پاڻ ڪهڙو’ (2005ع)، ‘دل ڪر درخت دستور’ (2007ع) شامل آهن. سندس ناولن جو ماحول ۽ ڪردار نج سنڌي آهي، جن ۾ پنهنجائپ وارو احساس ٿئي ٿو.
هري همٿاڻي بهترين ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. سندس ناولن ۾: ‘اڀاڳڻ’ (1954ع)، ‘سوني رات’ (1955ع)، ‘آشا’ (1955ع)،
آس نراس’ (1957ع)، ‘پروفيسر’ (1958ع)، ‘پيار روئي ڏنو’ (1960ع)، ‘رات جو ٻيو پهر’ (1982ع)، ‘گل جلن پيا’ (1981ع)، ‘ماضيءَ جو ڏنگ’ (1991ع) ۽ ‘سيما’ شامل آهن. سندس ناول هندو سماج جا ناول آهن،
جن ۾ درد، پيڙا، پيار، معاشي، معاشرتي مسئلا ۽ وجودي فڪر اچي وڃي ٿو.
پرم ابيچنداڻي ڪهاڻيڪار، مترجم، مضمون نگار ۽ ناول نگار آهي. هن سنڌيءَ ۾ ڪيترا ناول لکيا آهن، پر سندس ٻه ناول مروج ڌارائن کان بنهه الڳ آهن، جن ۾ ‘جهرڻا’ (1962ع) ۽ ‘چٻون’ (1954ع) شامل آهن. ان کان سواءِ سندس ٻيا ناول ‘هڪ ڄر ٻه ڄڀيون’ (1964ع)، ‘ائين ئي’ (1988ع) ۽ ‘ڪايا پلٽ’ (2000ع) شامل آهن.
آنند ٽهلراماڻيءَ جو جنم 1932ع ڌاري ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ادبي دنيا ۾ هدايتڪار، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طور سُڃاتو وڃي ٿو، سندس ناولن ۾ ‘نرس’ (1956)، ‘آپا’ (1957) ۽ ‘بي داغ ديوتا’ (1984) شامل آهن.
ايشوري جوتواڻيءَ جو جنم 1936ع ڌاري سيوهڻ ۾ ٿيو. سندس ناولن ۾: ‘محبت جو تياڳ’ (1955ع)، ‘الفت جي آگ’ (1956ع) اهم آهن.
آنند کيماڻيءَ جو جنم سڌوجا ڳوٺ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ 1937ع ڌاري ٿيو. سندس ناولن جي ٽرائلاجي ‘انتر ياترا’ (2002ع)، ‘رشـتـن جـو ڌنـڌ’ (2003ع)، ‘اڻ لـتاڙيـل پيـچـڙا’ (2003ع) کان سواءِ ‘هڪ شخص جي واسنا’ (1970ع) شامل آهن.
آنند رامچند گولاڻيءَ جو جنم ڀاڳو ديري، ضلعي نوابشاهه ۾ 1925ع ڌاري ٿيو. سندس ناولن ۾: ‘مجو’ (1954ع)، ‘زندگي خواب آهي’ (1969ع) ۽ ‘پنهنجو موت’ شامل آهن.
نامور ناول نگار تارا ميرچنداڻيءَ جو جنم 1930ع ڌاري خيرپور ۾ ٿيو. سندس ناولن ۾ ‘هٺ يوگي’ (ٻه ڀاڱا: 1959)، ‘ڪومايل ڪلي’ (1950)، ‘اوشا’ (1958ع)، ‘لهرن جي گونج’ (1992ع)، ‘سورج جي پهرين ڪرن’ (1988ع) شامل آهن.
داس طالب جو جنم 1928ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس ناولن ۾ ‘انسپيڪٽر جنرل’، ‘چيخ’ ۽ ‘وندانا’ (1961ع) شامل آهن.
شيام جئسنگهاڻيءَ جو جنم 1937ع ۾ بلوچستان ۾ ٿيو. سندس ناولن ۾ ‘کاهيءَ جي چوطرف’ (1976) ۽ ‘ڪچا ڌاڳا’ (1965) شامل آهن.
لکمي کلاڻيءَ جو جنم، نومبر 1932ع ڌاري ضلعي سکر ۾ ٿيو سندس ناولن ۾ ‘هاءِ منهنجي دل’ (1968ع)، ‘سازش’، ‘امرت امرت’ (1974ع) شامل آهن. سندس ناولن جا موضوع جاسوسي ۽ مزاحيه آهن.
وشنو ڀاٽيا جو جنم 21 اپريل 1940ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سنڌيءَ جو برک ڪهاڻيڪار هو. ڪهاڻيءَ جي دنيا جو هي وڏو نالو رهيو آهي، جڏهن ته سندس ڪجهه ناول به ڇپيل آهن، جن ۾ ‘زندگيءَ جا ڪنارا’ (1969ع)، ‘پيار جو آئينو’ (1991ع)، ‘راڻي ڊارلنگ’ ۽ ٻيا شامل آهن.
لڇمڻ ساٿيءَ جو جنم 1935ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سندس ڪيترائي ڪهاڻي ڪتاب ۽ ناول ڇپيل آهن، جن ۾: ‘اڏري وڃ ڙي ڪونج’ (1960ع)، ‘ساهيڙي’ (1968ع)، ‘کيچل، سُتل واديون’ ۽ ‘آسمان روشن آهي’ شامل آهن.
نامديو تاراچنداڻيءَ جو نالو هندستان جي برک ڪهاڻيڪارن، شاعرن، نقادن ۽ ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ناول ‘جوڙجڪ’ (1974ع) قابل ذڪر آهي.
گرڌاري لعل ڏوڏيجا جو جنم شڪارپور ۾ 1931ع ڌاري ٿيو. سـندس نـاولـن ۾: ‘هـنديءَ جـو حـوالـو’ (1966ع)، ‘خوني ڪير’ (1967ع)، ‘اصلي نقلي’ (1969ع) شامل آهن.
سندر حشمتراءِ نيڀواڻيءَ جو جنم 1919ع ڌاري حيدرآباد ۾ ٿيو. هُو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار هو. سندس ڪيترائي ناول شايع ٿيل آهن، جن ۾: ‘نراس ناري’ (1964ع)، ‘پيار جا سپنا’ (1967ع)، ‘سڌريل زمانو، بگڙيل پيار’ (1967ع)، ‘ديوتا روئي ڏنو’ (1970ع)، ‘مڌر ملن’ (1977ع)، ‘نادان ڇوڪري’ (1967ع) ۽ ‘نئين ليکڪا’ (1969ع) شامل آهن.
ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي کانپوءِ هن وقت تائين ڇپيل اهم سنڌي ناولن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
1. رستم پهلوان، مرزا قليچ بيگ، 1885ع
2. دلارام، مرزا قليچ بيگ، 1888ع
3. زينت، مرزا قليچ بيگ، 1890ع
4. عجيب ڀيٽ، ديوان پرڀداس حڪومت راءِ، 1892ع
5. چوٿ جو چنڊ يا ڀرم جي ڀلائي، ڀيرو مل مهرچند، 1905ع
6. آنند سندريڪا، ڀيرو مل مهرچند، 1910ع
7. نورجهان، هه. م. گربخشاڻي، 1915ع
8. موهني ٻائي‘، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، 1917ع
9. ڪشنيءَ جو ڪشٽ، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، 1917ع
10. جهان آرا، عبدالرزاق عبدالسلام، 1931ع
11. آشيرواد، شيوڪ ڀوڄراج، 1933ع
12. دادا شام، شيوڪ ڀوڄراج، 1934ع
13. آزاد خيال زالون، روچيرام سڏاڻي، 1937ع
14. سشيلا، ميلارام واسواڻي، 1937ع
15. رتنا، ميلارام واسواڻي، 1939ع
16. سنجوتي، ميلارام واسواڻي، 1939ع
17. نور توحيد، م. ع. ڏيپلائي، 1939ع
18. نيل ڪنوار، محمد عثمان ڏيپلائي، 1941ع
19. شاعر، آسانند مامتورا، 1941ع
20. پتي ڀڳتي، ميلارام واسواڻي، 1941ع
21. اتحاد، گلي سدارنگاڻي، 1941ع
22. ڏکن پٺيان سک، ٽهلرام آسودو مل، 1942ع
23. زنده دل، چندو مل جئسنگهاڻي، 1942ع
24. سنڌي تلوار، منوهر داس ڪوڙو مل، 1942ع
25. مالهڻ، نارائڻداس ڀنڀاڻي، 1942ع
26. وڌوا، نارائڻ داس ڀنڀاڻي، 1943ع
27. بينا، نرمل جيوتاڻي، 1943ع
28. ڪشور موهني، نهچل واسواڻي، 1943ع
29. قيدي، رام پنجواڻي، 1943ع
30. ميونسپل ڪائونسلر، ڄيٺانند لعلواڻي، 1944ع
31. ايراني شهزادي، محمد عثمان ڏيپلائي، 1944ع
32. آخري اميد، محمد عثمان ڏيپلائي 1944ع
33. چين جو چنڊ، محمد عثمان ڏيپلائي، 1944ع
34. شرميلا، رام پنجواڻي، 1944ع
35. دلوراءِ جي نگري، نرملداس فتحچند، 1944ع
36. شير شاهه ۽ همايون، محمد عثمان ڏيپلائي، 1945ع
37. آفريڪا جي شهزادي، محمد عثمان ڏيپلائي، 1945ع
38. لطيفه، رام پنجواڻي، 1945ع
39. غريبن جو ورثو، نارائڻداس ڀنڀاڻي، 1946ع
40. اورنگزيب جو انصاف، محمد عثمان ڏيپلائي، 1947ع
41. حـُسن جي هار، حڪيم الله بخش، 1947ع
42. راڻـي: ڊي. جي آهوجا، 1947ع
43. شهنشاهه جهانگير، ارجن سامتاڻي، 1947ع
44. قسطنطنيه جي شهزادي، محمد عثمان ڏيپلائي، 1947ع
45. ننڍي ڀيڻ، ايم. آر. مائيداساڻي، 1947ع
46. ٻه دليون، اندرا هميراجاڻي، 1947ع
47. سلطان ٽيپو شهيد، محمد عثمان ڏيپلائي، 1948ع
48. غازي احمد شاهه ابدالي، محمد عثمان ڏيپلائي، 1949ع
49. مسلمان عورت، محمد عثمان ڏيپلائي، 1949ع
50. مهاراڻي چندر راڻي: ڄيٺانند ڀاونداس، 1949ع
51. مينا بازار: محمد عثمان ڏيپلائي، 1949ع
52. روم جي راڻي: محمد عثمان ڏيپلائي، 1950ع
53. منجو: پوپٽي هيراننداڻي، 1950ع
54. ڪومايل ڪلي (ٻيو ڇاپو) تارا ميرچنداڻي، 1950ع
55. محبت ۽ فرض، محمد طيب ابڙو، 1950ع
56. ماستر، ڀڳوان لکاڻي، 1951ع
57. آنسو، گوبند مالهي، 1952ع
58. اڙٻنگ، ڪماري راڻي، 1952ع
59. جنسار، قاضي فيض محمد، 1952ع
60. باغي، ترجمو: محمد بخش جوهر، 1952ع
61. جيون ساٿي، گوبند مالهي، 1952ع
62. زندگي يا موت، رام پنجواڻي، 1952ع
63. زندگيءَ جي راهه تي: گوبند مالهي، 1952ع
64. ڪاروان زندگي، انجم هالائي، 1952ع
65. ڪامنيءَ جو ڪتاب، ڪيشو مالتي، 1952ع
66. گناهه، عبداللطيف راز بلڙائي، 1952ع
67. لاش، ڊاڪٽر غلام علي الانا، 1952ع
68. آواره، موهن ڪلپنا، 1953ع
69. آنسو، گوبند مالهي، 1953ع
70. زندگيءَ جي راهه تي، گوبند مالهي، 1953ع
71. جيون ساٿي، گوبند مالهي، 1953ع
72. اگمان، شري رامناڻي، 1953ع
73. پکيئڙا ولر کان وڇڙيا، گوبند مالهي، 1953ع
74. من جو ميت، گوبند مالهي، 1953ع
75. شريف ڊاڪو، پير بخش الهداد قريشي، 1953ع
76. ڪرندڙ ديوارون، سندري اتمچنداڻي، 1953ع
77. من جي جيت، گوبند مالهي، 1953ع
78. هاري، قربان علي نقشبندي، 1953ع
79. انڌيرو اجالو، موتي پرڪاش، 1954ع
80. اڀاڳڻ، هري همٿاڻي، 1954ع
81. سڄو، آنند گولاڻي، 1954ع
82. چٻون، پرم ابيچنداڻي، 1954ع
83. محبت ۽ فرض، محمد طيب نصرپوري، 1954ع
84. چنچل نگاهون، گوبند مالهي، 1954ع
85. چيخ، داس طالب، 1954ع
86. لگن، موهن ڪلپنا، 1954ع
87. للڪار، گوبند مالهي، 1954ع
88. زنده دل، چندو لعل جئسنگهاڻي، 1954ع
89. منهنجي شادي، چندو لعل جئسنگهاڻي، 1954ع
90. مڄو، آنند گولاڻي، 1954ع
91. آهي نه آهي، رام پنجواڻي، 1955ع
92. اڃا رات باقي، موهن ڪلپنا، 1955ع
93. آواره، انور هالائي، 1955ع
94. گناهه جي پتلي، محمد بخش جوهر، 1955ع
95. سوني رات، هري همٿاڻي، 1955ع
96. آشا، هري همٿاڻي، 1955ع
97. داغ بي داغ، ڪماري، 1955ع
98. ساهڙي، لڇمڻ ساٿي، 1955ع
99. لوڪ آهي ٻوڪ، گوبند مالهي، 1954ع
100. عشق ناهي راند، گوبند مالهي، 1955ع
101. محبت جو تياڳ، ايشوري جوتواڻي، 1955ع
102. مداري، داس طالب، 1955ع
103. عورت، موهن ڪلپنا، 1956ع
104. بيوس بيوي، رسول بخش خمار، 1956ع
105. جنسار، قاضي فيض محمد، 1956ع
106. شانت اشانت، ڊي جي آهوجا، 1956ع
107. شرم ٻوٽي، گوبند مالهي، 1956ع
108. گناهن جي رات، ڪيرت مهرچنداڻي، 1956ع
109. الفت جي آڳ، ايشوري جوتواڻي، 1956ع
110. نئين روشني (ڀاڱو ٻيو)، عادل رشيد، ترجمو: ڄيٺانند ڀاونداس، 1956ع
111. ٻاويهه سو ٻاويهه، قاضي فيض محمد، 1956ع
112. ٻهروپي، شود رمناڻي، 1956ع
113. نرس، آنند ٽهلراماڻي، 1956ع
114. ديسي سيڻ ڪجن، گوبند مالهي، 1956ع
115. سنڌوءَ ڪناري، گوبند مالهي، 1956ع
116. هڪ انسان سؤ طوفان، گوبند مالهي، 1956ع
117. آشا، سرڳواسي شيوا رام ڀڳت، 1957ع
118. الفت جي آگ، ايشوري جوتواڻي، 1957ع
119. پهاڙي چوٽيون، چندو لعل جئسنگهاني، 1957ع
120. داءُ، جارج آرناد، ترجمو: ڪرشن راهي، 1957ع
121. زندگي، موهن ڪلپنا، 1957ع
122. جواني ديواني، ڪيرت مهرچنداڻي، 1957ع
123. سندري، ساقي سجاولي، 1957ع
124. لوڪ آهي ٻوڪ، گوبند مالهي، 1957ع
125. آس نراس، هري همٿاڻي، 1957ع
126. واپس، گنو سامتاڻي، 1957ع
127. هڪ دل هزار ارمان، ڪلا پرڪاش، 1957ع
128. شل ڌيئر نه ڄمن، رام پنجواڻي، 1957ع
129. آپا، آنند ٽهلراماڻي، 1957ع
130. اجنبي، بشير مورياڻي، 1957ع
131. بولي، شيخ محمد حسن ڪنڊيارو، 1958ع
132. پروفيسر، هري همٿاڻي، 1958ع
133. ديسي سيڻ ڪجن، گوبند مالهي، 1958ع
134. سونيتي ديوي، محمد هاشم سومرو، 1958ع
135. ڪنوار جو آئينو، عبدالڪريم تراب، 1958ع
136. رات ڏينهن، ڪيرت مهرچنداڻي، 1958ع
137. پتلي، گڻو مل دوداڻي، 1959ع
138. پدما، رام پنجواڻي، 1959ع
139. هٺ يوگي (2 ڀاڱا)، تارا ميرچنداڻي، 1959ع
140. پريت ڪئي پيڙا ملي، جڳديش هري، 1959ع
141. راتيون جاڳن جي، ناصر مورائي، 1959ع
142. سنڌو، رام هنڱوراڻي، 1959ع
143. وشواس، موهن ڪلپنا، 1959ع
144. آسمان جي هيٺ، خدا بخش مغل، 1960ع
145. اڏري وڃ ڙي ڪونج، لڇمڻ ساٿي، 1960ع
146. چانديءَ جو چمڪو، رام پنجواڻي، 1960ع
147. پيار روئي ڏنو، هري همٿاڻي، 1960ع
148. پيار جي شادي، محمد طيب نصرپوري، 1960ع
149. حسنه، رسول بخش خمارل، 1960ع
150. دريا جي ڪپ تي، گل نصرپوري، 1960ع
151. حقيقي دوست، بيدار مورائي، 1960ع
152. شيشي جي دل، ڪلا پرڪاش، 1960ع
153. ساڌنا جو سپنو، گلي سدارنگاڻي، 1960ع
154. سورج شاخون ڪڍيون، محمد علي ڀٽي، 1960ع
155. گردش افلاڪ، محمد طيب ابڙو، 1960ع
156. ڏيهي پرڏيهي، گوبند مالهي، 1961ع
157. اديون ڏيوم صلاح، شوق سنڌي، 1961ع
158. امر پيار، ڪرشن کٽواڻي، 1961ع
159. چلولي، محمد حافظ شاهه حسيني، 1961ع
160. ڪاليجي ڪِڪي، محمد بخش جوهر، 1961ع
161. وندنا، داس طالب، 1961ع
162. ڪفن چور، خواجه احسان پرويز، 1961ع
163. نجمه، ماستر الله ورايو طارق صديقي، 1961ع
164. نو قبرون، احمد شاهه بچل شاهه رفيق، 1961ع
165. ور وطن ڄائي، شعبان بخت، 1961ع
166. حسرتن جي تربت، پوپٽي هيراننداڻي، 1961ع
167. آتم مريادا، لعل پشپ، 1962ع
168. اُداسيءَ جون آهون، الله بخش ٽالپر، 1962ع
169. وساريان نه وسرن، عمرالدين بيدار، 1962ع
170. پريت پراڻي ريت نرالي، سندري اتم چنداڻي، 1962ع
171. پيار ۽ دوکو، لڇمي آميشر، 1962ع
172. پيار روئي ڏنو، هري همٿاڻي، 1962ع
173. جهرڻا، پرم ابيچنداڻي، 1962ع
174. منهنجي مٺڙي سنڌ، ڪرشن کٽواڻي، 1962ع
175. ساڌنا جو خون، چندو لعل جئسنگهاڻي، 1962ع
176. دردن ماري دل، وشنو ڀاٽيه، 1963ع
177. سانگهڙ، م. ع. ڏيپلائي، 1963ع
178. سپنو ۽ حقيقت، ڪيرت مهرچنداڻي، 1963ع
179. نئون صبح، ڪيرت مهرچنداڻي، 1963ع
180. نئون گيت، ڪيرت مهرچنداڻي، 1963ع
181. اداسيءَ جون آهون، الهه بخش ٽالپر، 1963ع
182. سوري آ سينگار، عبدالجبار شام، 1963ع
183. نادره، غلام علي کوکر، 1963ع
184. چندا عرف نرتڪي، لڪشمي ٽي دينائي جيوتي، 1964ع
185. روشنيءَ جي تلاش، آغا سليم، 1964ع
186. زخمي دل، لڇمي اميشر، 1964ع
187. سونهن، پٿر ۽ پيار، طارق اشرف، 1964ع
188. عصمت، ڪاظم علي ڪاظمي، 1964ع
189. قسمت جا رنگ، شيام جئسنگهاڻي، 1964ع
190. نراس ناري، ايسپ جين، 1964ع
191. ننگي پنج رنگي، چندو لعل جئسنگهاڻي، 1964ع
192. نراس ناري، سندر حشمتراءِ، 1964ع
193. پيار جا سپنا، سندر حشمتراءِ، 1967ع
194. سڌريل زمانو، بگڙيل پيار، سندر حشمتراءِ، 1967ع
195. وڇڙيل جو ميلو، سيد حافظ محمد حيات شاهه، 1964ع
196. هڪ ڄر، ٻه ڄڀون، پرم ابيچنداڻي، 1964ع
197. مجاهد، منظور عرساڻي، 1964ع
198. پريت جي راهه اڻانگي، ڪشنچند ناگراڻي، 1965ع
199. جعلي پاسپورٽ، چندو لعل جئسنگهاڻي، 1965ع
200. هڪ سسئي سؤ سُور، سندري اتمچنداڻي، 1965ع
201. سوري جنين سيج، منصور ويراڳي، 1965ع
202. سلطانه بيگم، سيد حافظ محمد حيات شاهه، 1965ع
203. ڪنول جاڳي اٿيا، سڳن آهوجا، 1965ع
204. رت ورني رات، مراد علي مرزا، 1965ع
205. ڪنڊن ڀريون راهون: ارجن سڪايل، 1965ع
206. هڪ انسان سؤ طوفان، گوبند مالهي، 1965ع
207. ڪچا ڌاڳا، شيام جئسنگهاڻي، 1965ع
208. ڀومي، گلاب هنڱوراڻي، 1965ع
209. اکڙيون اوجاڳيون، شعبان بخت، 1965ع
210. يوئر آنر، چندولعل جئسنگهاڻي، 1965ع
211. جوڳيءَ جاڳايوس، بيدار مورائي، 1965ع
212. هنديءَ جو حوالو، گ. ل. ڏوڏيجا، 1966ع
213. خوني ڪير، گ. ل. ڏوڏيجا، 1967ع
214. اصلي نقلي، گ. ل. ڏوڏيجا، 1967ع
215. مهرو، عمرالدين بيدار، 1967ع
216. رُڃ ۽ پاڇا، موهن ڪلپنا، 1968ع
217. ساهيڙي، لڇمڻ ساٿي، 1968ع
218. هاءِ منهنجي دل، لکمي کلاڻي، 1968ع
219. نئين ليکڪا، سندر حشمتراءِ، 1969ع
220. هڪ سرد ديوار، لعل پشپ، 1969ع
221. تلاش، موهن ڪلپنا، 1970ع
222. ديوتا روئي ڏنو، سندر حشمتراءِ، 1970ع
223. زهريلا ڏنگ، بيدار مورائي، 1970ع
224. هڪ شخص جي واسنا، آنند کيماڻي، 1970ع
225. پڙاڏو سوئي سڏ، سراج، 1971ع
226. راڻي (ناوليٽ)، بيدل مسرور بدوي، 1971ع
227. ڀن ڀن پن ڀون ۾، چندولعل جئسنگهاڻي، 1971ع
228. رت جا ڳوڙها، منصور ويراڳي، 1971ع
229. لڙهندڙ نسل (ناوليٽ)، ماڻڪ: 1972ع
230. شيش محل (ٻيو ڇاپو)، دولترام پرسرام ٽهلراماڻي، 1972ع
231. ڇٻل، سندر حشمتراءِ، 1972ع
232. هڪ سپنو سکن جو، ڪلا پرڪاش، 1972ع
233. کاهوڙي کڄن، ڄام ساقي، 1973ع
234. ماءُ، موهن ڪلپنا، 1973ع
235. جيون جو سنگرام، موهن ڪلپنا، 1973ع
236. اڪيلي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، 1974ع
237. جلاوطني، موهن ڪلپنا، 1974ع
238. دشمن دليون، سندر حشمتراءِ، 1974ع
239. انتظار، ڪيرت مهرچنداڻي، 1974ع
240. امرت امرت، لکمي کلاڻي، 1974ع
241. جوڙجڪ، نامديو تاراچنداڻي، 1974ع
242. پيار ۽ پڇتاءُ، گل محمد چنا، 1974ع
243. هن جي آتم جو موت، لعل پشپ، 1974ع
244. محبت جي راهه ۾، گوبند مالهي، 1975ع
245. اوڙاهه، حليم بروهي، 1975ع
246. تڏهن ۽ هاڻي، لعل پشپ، 1975ع
247. حياتي هوتن ريءَ، ڪلاپرڪاش، 1975ع
248. نارنگي ٽريفڪ لائيٽ تي، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، 1975ع
249. رڃ ۽ پڙاڏا (ناوليٽ): ماڻڪ، 1976ع
250. کاهيءَ جي چؤطرف، شيام جئسنگهاڻي، 1976ع
251. بندي، چندو لعل جئسنگهاڻي، 1976ع
252. محبت جي راهه تي، گوبند مالهي، 1976ع
253. پاتال ۾ بغاوت (ناوليٽ)، ماڻڪ، 1977ع
254. پيار ۽ سپنا، قاضي خادم، 1977ع
255. ڊنل اکين جا خواب (ناول)، قبول ابڙو: 1977ع
256. کاهيءَ جي چوطرف، شيام جئسنگهاڻي، 1977ع
257. رات جون راڻيون، سندر هشمتراءِ، 1977ع
258. آيو نئون زمانو، رام پنجواڻي، 1978ع
259. اونداهي ڌرتي روشن هٿ، آغا سليم، 1978ع
260. جاسوسي جاني، رميش جيوتاڻي، 1978ع
261. حليما، آسانند مامتو راءِ، 1978ع
262. خون کستوري، جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي، 1978ع
263. ياد هڪ پيار جي، ڪرشن کٽواڻي، 1978ع
264. آخري انقلاب، گلي سدارنگاڻي، 1979ع
265. وئرٿ زندگيون، ڪرشن کٽواڻي، 1979ع
266. ياد هڪ پيار جي، ڪرشن کٽواڻي، 1979ع
267. ميرو ڌاڙيل، طارق اشرف، 1980ع
268. اها ديوار آسمان تائين، لعل پشپ، 1981ع
269. گل جلن پيا، هري همٿاڻي، 1981ع
270. پيار جو آئينو، وشنو ڀاٽيه، 1981ع
271. قيدي، رام پنجواڻي، 1981ع
272. درد جي خوشبوءِ، قاضي خادم، 1981ع
273. ڪانءُ ۽ سمنڊ، موهن ڪلپنا، 1981ع
274. مـاءُ، موهن ڪلپنا، 1981ع
275. سيلاب زندگيءَ جو، پوپٽي هيراننداڻي، 1981ع
276. ٻير جي ڊينگهري، رحمت الله ابڙو، 1982ع
277. هي رشتا ناتا، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، 1982ع
278. رات جو ٻيو پهر، هري همٿاڻي، 1982ع
279. ڪڇ نه ٿيڻ جو حادثو، لعل پشپ، 1982ع
280. رات جو ٻيو پهر، هري همٿاڻي، 1982ع
281. تپسيا ٿئي پئي، ارجن سڪايل، 1983ع
282. بلنديون، نجم عباسي، 1984ع
283. اوڙاهه، غلام نبي مغل، 1984ع
284. بي داغ ديوتا، آنند ٽهلراماڻي، 1984ع
285. پيار ڪهاڻي، نجم عباسي، 1984ع
286. ٻه ننڍا ناول (روشنيءَ جي تلاش ۽ اڻپورو انسانآغا سليم، 1985ع
287. اگني، چندو لعل جئسنگهاڻي، 1985ع
288. شمشان گهاٽ وٽان لنگهندي، موهن ڪلپنا، 1985ع
289. ڪوٺ، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، 1985ع
290. لڱ منهنجا لوهه، محبوب علي سولنگي، 1985ع
291. مرڻ مون سين آءُ، سراج، 1985ع
292. موهن جو دڙو، علي بابا، 1985ع
293. اڻپورو انسان، آغا سليم، 1985ع
294. وفا جا موتي، رستم علي سولنگي، 1985ع
295. همه اوست: آغا سليم، 1985ع
296. ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ، ريٽا شهاڻي، 1985ع
297. سندري، عبدالخالق خليق مورائي، 1986ع
298. رويو وهامي راتڙي، نديم قاضي، 1986ع
299. ساهه مُٺ ۾، ماڻڪ، 1986ع
300. ڪورو دستاويز، علي نواز تنيو، 1986ع
301. اجهو، هري موٽواڻي، 1986ع
302. هٿ ريکائن کان خالي، محمود مغل، 1986ع
303. اندر ۾ ابليس، ڪاظم علي ڪاظم، 1987ع
304. سسي نيزي پاند، نجم عباسي، 1987ع
305. تلاش، نجم عباسي، 1987ع
306. ناري، شريمتي امالا ديوي، 1987ع
307. ڌرتيءَ جي جنگ (ناول)، قبول ابڙو، 1987ع
308. نيروليءَ جو ڪن، محمد عثمان ڏيپلائي، 1987ع
309. ڌرتيءَ جي جنگ، ملڪ آگاڻي، 1987ع
310. سج کان چنڊ تائين، ريٽا شهاڻي، 1987ع
311. سورج جي پهرين ڪرن، تارا ميرچنداڻي، 1988ع
312. ائين ئي، پرم ابيچنداڻي، 1988ع
313. اَبـو، هري موٽواڻي، 1988ع
314. ست ڏينهن، ڪرشن کٽواڻي، 1988ع
315. منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، سراج الحق ميمڻ، 1988ع
316. وقت، وٿيون ۽ وڇوٽيون، ڪلا پرڪاش، 1988ع
317. زلزلو، نجم عباسي، 1988ع
318. ماسترياڻي، نجم عباسي، 1988ع
319. تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، سراج الحق ميمڻ، 1989ع
320. درد نه ڄاڻي ڪو، محمود يوسفاڻي، 1989ع
321. سرڳ جي ڳولا، موهن ڪلپنا، 1989ع
322. آسمان جي هيٺ، خدا بخش مغل، 1990ع
323. فراق، عنايت حسين رند، 1990ع
324. منهنجي دنيا مرگهه ترشنا، سراج الحق ميمڻ، 1990ع
325. اڻ ڄاڻ، قاضي فيض محمد، 1991ع
326. پکيئڙا ولر کان وڇڙيا، گوبند مالهي (سنڌ ۾ ٻيو دفعو)، 1991ع
327. پيار جو آئينو، وشنو ڀاٽيا (سنڌ ۾ پهريون دفعو)، 1991ع
328. جنم قيدي، يوسف بلوچ، 1991ع
329. پرهه جا پياڪ، ريٽا شهاڻي، 1991ع
330. سنڌ جي زينت، نرجن دوداڻي، 1991ع
331. ماضيءَ جو ڏنگ، هري همٿاڻي، 1991ع
332. منهنجي مٺڙي سنڌ، ڪرشن کٽواڻي (سنڌ ۾ پهريون دفعو)، 1991ع
333. پيار جو آئينو، وشنو ڀاٽيا، 1991ع
334. پراوا ڪڪر پنهنجو مينهن، رحمت الله ابڙو، 1992ع
335. درد جو درياهه، موهن ڪلپنا (سنڌ ۾ پهريون دفعو)، 1992ع
336. ساهه مٺ ۾، ماڻڪ/ منير سنڌي، 1992ع
337. سيما، هري همٿاڻي، 1992ع
338. لهرن جي گونج، تارا ميرچنداڻي، 1992ع
339. ‘پڙاڏا‘، ’پاتال ۾ بغاوت‘ ۽ ’لڙهندڙ سج‘ (ٽي ناوليٽ): ماڻڪ/ منير سنڌي، 1992ع
340. خوفناڪ سازش، ذوالفقار قادري، 1993ع
341. پَر ڪٽيل پکي، عنايت حسين رند، 1993ع
342. ساڀيائن کان رٺل سپنا (ناولٽ)، الطاف ملڪاڻي، 1993ع
343. سنڌ باد جو سفر، علي بابا، 1993ع
344. عورت ۽ پيار (ناولٽ)، غلام نبي مغل، 1993ع
345. مسافر، شيخ عبدالرزاق ‘راز’، 1993ع
346. ٻالڪ فورس ۽ ڀوت بنگلو، طارق قريشي، 1993ع
347. اڻ ڄاڻ، قاضي فيض محمد، 1993ع
348. ٽڪنڊو، قبول ابڙو، 1993ع
349. ڏکن سکن جي سونهن (ناولٽ)، گل ڪونڌر، 1993ع
350. آواره، موهن ڪلپنا (سنڌ ۾ پهريون دفعو)، 1994ع
351. آواره (ٻيو ڇاپو)، موهن ڪلپنا، 1994ع
352. اوڙاهه: غلام نبي مغل، 1994ع
353. پياسي ڌرتي رمندا بادل (ٽريالاجي)، سراج الحق ميمڻ، 1994ع
354. ڪاري رات اڇو ڏينهن، حسين بخش لغاري، 1994ع
355. نيٺ گونگي ڳالهايو، امر جليل، 1994ع
356. مئلن جي ميار تي دڙن جي دهشت، نرجن دوداڻي، 1995ع
357. هڪ ڪانئر جو موت، امير ابڙو، 1995ع
358. دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ، غلام نبي مغل، 1996ع
359. شهر جي ڳالهه، اڪبر سومرو، 1996ع
360. ٻاهر نڪرڻ جو رستو، هري موٽواڻي، 1996ع
361. خواب خوشبو ڇوڪري، ماهتاب محبوب، 1996ع
362. اڇو پکي واءَ ۾ (ڪهاڻيون ۽ ناولٽ)، حفيظ شيخ، 1997ع
363. جيون پياسو سمنڊ، غلام نبي گل، 1997ع
364. کن پل جو ڇانورو (ناوليٽ)، ممتاز بخاري، 1997ع
365. گرڀ وتي، نورالهدى شاهه، 1997ع
366. موهن ڪلپنا جون تحريرون (ٻه ناول: ‘زندگي ’ ۽ ‘درد جو درياهه’)، موهن ڪلپنا، 1997ع
367. ترندڙ بادل، ڪرشن کٽواڻي، 1998ع
368. آڪاش کان اڳتي، محمد انور بلوچ، 1998ع
369. پکين جي پريت ۽ پيار، ڪلا پرڪاش، 1999ع
370. ‘چاهتن جي ٽه واٽي تي’ ۽ ‘آءِ لو يو’ (ٻه جاڙا ناول)، بيدل مسرور بدوي، 1999ع
371. درد جو درياهه، موهن ڪلپنا (سنڌ ۾ ٻيو دفعو)، 1999ع
372. پيار، ڪلا پرڪاش، 1999ع
373. پکن جي پريت، ڪلا پرڪاش، 1999ع
374. باک ڦٽي جو سوجهرو، محمد انور بلوچ، 2000ع
375. ڪايا پلٽ، پرم ابيچنداڻي، 2000ع
376. جيون اجاڙ رستا، مظهر ابڙو، 2000ع
377. خالي بئنچ، اسحاق انصاري، 2000ع
378. ڪوڙو سچ، هري موٽواڻي، 2000ع
379. گونگي گگن سان گفتگو، ريٽا شهاڻي، 2001ع
380. پيار پناهون ڇانورا، ماهتاب محبوب، 2001ع
381. تون خواب آهين، پرويز ابڙو، 2001ع
382. نيريون اکيون سرمئي خواب، پرويز ابڙو، 2001ع
383. نه راهون ساڻ هلنديون هن، غلام نبي گل، 2001ع
384. ياد ۽ سڪون (ناوليٽ)، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، 2001ع
385. پاڻ هرتڙيون مايون، گوبند خوشحالاڻي، 2002ع
386. رولو، نوشاد، 2002ع
387. ڪاوا ڪاوا خواب، امتياز سومرو، 2002ع
388. جوڳي، غلام نبي گل، 2003ع
389. مون کي هوائن ۾ ڳولجان، طارق خشڪ، 2003ع
390. وارڊ نمبر تيرهن، نوشاد، 2003ع
391. رشتن جو ڌنڌ، آنند کيماڻي، 2003ع
392. اڻ لتاڙيل پيچرا، آنند کيماڻي، 2003ع
393. هڪ دفعو وري، گوبند خوشحالاڻي، 2003ع
394. ڀنگار، هري موٽواڻي، 2004ع
395. آرسي ۽ پيار، ڪلا پرڪاش، 2004ع
396. سمنڊ ڪنارو، ڪلا پرڪاش، 2004ع
397. مون کي ساهه کڻڻ ڏيو، غلام نبي مغل، 2004ع
398. اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ، اشتياق انصاري، 2004ع
399. فاصله، غلام نبي مغل، 2004ع
400. ترڪڻا ترورا، ريٽا شهاڻي، 2004ع
401. گلستان غليظ ٿي رهيو آهي، گوبند خوشحالاڻي، 2004ع
402. ملڪ ته منهنجو، گوبند خوشحالاڻي، 2004ع
403. ازابيل، ڊاڪٽر هدايت پريم، 2005ع
404. اڪيلا ناهيون، موسى منظور، 2005ع
405. پنهنجي ڌرتي پنهنجا ساهه (ٻارن لاءِ ناول)، اختر جانوري، 2005ع
406. پٿرن جو شهر، زاهد گوتم، 2005ع
407. جيون ليکا، منصور ٿلهو، 2005ع
408. سپنو ساڀيان ساڻ، شبانه سنڌي، 2005ع
409. سج اڀرڻ کانپوءِ (ٻارن لاءِ ناول)، خالد آزاد، 2005ع
410. سج جا پاڇا، ملڪ آگاڻي، 2005ع
411. موکي، امر لغاري، 2005ع
412. يونيورسٽي ۾ گم ٿيل خواب، عبدالرافع شيخ، 2005ع
413. اڏوهي، اخلاق انصاري، 2006ع
414. جيون ليکا، منصور ٿلهو، 2006ع
415. پيار ۾ اهم ڪهڙو، گوبند خوشحالاڻي، 2006ع
416. باک ڦٽيءَ جو سوجهرو، انور بلوچ، 2006ع
417. دوزخ مان دري، محمد انور بلوچ، 2006ع
418. رڃ، ج.ع منگهاڻي، 2006ع
419. لڙڪن آجا نيڻ، علي محمد پرويز، 2006ع
420. منهنجي چاهتن جي منزل، ڪزبانو سنڌو، 2006ع
421. نه ته ڇا، الينا لالواڻي، 2006ع
422. پاڻيارا پکي، هري موٽواڻي، 2006ع
423. ٽٽل شيشو، غلام نبي گل، 2006ع
424. زندگي ڀوڳ، منصور ٿلهو، 2007ع
425. دل ڪر درخت جي دستور، گوبند خوشحالاڻي، 2007ع
426. درد جي آرپار، مظهر ابڙو، 2007ع
427. سحر، سليم چنا، 2007ع
428. برسات، سليم چنا، 2008ع
429. سج ٻه پاڇا، ملڪ آگاڻي، 2008ع
430. تو ڇو پيار ڪيو، يوسف سنڌي، 2008ع
431. جڏهن ٽڙندا ڳاڙها گل، شگفته شاهه، 2008ع
432. ست سُر، ست ڏينهن، ريٽا شهاڻي، 2008ع
433. زندگيءَ جو سفر، تون ۽ مان، ضراب حيدر، 2008ع
434. سامي سڄ وڙاءُ، مراد علي مرزا، 2008ع
435. ڪويڄن ڪٺي آهي، احمد علي صابر چانڊيو، 2008ع
436. مٽي ۽ مهاڻا، منصور ٿلهو، 2008ع
437. واويلا وڻڪار، غلام نبي مغل، 2008ع
438. وکريل ماڻهو، فاروق سولنگي، 2008ع
439. ڀٽڪي ويل سپنا، عزيز ڀنڀرو، 2008ع
440. خوابن ۽ خيالن ۾ گم ٿيل ماڻهو، سليم چنا، 2009ع
441. کيت خواب جهڙا، سليم چنا، 2009ع
442. مٽي ۽ مهاڻا، منصور ٿلهو، 2009ع
443. اڪٿ ڪهاڻي ڪبير، ريٽا شهاڻي، 2009ع
444. لفظن جي خواهش، حيدر دريا زئور، 2009ع
445. نٽهڻ ڇانو، الينا لالواڻي، 2009ع
446. بي زبان زبان، ريٽا شهاڻي، 2010ع
447. ڪارونڀار، نور زئور، 2010ع
448. ڪيف ڌاران ڪوءِ، منير چانڊيو، 2010ع
449. اوکا پنڌ پيار جا، ڪلا پرڪاش: 2010ع
450. پنهنجي گهر ۾ اجنبي، قبول ابڙو، 2010ع
451. تو پڄاڻان، منير چانڊيو، 2011ع
452. سيتا زينب، زيب سنڌي، 2011ع
453. فاتح مرڪ، جاويد سومرو، 2011ع
454. کاٻي اک جو خواب، منور سراج، 2011ع
455. هڪڙي هئي نمي ۽ سفر جون چاهتون (ناوليٽ)، شبانه سنڌي، 2011ع
456. اوڻويهه عورتون، رسول ميمڻ، 2012ع
457. رشتن جي آزادي، حيدر دريا، 2012ع
458. هئا اڳهين گڏ، حسيب ڪانهيو، 2012ع
459. همھ منصور هزار، غلام نبي مغل، 2012ع
460. معصوم محبت جي ڪٿا، فيضان سهرياڻي، 2013ع
461. قالو بليٰ، رسول ميمڻ، 2013ع
462. ڪلاس فور جي محبوبا، ممتاز بخاري، 2013ع
463. مصافتون ياد جون (ڪوتا ناول)، محمد علي پٺاڻ، 2013ع
464. يار، حيدر دري، 2013ع
465. نجومي، رسول ميمڻ، 2014ع
466. ايلشبا، محمد انور بلوچ: 2014ع
467. اُساٽ، هري همٿاڻي، 2014ع
468. ٻه ننڍڙا ناول، موتي لال جوتواڻي، 2014ع
469. گذري ويئي برسات، منظور ٿهيم، 2014ع
470. موکي، امر لغاري، 2015ع
471. محبتن جا ٻه ناوليٽ (سرءُ ۽ هٿ ريکائن کان خالي): محمود مغل، 2015ع
472. مکي کان موڪلاڻي، شبنم گل، 2016ع
473. اُجهاميو ٻران، ظفر جوڻيجو، 2016ع
474. وڃايل واٽ، ايوب کوسو، 2016ع
475. اوکا پنڌ پيار جا، ڪلا پرڪاش، 2016ع


لفظ سنڌي ناولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو