شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي درگاهه

شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي درگاهه

شاهه عنايت شهيد جي شهادت تي هيٺين ماده تاريخ ملي ٿي: واي وا “بحر هدايت ماه تابان” درگذشت 1130 هه

شاهه عنايت شهيد جي شهادت تي هيٺين ماده تاريخ ملي ٿي: واي وا “بحر هدايت ماه تابان” درگذشت 1130 هه

صوفي شاهه عنايت شهيد جي (پراڻي) مزار جو نظارو

صوفي شاهه عنايت شهيد جي (پراڻي) مزار جو نظارو

صوفي شاهه عنايت شهيد جي  مزار جو موجوده نظارو

صوفي شاهه عنايت شهيد جي مزار جو موجوده نظارو

شاهه عبدالستاري ثاني صوفي القادري ( نائون گادي نشين)

شاهه عبدالستاري ثاني صوفي القادري ( نائون گادي نشين)

شاهه غوث محمد صوفي ستاري، قادري (ڏهون)

شاهه غوث محمد صوفي ستاري، قادري (ڏهون)

صوفي عطاءُالله  شاهه ستاري، درگاهه جھوڪ شريف جو موجوده گادي نشين

صوفي عطاءُالله شاهه ستاري، درگاهه جھوڪ شريف جو موجوده گادي نشين

مير جان الله شاهه رضويءَ جي مزار (روهڙي)

مير جان الله شاهه رضويءَ جي مزار (روهڙي)

روحل فقير زنگيجو

روحل فقير زنگيجو

مراد فقير جي خيالي تصوير

مراد فقير جي خيالي تصوير

صوفي صادق فقير جو روضو

صوفي صادق فقير جو روضو

قادر بخش بيدل جي مزار جو اندريون ڏيک

قادر بخش بيدل جي مزار جو اندريون ڏيک

سيد رکيل شاهه

سيد رکيل شاهه

چيزل شاهه

چيزل شاهه

صوفي آسورام

صوفي آسورام

شاهه عنايت شهيد سنڌ جو سوشلسٽ صوفي

شاهه عنايت شهيد سنڌ جو سوشلسٽ صوفي

شاهه عنايت شهيد  (شخصيت اور فن)

شاهه عنايت شهيد (شخصيت اور فن)

صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر

صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر

شاهه عنايت شهيد

شاهه عنايت شهيد

نئين زندگي شاهه شهيد نمبر

نئين زندگي شاهه شهيد نمبر

نئين زندگي شاهه شهيد نمبر

نئين زندگي شاهه شهيد نمبر

شاھہ عنايت شھيد جهوڪ وارو

شاھہ عنايت شھيد (جهوڪ وارو): مغل نوابن جي آخري ۽ ڪلهوڙن جي شروعاتي دؤر ۾، ‘جو کيڙي سو کائي’ جو نعرو هڻي، هارين جي حقن لاءِ عَلمُ بلند ڪندڙَ، نامور ۽ دلير صوفي بزرگ، صوفي شاھہ عنايت شھيد کي، سنڌ جي مهان تاريخدان، پير حسام الدين راشديءَ، ‘ننڍي کنڊ جو پهريون سوشلسٽ صوفي’ سڏيو آهي. صوفي شاھہ عنايت وقت جي حڪمرانن سان سرچاءُ نہ ڪيو ۽ ان وقت جي هاري دشمن سياسي نظام ۽ حڪومتي ادارن ۾ تبديليءَ لاءِ هڪ تحريڪ شروع ڪري، گڏيل عوامي مفادن جي جنگ وڙهيو. سندس دؤر ۾ جاگيرداري نظام سنڌ ۾ ايترو تہ حاوي ٿي چڪو هو، جو هزارين بلڪ لکين غريب ۽ لاچار هاري، چند جاگيردارن وٽ غلامن جهڙي زندگي بسر ڪندا هئا. شاھہ شھيد ڌارين حڪومتي ٽولن ۽ مقامي استحصالي قوتن [حاڪمن ۽ زميندارن] کي چڱيءَ طرح سمجهي، عوام ۾ شعور بيدار ڪيو ۽ سندن ذهنن ۾ اهو واضح ڪيو تہ دنيا جي سڀني مهذب قانونن ۽ مذهبن ۾ انسان آزاد آهي، ڪو بہ ڪنهن کان نہ وڌ آهي ۽ نہ گهٽ، ۽ ‘زمين جي آهي’ (‘الارض لله’) ۽ اُن تي حق هر انسان جو آهي.
صوفي شاھہ عنايت شھيد جا وڏا، اصل ۾ اُچ شريف جي لانگاھہ قبيلي جا بزرگ هئا. ‘ملتان لانگاھہ دؤر ۾’ ڪتاب جي مصنف عمر ڪمال خان لکيو آهي ته، “لانگاھہ قبيلو، اصل ۾ بلوچستان جو رهاڪو هو، سندن سيوستان جي علائقي ۾ بہ سرداري ۽ حڪومت هئي. لانگاھہ قبيلو تاريخي لحاظ کان وڏي حيثيت رکي ٿو. هن خاندان سبيءَ ۽ ملتان تي ڪيترا سال حڪومت ڪئي.” هن ئي خاندان سان تعلق رکندڙ، موجودہ دور جي سياستدان ۽ ليکڪَ، صوفي حضور بخش پنھنجي ڪتاب ‘شاھہ عنايت شھيد’ ۾ لکيو آهي ته، “لانگاهن ملتان جي آسپاس وارن علائقن ۾ پنھنجي عزت ۽ وقار کي بلند رکندي، ڌارين ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سان زبردست قومي جنگيون وڙهندي، سر جون سَٽون کاڌيون ۽ تاريخ ۾ پاڻ کي سُرهو ڪيو.” لانگاھہ خاندان مان هيٺيان ست بادشاھہ ملتان جا حاڪم ٿي رهيا آهن:
(1) راءِ سهراءِ عرف قطب الدين لانگاھہ
(2) سلطان حسين لانگاھہ (اول)
(3) سلطان فيروز لانگاھہ
(4) سلطان حسين لانگاھہ اول [ٻيو ڀيرو]
(5) سلطان محمود لانگاھہ
(6) سلطان حسين لانگاھہ (ثاني)
(7) بخشو خان لانگاھہ.
هنن ستن ئي حاڪمن مان پهريان پنج سلطان، خودمختيار حاڪم هئا. قطب الدين لانگاھہ، سنڌ جي سبيءَ واري علائقي جو حاڪم هو، جيڪو بعد ۾ شيخ محمد يوسف ملتانيءَ کي قيد ڪري، دهليءَ موڪلي، ملتان جو حاڪم ٿي ويٺو، اُهو پنھنجي بهادريءَ، انصاف پسنديءَ ۽ صوفي منش هئڻ ڪري، ڏيهان ڏيھہ مشھور هو. سنڌ جو نامور اديب ۽ تاريخدان مرزا قليچ بيگ پنھنجي ڪتاب ‘هسٽري آف سنڌ’ (History of Sindh) ۾ لکي ٿو ته، “هن قوم [لانگاهن] گهڻو عرصو ملتان تي حڪومت ڪئي. نيٺ شاھہ حسن ارغون 931ھہ/ 1524ع ۾ ملتان فتح ڪري، لانگاھہ قوم (قبيلي) جي حاڪم سلطان حسين لانگاھہ ثانيءَ کي شڪست ڏئي، لانگاھہ قوم جي دؤر جو خاتمو آندو.”
ڪتاب ‘انيس المساڪين’ ۾ قاضي غلام مهدي ڄاڻائي ٿو ته، “شاھہ عنايت شھيد جي ڏاڏي مخدوم صدر الدين عرف صدو لانگاھہ، اُچ شريف کان لڏي 900ھہ/ 1494ع ۾ سنڌ ۾ اچي، ‘ميرانپور’ ۾ سڪونت اختيار ڪئي.
صوفي شاھہ عنايت جو خانداني شجرو هن ريت آهي:
صوفي شاھہ عنايت [شھيد] پٽ مخدوم فضل پٽ مخدوم محمد يوسف پٽ مخدوم ابراهيم قتال پٽ مخدوم محمد شھاب الدين پٽ مخدوم عجائب الدين عرف ملا آجب پٽ مخدوم صدر الدين عرف صدو لانگاھہ.
صوفي شاھہ عنايت [شھيد] جا ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا ملتان جا هئا، سندس وڏا بعد ۾ ملتان ڇڏي اچي سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ مقيم ٿيا، پر سندن مٽي مائٽي ۽ لڳ لاڳاپا ملتان جي لانگاھہ خاندان سان هلندا آيا. صوفي شاھہ عنايت جي والد مخدوم فضل ملتان جي لانگاهن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ ٿيا: پهريون مخدوم نالي چڱو، ٻيو مخدوم شاھہ عنايت [شھيد] ۽ ٽيون مخدوم رحمت .
شاھہ عنايت جي ولادت:
صوفي شاھہ عنايت جي ولادت 1065ھہ/ 1655ع ۾، ميرانپور ۾ ٿي، پر ڪن روايتن مطابق سندس ولادت ملتان ۾ ٿي. شاھہ شھيد جي ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ تربيت سندس والد وٽ پنھنجي ئي گهر ۾ ٿي ۽ پنھنجي پيءُ وٽان فارغ التحصيل ٿي، وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ پنھنجي ڪجهہ ساٿين سان گڏجي ملتان ويو، جتي شاھہ شمس کان تعليم پرائڻ کانپوءِ، پنھنجي ساٿين ميان امين محمد [ڊاسوڙيءَ واري] نقشبندي، شاھہ حمزي نمن واري ۽ ميان ابراهيم ڪاتيار سان گڏجي هندستان روانو ٿيو.
ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ، پنھنجي پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز تي مشتمل ڪتاب ‘صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر’ ۾ ڄاڻايو آهي تہ “شاھہ عنايت، ملتان ۾ شاھہ شمس کان تعليم پرائڻ کانپوءِ پنھنجي ساٿين سان گڏ مختلف ملڪن جي سير ۽ سياحت لاءِ نڪتو. بلوچستان جي رستي هو ايران ۽ عراق ويو. انهن ملڪن جو چڱو اڀياس ڪري، افغانستان ويو ۽ سڄي ملڪ جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري، قنڌار کان ٿيندو، خراسان جي رستي واپس ٿيو. سرحد [خيبر پختونخوا] ۽ پنجاب جو سير ڪري واپس ملتان ۾ پنھنجي استاد شاھہ شمس وٽ پهتو، تنهن کانپوءِ شاھہ شمس جي ئي مشوري سان وڌيڪ مطالعي، مشاهدي ۽ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ، سيد عبدالملڪ ڏانهن بيجاپور [هندستان] اُسهيو. شاھہ عنايت ملتان کان روانو ٿي گهمندو ڦرندو، هندستان جي بيجاپور شھر ۾ پهچي، سيد عبدالملڪ وٽ حاضر ٿيو، جتي هن سيد عبدالملڪ کان نہ رڳو روحاني فيض حاصل ڪيو، پر ٻيو بہ گهڻو علم پرايو. جيئن تہ سيد عبدالملڪ وقت جي حاڪمن جي تمام گهڻو ويجهو هو، اُن ڪري شاھہ عنايت، هن کان ملڪي نظام، انتظامي معاملن ۽ ٻين معاشرتي علمن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. سيد عبدالملڪ جڏهن محسوس ڪيو تہ شاھہ شهيد، علم ۽ فڪر جي مٿانهين درجي تي رسي چڪو آهي، تڏهن کيس اڃا بہ وڌيڪ ۽ اعليٰ تعليم لاءِ وقت جي مشھور عالم، فاضل ۽ استاد، شاھہ غلام محمد ڏانهن موڪليائين، جنهن وٽ شاھہ عنايت هڪ سال رهي، پنھنجي تعليم مڪمل ڪئي. شاھہ عنايت جي وسيع مطالعي، مشاهدي ۽ سندس نقطهء نظر کي ڏسي ۽ ٻڌي، سندس استاد شاھہ غلام محمد، مٿس ايترو تہ موهت ٿيو، جو شاھہ عنايت جي استاد مان ڦري سندس معتقد ٿي، سندس سَٿ ۾ شامل ٿيو، ۽ اڳتي هلي، سندس هڪ سٺو ساٿي ثابت ٿيو. شاھہ عنايت، شاھہ غلام محمد کي ساڻ ڪري، وري بہ ڪجهہ وقت هندستان جي مختلف علائقن جو سفر ڪيو، انهيءَ دوران ڪيترائي ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. هندستان ۾ رهڻ دوران نہ فقط شاھہ عنايت، روحاني ۽ باطني علم حاصل ڪيا، پر مقامي ماڻهن سان بھترين تعلقات بہ قائم ڪيا. کيس مختلف علمن سان گڏ مختلف زبانن تي بہ وڏي مهارت حاصل هئي. عربي، فارسي، هندي [ديوناگري، گرمکي لپين سميت] ۽ ٻين ٻولين تي کيس عبور حاصل هو، پر گهڻو ڪري لکپڙھہ فارسيءَ ۾ ڪندو هو.”
شاھہ عنايت جي هندستان کان واپسي:
صوفي شاھہ عنايت کي سيد عبدالملڪ موڪلائڻ کان اڳ فقيري ٽوپي ۽ ڳاڙهو خرقو ڏئي ‘صوفيءَ’ جي لقب سان نوازيو ۽ موڪلائڻ وقت کيس اجازت ڏيندي، سندس اڳيان مصلو، ڪؤنرو، تسبيح ۽ تلوار رکي فرمايائون تہ ‘هنن مان ڪا بہ هڪ شيءِ کڻو’. پاڻ تلوار کنيائون، جنهن تي مرشد فرماين تہ: ‘انهيءَ جي قيمت ڳري آهي.’ تنهن تي صوفي شاھہ عنايت وراڻيو تہ: ‘سر حاضر آهي’ تڏهن سيد عبدالملڪ خوش ٿيندي، کيس اجازت ڏئي خبردار ڪيو تہ ‘واٽ ويندي احتياط کان ڪم وٺجو ۽ گهٽ ڳالهائجو’ شاھہ عنايت هندستان مان نڪري فقراء سميت ٺٽي شھر جي اولھہ ڏکڻ واري ميدان تي اچي، پنهنجو ويڙهو قائم ڪيو، جنهن کي هو ‘دائرو’ سڏيندا هئا. دائري ۾ موجود سڀئي صوفي بنا ڪنهن متڀيد جي هڪ ئي ڪٽنب وانگر رهندا هئا. جڏهن هي مذهب ۽ ذات پات جي فرق کي ميٽي، ‘انساني مساوات’ سان رهڻ لڳا، تڏهن آس پاس جا ڪيترا آزاريل ۽ مسڪين هاري ۽ پورهيت ماڻهو، سندن ‘گڏيل نظام’ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي اعليٰ اصولن کان متاثر ٿي، وٽن اچي رهڻ لڳا. جڏهن ٺٽي جي روايتي ۽ درٻاري عالمن، مولوين، جاگيردارن ۽ حڪمرانن، شاھہ عنايت جي علم، عرفان، زندگيءَ جي اعليٰ قدرن ۽ ‘پوکي راهيءَ جي گڏيل نظام’ کي ڏٺو تہ کين حسد ۽ ساڙ ٿيو. ان کان سواءِ شاھہ عنايت جو دائرو ڏينهون ڏينهن وڌندي ۽ مضبوط ٿيندي ڏٺائون تہ کين پنھنجي علميت ۽ وڏائي ڊانوان ڊول ٿيندي نظر آئي ۽ هو شاھہ عنايت جا سخت مخالف ٿي پيا ۽ مختلف بهانا بنائي، شاھہ عنايت جي مخالفت ڪرڻ لڳا.
صوفي شاھہ عنايت جي تحريڪ:
صوفي شاھہ عنايت، جنهن وقت جهوڪ ۾ تعليم ۽ تبليغ شروع ڪئي. ان وقت سنڌ جا اڪثر مشائخ، صوفي ۽ سيد، خالص دنيادار ۽ زميندار بڻجي، پنهنجا منصبي فرض وساري چڪا هئا. اهڙيءَ مفادپرستيءَ جي اونداهي ماحول ۾، شاھہ عنايت جي علم ۽ فضل، خداترسيءَ، دردمنديءَ ۽ بي لوث خدمت جي روشني، ڏيهان ڏيھہ پکڙي تہ سندس چوڌاري ارادتمندن جو وڏو ميڙو مچي ويو.
صوفي شاھہ عنايت، وقت جي انهن روايتي صوفين مان نہ هو، جيڪي حالتن کي بدلائڻ بدران، ساڳين حالتن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا ۽ صبر ۽ قناعت جي تلقين ڪندا هئا. اُنهن جي ڀيٽ ۾ صوفي شاھہ عنايت زمين جي پيداواري عمل ۾ ‘مساوي شرڪت’ تي زور ڏنو. هن جو اٽل ۽ پڪو عقيدو هو تہ ‘مساوات محمّديءَ’ جي بنيادي گهرج اها آهي تہ کيتي ٻاڙي اجتماعي بنيادن تي ڪئي وڃي، پيداواري عمل ۾ سڀ ماڻهو برابر جا شراڪت دار ٿين ۽ پيداوار کي ضرورت پٽاندر پاڻ ۾ ورهائي کڻن، ڇو تہ ‘زمين جي آهي’ ۽ اُن تي سمورن انسانن جو هڪجهڙو حق آهي. صوفي شاھہ عنايت جي مريدن ۽ فقيرن اهو اصول خوشيءَ سان قبوليو ۽ اجتماعي هارپي ۾ شامل ٿي ويا.
صوفي شاھہ عنايت جو گڏيل پوکي راهيءَ جو تجربو بيحد ڪامياب ويو. جهوڪ ۾ رهندڙ فقيرن ۽ هارين کي نہ بٽئي ڪرائڻي پوندي هئي، نہ ڇيڙ ۽ بيگر وهڻي پوندي هئي ۽ نہ ئي ڪنهن تپيداري قانون گُو کي ‘ستم شريڪي’ جهڙيون رسمون ادا ڪرڻيون پونديون هيون.
اهڙيءَ ريت صوفي شاھہ عنايت جي هن ‘ڪاشتگاريءَ جي گڏيل نظام’ جي ناماچاري جلد ئي پري پري تائين پکڙجي وئي ۽ هر هنڌ هن ‘اجتماعي ڪاشتڪاريءَ’ جي نئين تجربي جو چوٻول ٿيڻ لڳو. نامور محقق مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي ڪتاب ‘تحفة الڪرام’ ۾ لکي ٿو تہ: “جيڪي درويش شروع ۾ بلڙيءَ واري خاندان سان ڳنڍيل هئا، سي شاھہ عنايت جي سلسلي جو واڌارو ۽ ترقي ڏسي، بلڙيءَ جي سيدن کي ڇڏي، هن نئين سلسلي ۾ شامل ٿي ويا... ان ڪري فقيرن جي جماعت، سنڌ جي خانداني پيرن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀڻ لڳي.”
هن تحريڪ جي مقبوليت سبب نہ رڳو سيد گهراڻن جي مريدن ۾ گهٽتائي آئي، پر تر جي زميندارن: نور محمد پليجي، حمل جت ۽ آس پاس جي ٻين علائقن جي ڪيترن زميندارن تي بہ وڏو اثر پيو. صوفي شاھہ عنايت جا فقير اُتي وڃي، سندن زمينداري حلقي ۾ ‘اجتماعي زراعت’ جي تبليغ ڪندا رهندا هئا. نتيجو اهو نڪتو تہ مقامي زميندارن جي هارين بہ مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو تہ ‘اسان جي زمينن ۾ بہ صوفي شاھہ عنايت جي طريقي تي عمل ڪيو وڃي’، پر پيداوار ۾ ‘مساوي شرڪت’ جي اصول کي زميندار هرگز تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نہ هئا. اُنهن محسوس ڪيو تہ جيڪڏهن هن قسم جي انقلابي تبديليءَ جو ترت تدارڪ نہ ڪيو ويو تہ سنڌ ۾ سالن کان موجود جاگيرداري ۽ زمينداري سرشتو خطري ۾ پئجي ويندو. ان ڪري هن خطري کي ٻُنجي ڏيڻ لاءِ زميندار، پاڻ ۾ گڏ ٿي، ٺٽي جي صوبيدار مير لطف علي خان وٽ دانهين ويا تہ صوفي شاھہ عنايت کي اجتماعي ‘کيتي ٻاڙي’ جي عمل کان روڪيو وڃي. انهن زميندارن ۾ شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو جانشين سيد عبدالواسع شاھہ، شيخ زڪريا بھاؤالدين ملتانيءَ
جو جانشين شيخ سراج الدين، پليجاڻيءَ جو مشھور زميندار ارباب
نور محمد پليجو، حمل جت، لاکاٽ جو گل آگرو ۽ ٻيا ڪيترا زميندار شامل هئا.
هڪ روايت اها بہ آهي تہ ٺٽي جي مولوين، عالمن ۽ بلڙيءَ جي سيدن شاھہ عنايت جي مخالفت سندس ابتدائي ڏينهن کان ئي شروع ڪري ڇڏي هئي. ڏٺو وڃي تہ وقت جي حڪمرانن ۽ درٻاري عالمن، پنهنجن سياسي مخالفن کي ڪچلڻ لاءِ هميشہ مذهب ۽ عدالتن جو سهارو وٺي، کين چيڀاٽيو ۽ هيسايو هو، ان روايت کي برقرار رکندي، سنڌ جي حڪمرانن، وَجَهي، مفادپرست ۽ زميندارن جي حامي مـُلن ۽ ٻين مخالفن، شاھہ عنايت کي ٺٽي جي علائقي ۾ هيسائي، خاموش ڪرائڻ جا ڏاڍا جتن ڪيا ۽ ڪيترا اوڇا عمل پڻ ڪيا؛ مٿي ذڪر ٿي آيو آهي تہ شاھہ غلام محمد، شاھہ عنايت جو استاد هو، پر هنن اهو افواھہ اٿاريو تہ “شاھہ غلام محمد، شاھہ عنايت کي جهُڪي سجدو ڪري ٿو ۽ کيس خدا [نعوذ باالله] تسليم ڪري ٿو.” اهڙيءَ طرح حڪمرانن ۽ ٻين مخالفن شاھہ عنايت کي پنھنجي عدالت ۾ گهرائي، تعزير ڏيارائڻ ۽
زير بار ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي.
دراصل شاھہ غلام محمد جو تہ هڪ بهانو بنايو ويو هو، پر شاھہ عنايت جا سيد عبدالواسع بلڙيءَ وارو، حمل جت ۽ نور محمد پليجو وڏي ۾ وڏا مخالف هئا. صوفي حضور بخش پنھنجي ڪتاب ‘شاھہ عنايت شھيد’ ۾ لکيو آهي ته، “شاھہ شھيد جا سيد عبدالواسع، حمل جت،
نور محمد پليجو، ميان يار محمد ڪلهوڙو ۽ مغل حاڪم جيتري قدر مخالف هئا، اوتري قدر مذهبي عالم ۽ مفتي بہ مخالف هئا. مخالف عالمن ۽ مفتين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار مخدوم محمد هاشم جو هو.”
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي معرفت ئي شاھہ عنايت جي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ۽ سندس سچي پوئلڳ شاھہ غلام محمد کي تعذير ڏياري وئي. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي شاگرد حاجي فقير علويءَ شڪارپوريءَ بابت پير حسام الدين راشديءَ پنھنجي هڪ مضمون ’شاھہ عنايت شھيد جي سوانح جا ماخذ‘ ۾ لکيو آهي ته، “شاھہ عنايت جڏهن شھيد ٿيو، تڏهن شڪارپور وارو شاھہ علوي'>فقير علوي ڏاڍو خوش ٿيو، جنهن جو اظهار هن پنھنجي خطن ۾ ڪيو آهي.” انهن کان سواءِ مشھور شاعر ميون شاھہ عنات رضوي، عبدالحڪيم ‘عطا’ ٺٽوي، محمد رضا ۽ شاھہ سراج الدين بہ شاھہ عنايت شھيد جا سخت مخالف هئا.
عبدالحڪيم عطا ٺٽويءَ، شاھہ عنايت صوفيءَ جي مخالفت ۾ شاعري ڪري، ٺٽي جي مغل گورنر جي حمايت ڪئي، جنهن جو اظهار ‘ديوان عطا’ جي مرتب، محمد مطيع ‘راشد’ برهانپوريءَ، ڪتاب جي مقدمي ۾ هن ريت ڪيو آهي:
“‘عطا’ جي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو تہ ‘عطا’، شاھہ عنايت جي خلاف اٿاريل پروپيگنڊا کان متاثر ۽ سندس مخالف هو. هڪ اردو غزل ۾ هن [شاھہ عنايت جي] فقيرن جي فراغت سان حياتي گهارڻ تي طنز ڪندي، کين ‘عنادي’ سڏيو آهي.”
عطا ٺٽويءَ، شاھہ عنايت کي ‘شيواجيءَ’ [مغلن جي مخالف] سان ڀيٽيندي هيٺيون قطعو لکيو هو:
شنيده شد بہ دکن ‘شيوا’ کافري بوده است،
بشهرِ تته کنون نِيز ‘شيوا’ پيدا شد،
از تمرد ظاهر شده بہ اهلِ نياز،
وزين تمرد باطن عجب هويدا شد.
هن شاھہ شھيد جي شهادت تي هيٺيون قطعو لکي مغل گورنر نواب اعظم خان کي ‘غازي’ جو لقب ڏنو.
لشکرِ ‘نواب غازي’ جا بجا فيروز مند،
مشعلِ اقبال اُو در مُلڪ سِند اَفروخته،
زان شهابِ ديو ڪش شد رجم ديوان خبيث،
عقل اين تاريخ گفتھ، ‘جام بدبو سوخته’.
مٿئين قطعي ۾ شاھہ عنايت خلاف نهايت گندي زبان استعمال ڪئي وئي آهي. ‘عطا’ ٺٽويءَ جي شاھہ عنايت خلاف اردو غزل جا ٻہ بند، تاريخ جي رڪارڊ تي آڻڻ لاءِ ڏجن ٿا:
چگو نہ سندھہ بستہ باز سکھہ سـون،
‘عـنـادي’ درميـانِ جهـوک’ رهـتـا،
زبـا افـراطِ افـطـارِ فـقـيــران،
نـگاهـي جـانـبِ مـمـلـوک رهـتــا.
[حوالو: ديوان عطا ٺٽوي]
شاھہ عنايت رضوي جيئن تہ ڪلهوڙن حاڪمن [ميان نصير محمد ۽ ميان يار محمد] جو ممدوح هو، ان ڪري هن بزرگ بہ شاھہ عنايت جهوڪ واري جي خلاف بيت لکيا هئا، هڪ بيت ڏجي ٿو.
تون طُرو طريلن جو، تنھنجي خانيءَ کاڌا کڳ،
‘يار محمد يار خدا جا’، وهلا وارج وڳ،
جا ٺڳي ڪئي ٺڳ، سا لاهي آءُ لانگاھہ جي!
[ميين شاھہ عنايت جو ڪلام، مرتب: ڊاڪٽر ن. ب. بلوچ]
سيد عبدالواسع شاھہ، نور محمد پليجو ۽ حمل جت پاڻ ۾ سٽل ۽ ڳٺجوڙ ڪري، ٺٽي جي مغل نواب مير لطف علي خان وٽ شاھہ عنايت ۽ سندس فقيرن جي شڪايت کڻي آيا. نواب لطف علي خان بنا ڪنهن جاچ جوچ جي ٽنهي کي اجازت ڏني تہ صوفي شاھہ عنايت ۽ سندس فقيرن سان جيئن وڻين، تيئن وڃي منهن ڏين. نواب لطف عليءَ طرفان اهڙي اجازت لکت ۾ ملندي ئي، سيد عبدالواسع، نور محمد پليجي ۽ حمل جت، صوفي شاھہ عنايت جي خانقاھہ تي پنهنجن ماڻهن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن حملي ۾ صوفي صاحب جا ڪيترائي درويش فقير مارجي ويا. انهيءَ واقعي جو جڏهن مغل شهنشاھہ وٽ فرياد پهتو تہ ان حڪم جاري ڪيو تہ بيگناهن کي ‘خون بھا’ ڏني وڃي. اهڙيءَ ريت قاتلن جو زمينون، شاھہ عنايت جي ساٿي مقتولن جي وارثن حوالي ڪيون ويون.
112ھہ/ 1716ع ۾ نواب لطف علي خان کي برطرف ڪري، نواب اعظم خان کي ٺٽي جو نئون نواب مقرر ڪيو ويو. هُو صوفي شاھہ عنايت جي مخالفن جي ڦهلايل ۽ ٻڌايل ڳالهين ۾ اچي، هر طرح سندن مڪمل مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. مير علي شير قانع جي ‘مقالات الشعراء’ [ڪتاب] ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، نواب اعظم خان، صوفي شاھہ عنايت سان ملاقات لاءِ ويو، تڏهن فقيرن کيس ائين چئي روڪي ڇڏيو ته، حضرت هن وقت ورد وظائف ۾ مشغول آهي. ٿوريءَ دير کانپوءِ جڏهن اعظم خان جي صوفي شاھہ عنايت سان ملاقات ٿي، تڏهن
اعظم خان چيو تہ:
درِ درويش را دربان نہ شايد،
[ترجمو: درويش جي در تي دربان نہ هجڻ گهرجي]
صوفي شاھہ عنايت وراڻي ڏني تہ:
‘بشايد، تا سگِ دنيا نيايد’
[ترجمو: هجڻ گهرجي، تہ جيئن دنياوي ڪُتا اندر اچي نہ سگهن].
هن درويشاڻي ۽ دليرانہ جواب، نواب اعظم خان کي مڇرائي وڌو ۽ هن سڀ کان پهرين اهو قدم کنيو تہ صوفي شاھہ عنايت جي خانقاھہ سان لاڳو زمينن جون ڍلون، جيڪي اڳ ۾ معاف ڪيون ويون، سي ٻيهر لاڳو ڪري ڇڏيائين.
هوڏانهن سنڌ جو [مغلن جو خطاب يافتہ حاڪم ‘خدا يار خان’] ميان يار محمد خان ڪلهوڙو بہ شاھہ عنايت جو سخت مخالف هو. پير حسام الدين راشديءَ لکيو آهي تہ اهو حادثو [شاھہ عنايت جي شهادت جو واقعو] سنڌ اندر مغلن جي زوال واري دؤر ۾ ٿيو ۽ اهو الميو تڏهن وقوع پذير ٿيو، جڏهن ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي ابتدا ٿي رهي هئي، سيوهڻ تائين ميان يار محمد جو قبضو ٿي چڪو هو ۽ ٺٽي واري حصي مٿان سندس اکيون هيون. يار محمد ڪلهوڙي جڏهن صوفي شاھہ عنايت جو آفاقي پيغام ٻڌو ۽ کيس ‘گڏيل سماجي ۽ معاشي نظام’ جي ڄاڻ ملي، تڏهن هن پنھنجي پيري فقيريءَ ۽ حڪومتي عهدي لاءِ خطرو محسوس ڪيو. مٿان وري سندس ستايل ۽ آزاريل عوام، ظلم ۽ ڏاڍ کان ڀڄي، اچي صوفي شاھہ عنايت جي پناھہ ۾ رهڻ لڳو تہ هيڪاري ميان يار محمد وڌيڪ ڪاوڙجي پيو ۽ سڌو سنئون شاھہ عنايت ۽ سندس تحريڪ جو کلم کلا مخالف ٿي بيٺو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي تہ يار محمد ڪلهوڙي، شاھہ عنايت جي مخالفت نہ ڪئي هئي، پر اها ڳالھہ غلط ۽ بي دليل آهي.
جڏهن نواب اعظم خان کي دهليءَ جي بادشاھہ فرخ سير (1713ع-1719ع) جو صوفي شاھہ عنايت سان جنگ ڪرڻ جو حڪمنامو اچي پهتو تہ سرڪاري فوجون وٺي شاھہ عنايت تي ڪاھہ ڪئي وڃي ۽ ان سان گڏ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مدد ڪرڻ لاءِ مقامي جاگيردارن، زميندارن ۽ اربابن ڏانهن بہ اعظم خان جا حڪمناما جاري ٿيا. مير علي شير قانع ‘مقالات الشعراء’ ۾ لکي ٿو ته، “اعظم خان، ميان يار محمد خان ۽ ٻين سڀني زميندارن توڙي سنڌ جي انهن ماڻهن ڏانهن مدد ڪرڻ جا حڪم پهتا، جن وٽ پنهنجا لشڪر هئا ۽ جن کي اڳي ئي فقيرن سان ڪينو هو. انهن سڀني حڪمناما وصول ڪندي ئي جنگي تياريون شروع ڪري ڏنيون.”
صوفي شاھہ عنايت جي خلاف سبي، گنجابه، چانڊڪا، مختلف ڪوهستاني علائقن، ٺٽي ۽ ٻين ماڳن کان هزارين فوجن، ان وقت جي جديد هٿيارن سان مسلح ٿي اچي، 14 ذوالقعد 1129ھہ/ 9 آڪٽوبر 1717ع تي جهوڪ جي علائقي جو گهيراءُ ڪيو. 16 ذوالقعد 1129ھہ/ 11 آڪٽوبر 1717ع تي ميان يار محمد بہ وڏو لشڪر وٺي اچي جهوڪ پهتو ۽
17 آڪٽوبر تي باقاعدي جهوڪ جو گهيراءُ ڪيو ويو. پر شاھہ عنايت جي فقيرن جي حڪمت عمليءَ [کاهين کوٽي ڇڏڻ] کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. سرڪاري لشڪر وٽ توبون بہ هيون، پر چئني پاسن کان وڏي کاهي هجڻ جي ڪري، انهيءَ ڏينهن هو اڳتي وڌي نہ سگهيا. صوفي شاھہ عنايت پنھنجي فقيرن کي خونريزي ۽ اڳرائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو، پر جڏهن سرڪاري فوج جو ميرانپور کي گهيرو گهڻو تنگ ٿيو، تڏهن صوفي فقير مجبور ٿي پيا، جنهن کانپوءِ نيٺ شاھہ عنايت کين جنگ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 18 ذوالقعد 1129ھہ/ 13 آڪٽوبر 1717ع تي اڃا رات جو چوٿون پھر باقي هو، تہ فقير خاموشيءَ سان ڪاٺ جي مُٺين واريون ترارون کڻي، مخالف لشڪر تي اچي ڪڙڪيا ۽ سندن گهڻو نقصان ڪيائون.
ڪتاب ‘مقالات الشعراء’ ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته، “فقير سرڪاري فوج تي اهڙو تہ اچي ڪڙڪيا، جو رستم جو پِتو بہ اهو ڏسي خوف کان ڦاٽي پوي ها، ڪيترا مخالف اجل جو شڪار ٿيا ۽ جيڪي بچيا، سي ڀڄڻ لڳا، انهيءَ ڀاڄ ۾ اوچتو هڪ فقير کي پير ۾ ڪا ڪاٺي لڳي پئي، جنهن تي سندس زبان مان ‘’ جي صدا نڪري وئي. ان تي سڀني فقيرن دستور مطابق ‘ﷲ! ﷲ!’ جو نعرو بلند ڪيو، جنهن ڪري دشمن جي فوج کي سُڌ پئجي وئي تہ اهو حملو فقيرن جي جماعت جو آهي، ان بعد هنن تياري ڪري فقيرن تي ايڏي تہ زور سان حملو ڪيو، جو کين جان بچائي پوئتي هٽڻو پيو. حقيقت ۾ شاھہ عنايت، فقيرن کي منع ڪئي هئي تہ هو ڪو بہ نعرو نہ هڻن، پر هنن ڏٺو تہ چپ رهندا تہ شڪست کائيندا.”
فقيرن جو سرڪاري محاصرو [گهيرو] چار مهينا لاڳيتو هليو ۽ جڏهن صوفي فقير ٻيهر دشمن فوج تي غالب ٿيا، تڏهن سرڪاري لشڪر وري منجهي پيو. آخر هنن حيلي بازي ۽ مڪاريءَ کان ڪم ورتو. هنن سوچيو تہ صوفين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪا سازش ضروري آهي. انهيءَ لاءِ هي سڀ گڏ ٿي، باقاعدي رٿابندي ڪرڻ لڳا.
صوفي حضور بخش لکي ٿو ته، “گورنر اعظم خان، مير شھداد خان ٽالپر کي مخاطب ٿيندي چيو تہ سڀني جاگيردارن، پيرن ۽ سردارن جي راءِ آهي تہ توهان ئي حسن تدبير سان ڪو منصوبو جوڙي، مغل سلطنت، جاگيردارن ۽ پيرن جي عزت بچائي سگهو ٿا، انهيءَ کانپوءِ مير شھداد خان ٽالپر، وڏي خبرداريءَ ۽ چالاڪيءَ سان هڪ منصوبو جوڙيو ۽ هن گورنر اعظم خان ۽ ٻين کي ساري رٿابنديءَ کان واقف ڪيو.”
جنهن کانپوءِ انهيءَ رٿ تي عمل ڪيو ويو. مير شھداد ٽالپر
قرآن شريف ساڻ کڻي شاھہ عنايت وٽ امن جو پيغام کڻي پهتو، ٻين کي صلاح ڏنائين تہ جيئن ئي ڪوٽ مان صوفي شاھہ عنايت ٻاهر نڪري تہ جهوڪ تي حملو ڪري، فقيرن کي هڪدم ختم ڪيو وڃي، روايت آهي ته، اهو سڄو منصوبو مير شھداد خان جو جوڙيل هو. ان ڏس ۾ عملي ڪم بہ مير شھداد خود ئي ڪيو. صوفي شاھہ عنايت ۽ مير شھداد خان پاڻ ۾ سنڍو ٿيندا هئا. پر ‘انيس المساڪين’ جو مصنف قاضي غلام مهدي، انهيءَ سڄي دوکيبازي ۽ منصوبي جوڙڻ جو ذميوار ميان يار محمد ڪلهوڙي کي بيان ڪري ٿو. آخرڪار صوفي شاھہ عنايت کي قرآن پاڪ وچ ۾ ڏئي، دوکي سان گرفتار ڪري، اعظم خان ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي اڳيان آندو ويو. ٽي ڏينهن قيد ۾ رکڻ کان پوءِ، 15 صفر المظفر 1130ھہ/ 7 جنوري 1718ع تي نواب اعظم خان آڏو صوفي صاحب کي پيش ڪيو ويو. صوفي شاھہ عنايت سان سندس ننڍو ڀاءُ رحمت شاھہ، سندس ڀائٽيو محمد يوسف پٽ رحمت ۽ ٻارهن خاص مريد گڏ هئا. اعظم خان ۽ شاھہ عنايت جي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿي، سا مختلف ماخذن هن ريت بيان ڪئي آهي:
اعظم خان:
چرا اين همه شورش بپا کردي؟
[ترجمو: تو اها شورش برپا ڇو ڪئي]
صوفي شاھہ عنايت:
آن روزڪه توسن فِلڪ زين کردند،
آرائشِ مشتري ز پروين کردند،
اين بود نصيبِ ما ز ديوانِ قضا،
مارا چه گنه قسمت ما اين کردند.
[ترجمو: انهيءَ ڏينهن جڏهن فلڪ جي ارڏي گهوڙي تي هَنو رکيو هئائون، مشتري ستاري کي پروين سان سينگاريو ويو. قضا ۽ تقدير جي دفتر ۾ اسان جو ونڊ اهو هو. اسان جو ڪو ڏوھہ نہ آهي. اها اسان جي قسمت هئي.]
شاعر شيخ محمد رضا، جيڪو ان وقت درٻار ۾ موجود هو، تنهن وچ ۾ شاھہ عنايت کي مخاطب ٿي هيئن چيو:
دوست! بيدار بشو عالمِ خواب است اينجا،
حرف بيهوده مَ گو پاي حساب است اينجا.
[ترجمو: دوست سجاڳ ٿي، هيءَ جاءِ خواب جو جھان آهي. اجايو نہ ڳالهاءِ! ڇو جو هي حساب جي جاءِ آهي.]
صوفي شاھہ عنايت:
درکوئ نيک نامي مارا گذر ندادند،
گر تو نمي پسندي تغير کن قضارا.
[ترجمو: اسان کي نيڪناميءَ جي گليءَ ۾ لنگهڻ نہ ڏنائون جيڪڏهن توکي اسان جي ڳالھہ نٿي وڻي تہ تقدير قضا کي بدلائي ڏيکار.]
نواب اعظم:
آمادہ بلا باش!
[ترجمو: هاڻي مصيبت اچئي ٿي.]
صوفي شاھہ عنايت:
البلاء للولاءِ کاللهب الذهب.
[ترجمو: دوستيءَ لاءِ مصيبتون ايئن آهن، جيئن سون لاءِ باھہ]
نواب اعظم:
خود را چرا بدنام کردي وهدف تير بلاشدي.
[ترجمو: پاڻ کي بدنام ڪري، مصيبت جي تير جو نشانو ڇو بڻئين؟]
صوفي شاھہ عنايت:
عاشق چه کند گر نکشند بارِ ملامت،
باهيچ دلاور سپر تير قضا نيست.
[ترجمو: عاشق ڇا ڪري جيڪڏهن ملامت جو بار نہ کڻي! ڪنهن بہ بھادر وٽ تقدير جي تير جي بچاءُ لاءِ ڍال آهي ئي ڪا نہ.]
نواب اعظم:
حالانکه کشته شوي کھ آن طول امل؟
[ترجمو: هن وقت تون ڪسجين ٿو، تڏهن بہ ڊيگهہ نٿو ڇڏين؟]
صوفي شاھہ:
هرگز نميرد آنکه دلش زندہ شد بعشق،
ثبت است برجريدهء عالمِ دوام ما.
[ترجمو: اهو هرگز مري نٿو، جنهن جي دل عشق سان آباد آهي. اها ڳالھہ سدائين جھان جي سيني تي تحرير ٿيل آهي.]
نواب اعظم:
چرا با طاعت اولوالامر برون نيامدي؟
[ترجمو: بادشاھہ جي حڪم کان انڪار ڇو ڪيئي؟]
صوفي شاھہ عنايت:
ما مريدان رو بسوي ڪعبه چون آريم چون،
روبه سوئ خانهء خمار دارد پيرِ ما.
[ترجمو: اسان مريد ڪعبي ڏانهن منهن ڪيئن ڪريون، جڏهن تہ اسان جي پير جو منهن شراب خاني ڏانهن آهي!]
نواب اعظم:
حالا برفقدان آرزو ها چه غم داري؟
[ترجمو: اميدن جي ختم ٿيڻ تي ڪهڙو غم اٿئي؟]
صوفي شاھہ عنايت:
من از آن دم ڪه وضو ساختم چشمهء عشق،
چار تکبير زدم يڪسره برهم چه ڪه هست!
[ترجمو: جڏهن کان عشق جي چشمي مان وضو ڪيو آهي، تڏهن کان وٺي مون سڀني شين کان چار تڪبيرون هنيون آهن.]
مٿين سوالن جوابن کانپوءِ شاھہ عنايت جي اکين آڏو سندس ڀاءُ رحمت شاھہ ۽ ڀائٽيي محمد يوسف کي جلاد هٿان شھيد ڪرايو ويو، ۽ صوفي شاھہ عنايت کي ضد تان هٽي وڃڻ لاءِ چيو ويو، پر صوفي شاھہ عنايت چيو تہ “سر ڏيندس، پر حق نہ ڇڏيندس.”
جنهن کانپوءِ، 15 صفر المظفر 1130ھہ/ 7 جنوري 1718ع تي صوفي شاھہ عنايت جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري، کيس شھيد ڪيو ويو. شهادت وقت سندس زبان تي حافظ شيرازيءَ جو هيءُ شعر جاري هو:
رهانيدي مرا از قيدِ هستي،
جزاڪ في الدارين خيراً.
[ترجمو: تو مون کي هن قيد جهڙي زندگيءَ کان آجو ڪيئي، شال سائين، ٻنهي جهانن ۾ تنهنجو ڀلو ڪري.]
پوءِ سسي تلوار کان ڌار ٿيڻ وقت پاڻ هي بہ شعر پڙهيائون تہ:
سر درِ قدم يار فدا شد چه بجا شُد،
اين بارِ گران بُود ادا شد چه بجا شُد.
[سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو، سٺو ٿيو، هيءُ ڳرو بار هو، ادا ٿيو، سُٺو ٿيو.]
صوفي شاھہ عنايت جي شهادت جو قصو ٻڌي سندس عقيدتمند فقير تمام گهڻو ڏکارا ٿيا، پر هنن پنهنجا حوصلا پست ٿيڻ نہ ڏنا ۽ پنھنجي رهبر جي تحريڪ کي جاري رکيو.
اهو ڏسي، نواب اعظم خان، ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ٻين شھيد شاھہ عنايت جي مخالف جاگيردارن ۽ سرڪاري دلالن، شاھہ عنايت شھيد جي تحريڪ جي پوئلڳ فقيرن کي ختم ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو، اهي انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي، جهوڪ جي صوفي فقيرن کي چيڀاٽڻ لاءِ سرڪاري ۽ ڏيهي فوج سان نڪري پيا. روايت آهي تہ جڏهن رات جو فقير، ذڪر فڪر ۾ مشغول هئا، تڏهن دشمن جي لشڪرين، ميرانپور جي چؤطرف تيل هاري اوچتو ئي اوچتو سڄي شھر کي باھہ ڏئي ڇڏي ۽ باھہ جا گولا ڪوٽ اندر اڇلڻ لڳا. سڄي جهوڪ جي وستيءَ کي باھہ ڏئي، وري خاص لنگهہ جهلي بيهي رهيا، انهيءَ باھہ مان جيڪو بہ ننڍو وڏو جان بچائي ٻاهر ٿي نڪتو تہ اُن کي هنن تلوارن سان پورو ٿي ڪيو.
ان وحشياڻي واردات بابت صوفي حضور بخش لکي ٿو ته، “هنن ظالمن جهوڪ کي چؤطرف کان باھہ ڏني ۽ ڏسندي ئي ڏسندي جهوڪ شھر ٻرندڙ مچ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ باھہ جون ڄڀيون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. اهو زندگيءَ سان ڀريل شھر چند ڪلاڪن ۾ خاڪ ٿي ويو. چؤطرف جانورن ۽ انساني جسمن جا سڙيل ڍانچا پکڙيا پيا هئا. هڪ اندازي مطابق ان تحريڪ ۾ ڇھن کان ستن هزارن صوفي فقيرن پنهنجون جانيون قربان ڪيون.”
صوفي حضور بخش وڌيڪ لکي ٿو ته، هڪ اندازي موجب چئن مهينن جي جنگي معرڪي ۾ اٽڪل ڇھن ستن هزارن صوفين پنهنجون جانيون قربان ڪيون، جن کي وڏا کوھہ کوٽي اجتماعي طور ترتيب وار دفن ڪيو ويو. اهي کوھہ اڄ بہ صوفي شاھہ عنايت جي مقبري ۽ شهادت واريءَ جاءِ جي آس پاس “گنج شهيدان” جي نالي سان قائم ۽ موجود آهن.
جهوڪ ڇڏي وڃڻ کانپوءِ، ٺٽي ۾، شاھہ شھيد جي پوئلڳ صوفي بزرگن: شاھہ اسماعيل صوفي، مسعود ولهاريءَ ۽ شاھہ عبدالڪريم ٺٽويءَ، شاھہ شھيد جي فڪري پرچار کي اڳ وانگر جاري رکيو.
شاھہ عنايت جي زرعي انقلابي تحريڪ يعني ‘هارين جي صوفياڻي مساوات’ جي عظيم فڪر جي پرچار ۽ نعري ‘جو کيڙي، سو کائي’ واري تعليمات جو بنياد هيٺين نُڪتن تي هو:
(1) وحدت الوجود، (2) وحدت مذاهب، (3) وحدت انساني، (4) پاڻ سڃاڻڻ، (5) دوئي دور ڪرڻ، (6) عشق کي رهبر راھہ ڪرڻ، (7) وطن دوستي ۽ قوم جو معاشي نظام سڌارڻ، (8) هارين جي صوفياڻي مساوات قائم ڪرڻ، (9) ظلم ۽ ڏاڍ ختم ڪرڻ ۽ انصاف مهيا ڪرڻ، (10) زمين ۽ ٻيا ڌنڌا گڏيل نموني ڪرڻ، اناج يا زندگيءَ جون ٻيون ضروري شيون ضرورتن جي بنياد تي هر هڪ کي ڏيڻ، جيئن ڪو بہ لاچار ۽ بيوس نہ رهي.
صوفي حضور بخش، شاھہ عنايت جي فڪر بابت ڪتاب
‘شاھہ عنايت شھيد’ جي صفحي 27 تي لکي ٿو تہ: “صوفي شاھہ عنايت، صوفي ازم تحت عوام سان مذهب ۽ ذات پات جي بنيادن تي پيدا ڪيل گروھہ بندين، نفرت ۽ اوچ نيچ کي ختم ڪري منجهن اتحاد، اشتراڪ، اهنسا، برابري، ذهني سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو تہ جيئن عوام کي صحيح ۽ سچي آزاديءَ جي راھہ ڏيکارجي.”
ان سلسلي ۾ علي محمد شاھہ راشدي'>پير علي محمد شاھہ راشدي پنھنجي ڪتاب
‘اهي ڏينهن، اُهي شينهن’ ۾ شاھہ عنايت ۽ سندس پيغام جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ:
“سندس پيغام جو روح هو تہ انسانن جو روح بيدار ٿئي. منجهائن گندگيون مثلاً: تعصب، تفريق ۽ انسان دشمنيءَ جون غلاظتون دور ٿي وڃن ۽ سڀ پاڻ ۾ ملي هڪ لڙهيءَ ۾ پوئجي وڃن ۽ اسلامي اصولن مطابق همت کان ڪم وٺڻ جا اهل بڻجن. ساڳئي وقت اسلامي فڪر ۽ روحاني روشني کي بلنديءَ تي رسائجي.”
پير صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته، “اهو هو اجتماعي ۽ اصولي تصور. انفرادي طريقيڪار جا لوازمات هي هئا: سائينءَ تي توڪل، ذاتي حاجتون مختصر، تفريقون ختم، پاڻ ۾ محبت، عام انسان دوستي، جسم جي رياضت، روح جي راحت وغيره، پر انهن اصولن سان گڏوگڏ شاھہ عنايت وٽ سماجي ۽ اقتصادي نظام لاءِ بہ اعلى آدرش موجود هئا. هن نہ رڳو اهو پيغام ڏنو، پر عملي طرح هڪ معاشرو اڏڻ لاءِ پهريائين عام (مقامي) ماڻهن جي ذهنن جي سجاڳي آڻڻ پئي چاهي تہ جيئن: (1) ماڻهن مان اندروني اختلاف ۽ ڀيدڀاءُ ختم ٿئي ۽ هو پاڻ ۾ متحد ۽ هڪ آواز ٿين، (2) ظلم کان آزادي حاصل ڪري پنهنجا حق حاصل ڪن ۽ اقتصادي خوشحالي ماڻين، (3) باهمي تعلقات جو بنياد محبت ٿئي، (4) زندگي بامقصد، (5) اعلى ترين اقتدار جو حصول منتهي نظر، (6) پاڪ معاشري جي اڏاوت، (7) هر عمل ۾ سچ ۽ صداقت، (8) حق ئي حق هجي، (9) انهن سمورين شين جي حاصلات لاءِ عملي جدوجھد جي تعليم ۽ تربيت، (10) هن ملڪ جا پيڙيل ۽ مظلوم ماڻهو متحد هجن، حڪومتي ۽ سماجي ظلم کان آجا هجن.”
شاھہ عنايت شھيد جي تحريڪ جا خاص مول متا، مٿين نقطن تي آڌاريل هئا، پر سڀ کان وڌيڪ زور مساوات ۽ زمين تي هاريءَ جي حق هئڻ تي هو، ڇو تہ شاھہ شھيد جي فڪر جو اهم نقطو اهو هو تہ زمين جي پيداوار جو ڌڻي اهو ئي آهي، جيڪو انهيءَ تي محنت ڪري فصل اپائي ٿو.
شاھہ عنايت، پنھنجي سموري پيغام ۾ اوليت زمين کي ڏني، ڇو تہ سندس خيال ۾ انسان جي جياپي جو ذريعو ڌرتي آهي. شاھہ عنايت جو دور، صنعتي يا سرمائيداري دور بجاءِ مڪمل طور زرعي دور هو، تنهنڪري زراعت کي ئي وڌيڪ اهميت حاصل هئي. اهو ئي سبب آهي، جو شاھہ عنايت پنھنجي پيغام ۾ ٻين سڀني ڳالهين سان گڏ ‘زمين گڏيل ملڪيت آهي’ جو فڪر ڏئي، پهريائين پنھنجي زمين گڏيل ملڪيت ۾ ڏئي، هڪ عظيم مثالي [اشتراڪي] سماج جوڙي، هي پيغام عام ڪيو تہ انسان ذات اهڙي سهڻي، انصاف ڀرئي، آزاد ۽ انسان جي اعلى گڻن موجب هلي، باوقار ۽ خوشحال زندگي گذاري سگهي ٿي.
صوفي شاھہ عنايت شھيد جي (پراڻي) مزار جو نظارو
صوفي شاھہ عنايت شھيد جي مزار جو موجودہ نظارو
صوفي شاھہ عنايت جون شاديون:
شاھہ عنايت شھيد جي شادين بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. ‘انيس المساڪين’ ۾ قاضي غلام محمد مهدي، شاھہ شھيد جون چار شاديون ڄاڻائي ٿو، جڏهن تہ ‘شهادت نامہ’ ۾ سندس ٽي شاديون ڄاڻايل آهن. انهن ٻنهي راين کي مدنظر رکندي ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ، پنھنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ‘صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر’ ۾ لکي ٿو ته، “شاھہ شھيد چار شاديون ڪيون. پهرين شادي هندستان ۾ رهڻ دوران ڪيائون، جنهن مان کين هڪ پٽ خليل هو. ٻيءَ شادي هندستان مان واپسيءَ دوران مخدوم محمد اسماعيل جي نياڻيءَ سان ڪيائون، جنهن مان کيس اولاد نہ ٿيو. ٽين شادي ميرانپور ۾ اچڻ کانپوءِ پنھنجي خاندان مان ڏاڏي پوٽيءَ سان ڪيائون، جنهن مان
شاھہ عزت ٿيو، جنهن کي ‘گُند پير’ جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ هڪ نياڻي بہ ٿين. چوٿين شادي سوڍن مان ڪيائون، جنهن مان کين هڪ فرزند صوفي سلام عرف ٿر ڌڻي بادشاھہ ٿيو.”
شاھہ عنايت شھيد جا استاد:
شاھہ عنايت صوفيءَ جو پهريون اُستاد سندس والد مخدوم فضل هو. ان کانپوءِ پاڻ ملتان ۾ شاھہ شمس کان تعليم ورتائون. بعد ۾
شاھہ شمس جي مشوري سان بيجاپور جي سيد عبدالمالڪ کان روحاني فيض حاصل ڪيائون. ان بعد مخدوم غلام محمد دهلويءَ وٽ هڪ سال رهي تعليم مڪمل ڪئي.
هيٺ مخدوم غلام محمد دهلوي دستور جو مختصر تعارف ڏجي ٿو:
غلام محمد دهلوي دستور: صوفي شاھہ عنايت شھيد جو ظاهري علمن ۾ استاد شاھہ غلام محمد پنھنجي دؤر جو نامور عالم هو، جيڪو اڳتي هلي صوفي شاھہ شھيد جي علم ۽ معرفت جي منزلت ڏسي سندس معتقد بڻيو. يعني هي شاھہ شھيد جو استاد هئڻ سان گڏ معتقد بہ هو. شاھہ غلام محمد دهلوي، سيد عبدالملڪ جو فيضياب مريد ۽ صوفي بزرگ هو. هن پنھنجي مرشد جي اجازت سان شاھہ جھان آباد (دهليءَ) ۾ فقيريءَ جي گاديءَ کي وقت جي پيرن کان اعليٰ ۽ اتم درجي تي رسايو. شاھہ غلام محمد جي خانقاھہ تمام گهڻي مشھور هئي. هي دهليءَ ۾ دفن ٿيل مشائخن مان هڪ هو، لکنؤ جي هڪ ڳوٺ سرسنڊه ۾ پيدا ٿيو. علم لاءِ سنڌ جو سفر ڪيائين ۽ شيخ عنايت ٺٽويءَ کان علم پرايائين. ان کانپوءِ شيخ عبدالملڪ دکنيءَ جي خدمت ۾ پهچي، گهڻو وقت رهي کانئس طريقت هٿ جي بيعت ورتي ۽ پوءِ دهليءَ ڏانهن روانو ٿيو، جتي 12 رجب المرجب 1152ھہ/ 4 آڪٽوبر 1739ع ۾ وفات ڪيائين. اها ڳالھہ واضح ڪجي ته، سيد عبدالملڪ، شاھہ عنايت
کي شاھہ غلام محمد ڏانهن موڪليو، جتي شاھہ غلام محمد، صوفي شاھہ عنايت کي ظاهري علم پڙهايا ۽ اڳتي هلي شاھہ غلام محمد وري روحاني علم جي لحاظ کان صوفي شاھہ عنايت جو خاص مريد
ٿي پيو.
انهيءَ حقيقت ۾ ڪو بہ شڪ ناهي تہ شاھہ غلام محمد، شاھہ عنايت جي رفيقن مان هڪ اهم رفيق هو، جڏهن صوفي شاھہ عنايت هندستان کان ڳوٺ موٽيو تہ هي سڀ سانگ ڇڏي ساڻس سنڌ هليو آيو. شاھہ غلام محمد، صوفي شاھہ عنايت جو استاد هئڻ سان گڏ هڪ سچو عاشق، مريد ۽ خليفو پڻ هو. شاھہ غلام محمد جو شاھہ عنايت جي نسبت ڪري سنڌ تي گهڻو اثر هو ۽ شاھہ عنايت جا معتقد هن سان بہ گهڻي عقيدت رکندا هئا. مخدوم عربي هالن واري جي ڀاءُ پير آسات جو اولاد ميان محمد حسين هو، جنهن کي ٻہ پٽ هئا، هڪ احمد ٻيو محمد، انهن ٻنهي مان احمد دهليءَ وڃي شاھہ غلام محمد جي خدمت ۾ رهيو ۽ سندس لنگر جو سمورو ڪم ڪار پيو سنڀاليندو هو،
شاھہ غلام محمد جي درگاھہ شاھجھان آباد ۾ آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.
شاھہ عنايت شھيد جا خليفا:
صوفي شاھہ عنايت جا ڪيترائي خليفا هئا، جيڪي ظاهري علم ۽ روحانيت جي لحاظ سان تمام مٿاهين درجي تي پهتل هئا، پر انهن مان هيٺيان چوڏهن خليفا تمام گهڻا مشھور هئا:
(1) مير شاھہ رضوي'>جان شاھہ رضوي روهڙيءَ وارو [متوفي: 6 ربيع الاول 1167ھہ/ 01 جنوري 1754ع] تفصيل اڳتي ايندو.
(2) شاھہ عبداللطيف ٺٽوي
(3) صوفي شاھہ عبدالڪريم ٺٽوي
(4) صوفي شاھہ اسماعيل ٺٽوي
(5) خليفو سليمان هندي فقير (متوفي: 1130ھہ/1717ع)
(6) خليفو محمد اسحاق فقير (نصرپور وارو)
(7) خليفو عبدالله عرف خواجہ عبدالحميد (اجمير شريف وارو)
(8) ابن اوراھہ سمون
(9) فقير راڄ محمد عرف ڪاڇي فقير
(10) محمد صديق ڀيڏن وارو ذات لاکو (هالا)
(11) شاھہ غلام محمد دهلوي [تفصيل اچي چڪو آهي]
(12) سيد قبول محمد شاھہ گيلاني (مزار شريف پشاور)
(13) معشوق علي شاھہ عرف نماڻو شاھہ (عمرڪوٽ)
(14) سيد محمد باقر شاھہ عرف ٻاوو ڏونگر پوري (بڙودا، احمدآباد)
شاھہ شھيد جا همعصر همدرد ۽ حمايتي:
(1) مخدوم رحمت ٺٽوي
(2) مخدوم محمد معين ٺٽوي
(3) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي
(4) مخدوم ضياء الدين ٺٽوي
(5) مخدوم روح ﷲ بکري
(6) مير نجم الدين عزلت ٺٽوي
شاھہ عنايت جا همعصر مخالف عالم ۽ شاعر:
(1) شاھہ سراج الدين
(2) محمد رضا
(3) عبدالڪريم عطا ٺٽوي
(4) ميون شاھہ عنات رضوي
(5) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
(6) حاجي فقير علوي
جهوڪ شريف جي درگاھہ جا سجادہ نشين:
(1) صوفي عزت اهل گند پير’ ولد صوفي شاھہ عنايت شهيد،
17 صفر 1133ھہ (7 ڊسمبر 1720ع)/ 12 جماد الثاني 1187ھہ (31 آگسٽ 1773)
(2) صوفي محمد زاهد ‘شاھہ ڪلان’ ولد ابراهيم شاھہ ڊٻ وارو، 14 جمادي الثاني 1187ھہ (2 سيپٽمبر 1773ع)/ 17 صفر 1216ھہ (29 جون 1801ع)
(3) صوفي محمد ابراهيم ‘شاھہ قتال’ ولد محمد زاهد ‘شاھہ ڪلان’،
19 صفر 1216ھہ (1 جولاءِ 1801ع)/ 21 محرم 1229ھہ (16 جنوري 1814ع)
(4) صوفي عزت شاھہ ‘سخي پير’ فرزند نورالله شاھہ، 23 محرم 1229ھہ (18 جنوري 1814ع)/ 22 ربيع الاول 1258ھہ (4 مئي 1842ع)
(5) صوفي محمد ابراهيم شاھہ ‘بنگلي ڌڻي’ ولد عزت شاھہ ‘سخي پير’ 27 ربيـع الثاني 1258هجري (8 جون 1842ع)/ 27 رمضان 1269هجري
(5 جولاءِ 1853ع)
(6) صوفي محمد زاهد شاھہ ‘وسڻ شاھہ’ ولد ابراهيم شاھہ 29 رمضان 1269ھہ (7 جولاءِ 1853ع)/ 8 ذوالحج 1291ھہ (16 جنوري 1875ع)
(7) صوفي عبدالستار اول ‘نوراني’ ولد سلطان علي شاھہ، 17 صفر 1301ھہ (18 ڊسمبر 1883ع)/ 2 رجب 1318ھہ (26 آڪٽوبر 1900ع)
(8) صوفي غوث محمد ‘هادي سائين’ ولد عبدالستار اول، 4 رجب 1318ھہ (28 آڪٽوبر 1900ع)/ 22 محرم 1344ھہ (13 آگسٽ 1925ع)
(9) صوفي عبدالستار ثاني ولد غوث محمد ‘هادي سائين’ 24 محرم 1344ھہ (15 آگسٽ 1925ع)/ 24 جماد الثاني 1381ھہ (3 ڊسمبر 1961ع)
(10) صوفي غوث محمد ٻيو، معروف ارشاد عباس ‘رند’ ولد عبدالستار ثاني، 26 جماد الثاني 1381ھہ (5 ڊسمبر 1961ع)/ 16 شوال 1394ھہ (2 نومبر 1974ع)
(11) صوفي عطاءُ شاھہ ‘ستاري’، ولد ارشاد عباس ‘رند’، 18 شوال 1394ھہ (4 نومبر 1974ع)/ موجودہ سجادہ نشين.
شاھہ عبدالستار ثاني صوفي القادري (نائون گادي نشين)
شاھہ غوث محمد صوفي ستاري، قادري (ڏهون گادي نشين)
صوفي عطاءُ شاھہ ستاري، درگاھہ جهوڪ شريف جو موجودہ گادي نشين
صوفي شاھہ عنايت جا فڪري عقيدتمند
شاھہ عنايت پنھنجي دور جو نامور صوفي شاعر، انقلابي ۽ انسان دوست هو. سندس مڪتب مان فيضياب ٿيل اڪثر شخصيتون، بزرگي ۽ شاعريءَ جي تمام مٿانهين مرتبي تي شمار ٿين ٿيون. جهوڪ شريف جي درگاھہ جي ڪجهہ نامور فڪري عقيدتمندن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
(1) مخدوم محمد معين ٺٽوي: مخدوم محمد معين ٺٽوي عرف مخدوم ٺاري جو نالو هند سنڌ توڙي عرب ۽ عجم ۾ مشھور ۽ معروف آهي. هيءُ ذات جو دَل، ٺٽي جو رهاڪو هو. مخدوم صاحب جو خاندان سنڌ ۾ اعليٰ درجي جو علمي، ادبي ۽ مذهبي خاندان هو. سندس ڏاڏو مخدوم طالب الله، روپاھہ جي پٽ باران جي ’دالي‘ ڳوٺ جو رهاڪو، جيڪو علم و فضل ۾ ممتاز حيثيت رکندو هو. مخدوم معين جو والد مخدوم محمد امين جو بہ ٺٽي جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿيندو هو.
مخدوم معين جي ولادت 1093ھہ مطابق 1682ع ۾ ٿي. هو ننڍي هوندي کان تمام ذهين ۽ پڙهاڪو هو، ابتدائي تعليم والد وٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ وقت جي وڏي عالم مخدوم عنايت جي مدرسي مان فارغ التحصيل ٿيو. مخدوم عنايت جي وفات (1114ھہ/ 1702ع) کانپوءِ ‘شاھہ ولي دهلويءَ’ وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. مخدوم صاحب وٽس فلسفهء الاهيات، حديث ۽ ٻين علمن جي تحصيل ڪئي. شاھہ ولي وٽ هن ايتري ذهانت سان علم حاصل ڪيو، جو شاھہ ولي کيس چوندو هو تہ “فقد رکبت غضنفرا”. [ترجمو: بيشڪ تون [تحقيق جي ميدان ۾] شينهن تي سوار آهين.]
مخدوم محمد معين، شاھہ ولي وٽ رهي ‘وحدت الوجود’ جي مسئلن بابت گهڻو ڪجهہ پرايو. مخدوم معين، شاھہ ولي کان پهرين ٺٽي جي نقشبندي بزرگ ‘شيخ ابوالقاسم درس’ کان تعليم ورتي هئي. ٺٽي ۾ هن سيد علي رضا کان شيخ محي الدين ابن عربيءَ جو مشھور رسالو ‘فصوص الحڪم’ پڙهيو ۽ ان کان پوءِ ابن عربيءَ جي صوفياڻي مسلڪ جو سخت حامي ٿي رهيو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم محمد معين پاڻ ۾ تمام گهاٽا دوست هوندا هئا. ڪڏهن شاھہ صاحب، مخدوم صاحب وٽ تہ ڪڏهن مخدوم صاحب شاھہ صاحب وٽ وڃي ٽڪندا هئا. انهن ٻنهي بزرگن ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي وچ ۾ هميشہ مناظرا ٿيندا رهندا هئا.
مخدوم محمد معين ٺٽوي جڏهن دهليءَ مان ٺٽي واپس آيو، تڏهن مخدوم هاشم ٺٽوي هن وٽ حديث جي علم جي سند حاصل ڪئي، پر ٻنهي جي وچ ۾ مسلڪي اختلاف برقرار رهيا. مخدوم معين اهل بيت ڪرام سان عقيدت رکندو ۽ ماتم کي جائز قرار ڏيندو هو، گڏوگڏ شاھہ عنايت جهوڪ واري جي نقطهء نظر ‘الارض لله’ جو پڻ حامي هو، ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ٻنهي ڳالهين ۾ سندس مخالف هو. مخدوم محمد معين جي شاگردن ۽ دوستن ۾ شاھہ علوي'>فقير علوي، مخدوم جلال محمد، مولوي محمد صادق، مخدوم محمد حيات سنڌي مدني، جعفر شيرازي، شرف الدين علي، مير مرتضيٰ سيوستاني ۽ مير نجم الدين عزلت (مخدوم معين جو ڀاڻيجو) جا نالا سرفهرست آهن. مقالات الشعراءِ جو مؤلف لکي ٿو ته، “مخدوم محمد معين ٺٽوي پنھنجي دور جو تمام وڏو عالم ۽ بزرگ هو، انهيءَ ڪري کيس ڪافي مخالفت سھڻي پئي. پاڻ شاھہ عبداللطيف جو ساٿي ۽ صحبتي هو. شعر بہ ڪافي چيائين. هن جو شعر فارسي ۽ هندي (اردو) ۾ آهي. فارسيءَ ۾ ‘تسليم’ ۽ اردوءَ ۾ ‘بيراگي’ تخلص استعمال ڪندو هو.”
مخدوم محمد معين وڏي عالم هئڻ سان گڏ صوفياڻي ۽ فقيراڻي لڏي جو درويش هو. زندگيءَ جو آخري دم بہ پنھنجي دوست لطيف سائينءَ جي موجودگيءَ ۾ ڏنائين. چون ٿا تہ شاھہ لطيف، مخدوم صاحب جي وفات کان ڪجهہ ڏينهن اڳ پنهنجن مريدن کي چيو تہ “هلو تہ يار جو آخري ديدار ڪري اچون” ۽ ڀٽ تان مريدن سميت اچي ٺٽي ۾ مخدوم معين وٽ پهتو، اتي اڳ ئي راڳ ۽ سماع هلي رهيو هو. مخدوم معين، شاھہ صاحب سان ملاقات ڪرڻ کان ترت پوءِ هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس وفات 1161ھہ / 1747ع ۾ ٿي.
سندس وفات تي محمد محسن ٺٽوي، مخدوم نعمت ٺٽوي، مخدوم رحمت علي ٺٽوي، ميان محمد پناھہ رجا ٺٽوي، ميرزا محمد فاضل بيگ ‘فاضل’ ۽ ٻين ٺٽي جي شاعرن قطعه تاريخون چيون آهن.
چيو وڃي ٿو تہ مخدوم معين جي قبر تي بيهي، شاھہ لطيف هيٺيون بيت پڙهيو هو:
جا ڀُون پيرين مون، سا ڀُون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لـٽـبـا ڌوڙ ۾، اُڀــي ڏٺـا ســون ...
مخدوم محمد معين جون تصنيفون لاتعداد آهن، جن مان ‘رساله اويسيه’ اهم آهي، جنهن ۾ هن شاھہ لطيف جي ‘اويسيه’ فڪر بابت پڇيل سوالن جا جواب لکيا آهن.
مير شاھہ رضوي'>جان شاھہ رضوي: جان شاھہ، شاھہ عنايت شھيد جهوڪ واري جي خليفن مان هو. سندس والد مير حيدر شاھہ رضوي، سيد محمد مڪيءَ جي اولاد مان هو. سندس وڏا پهريائين بکر ۾ رهندا هئا، پوءِ مير جان شاھہ رضويءَ جي مزار (روهڙي)
مرزا شاھہ بيگ جي زماني ۾ هي رضوي سادات بکر مان لڏي اچي روهڙي ۾ رهيا. مير جان شاھہ روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت پنھنجي ئي خاندان ۾ ٿي. سندس خاندان علمي لحاظ سان تمام وڏي درجي تي رسيل هو. مير جان شاھہ بہ علم جي وڏي درجي تي رسيو. ننڍپڻ کان سندس طبيعت غور ۽ فڪر واري هئي. هن ننڍپڻ کان ئي شاھہ عنايت جهوڪ واري جي فيض جو پيالو پيتو. جان شاھہ، صوفي شاھہ عنايت جي وڏن خليفن ۾ اهم حيثيت رکندڙ ۽ سندس خليفو اول هو. شاھہ عنايت [شھيد] جي سڀني تذڪري نگارن شاھہ شھيد جي خليفن جو احوال لکندي سڀ کان پهرين مير جان شاھہ جو ذڪر ڪيو آهي. مير جان شاھہ صوفي، شاھہ عنايت جي فڪر جو شارح هو. مٿس شاھہ عنايت شھيد جي زندگيءَ جو گهرو اثر هو. هُو فارسيءَ جو بھترين شاعر هو. سندس ‘ديوان مير’ گهڻو مشھور آهي. سندس شاعريءَ تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙي، تحقيق ڪري ‘Editing and Exegesis of Diwan Sayyed Janullah Rizwi of Lohri (Rohri)’ جي عنوان سان ٿيسز لکي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان
پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.
جان شاھہ جي شاعريءَ ۾ تصوف جي اپٽار آهي ۽ تصوف جي باريڪ نُڪتن سان ڀرپور سندس ڪلام متاثر ڪندڙ آهي.
شاھہ شھيد جو صوفياڻو فڪر مير جان جي شاعريءَ ۾ سٺي نموني پسي سگهجي ٿو. سندس شاعري شاھہ شھيد جي فڪر جو آئينو آهي. ڪٿي ڪٿي ‘اناالحق’ جو آواز ۽ سرمد واري سرمستي نظر اچي ٿي. وٽس بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج کان وٺي شاھہ شھيد تائين فڪري تسلسل موجود آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي فارسي شاعرن حافظ کان وٺي صائب تائين جو تذڪرو بہ ملي ٿو. هن جي ڪلام ۾ عظيم سنڌي تصوف جي روايت جي تاريخ آهي. سنڌي تصوف جي بلنديءَ جو ڇيھہ ۽ صوفي شاعريءَ جو معراج موجود آهي. ڀارت ۾ رهندڙ ڊاڪٽر هرو مل ’خادم‘ سدارنگاڻي‘Persian Poets of Sindh’ ۾ لکي ٿو تہ :
‘Mir was greatly respected for his profound scholarship and his simple and Pious Life.’
جان شاھہ رضويءَ 6 ربيع الاول 1167ھہ/ 01 جنوري 1754ع ۾ وفات ڪئي.
روح بکري: بکري'>روح بکري، بکر جو رهاڪو ۽ منقول ۽ معقول علمن جو ماهر هو. سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مٿس
وڏو اعتقاد هو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکيو آهي ته، “1166ھہ ۾ منهنجي ملاقات مخدوم روح ﷲ بکريءَ سان محمدآباد ۾ ٿي.
مون کي هو ڪمالات جو مالڪ نظر آيو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن شعر ۽ شاعريءَ ڏانهن بہ ڌيان ڏيندو هو. مخدوم صاحب فرمايو تہ ڪنهن شاعر نادر شاھہ جي تخت نشينيءَ جي تاريخ ‘الخير فيما وقع’ (نادر شاھہ جي تخت نشيني ڀلائيءَ واري آهي) فقري مان 1148ھہ ڪڍي هئي، پر مون چيو تہ ‘لاخير فيما وقع’ (ان ۾ ڪا ڀلائي ڪونهي) هن فقري يا جملي مان بہ 1148ھہ تاريخ نڪري ٿي.”
صوفي شاھہ عنايت شھيد (شهادت 1130ھہ) جو لکيل هڪ خط مليو آهي، جيڪو هن مخدوم روح ﷲ کي لکيو هو، جنهن مان بہ سندس علميت ۽ اهميت جو اندازو ٿئي ٿو. مخدوم صاحب ٻارهين صدي هجريءَ جي پوئين اڌ ۾ وفات ڪئي.
روحل فقير: روحل فقير ڪلهوڙن جي دور جو، سنڌ جو صوفي ۽ ويدانتي ڪلاسيڪي شاعر ٿي گذريو آهي. هن مسلمان ۽ هندو بزرگن وٽان روحاني فيض حاصل ڪيو هو، جن مان شاھہ عنايت جهوڪ وارو اهم آهي. هڪ روايت موجب روحل فقير جهوڪ ميرانپور ۾ شاھہ عنايت شھيد جي مزار تي چلي ۾ وڃي ويٺو ۽ فارغ ٿيڻ کان پوءِ، اندر جي آواز روحل فقير زنگيجو
تي درگاھہ جهوڪ جي گادي ڌڻي شاھہ عزت جي مردن ۾ شامل ٿيو، جيڪو شاھہ شھيد جو فرزند ۽ وقت جي وڏن ولين مان هو. روحل فقير جو ٻيو رهبر ٿرپارڪر (عمرڪوٽ) جو ڏونگر سي مهراج هو، جيڪو پنھنجي دور جو وڏو ساڌو ٿي گذريو اهي. شاھہ عنايت جي روحاني صحبت ۽ ڏونگر سي مهراج جي سنگ ۾ روحل تي جيڪو تصوف ۽ ويدانت جو رنگ چڙهيو، اهو سندس شاعريءَ مان پڌرو آهي. روحل فقير سنڌي ۽ هنديءَ جو وڏو شاعر هو.
روحل فقير جو والد شاهو خان يار محمد ڪلهوڙي وٽ ملازم رهيو هو ۽ روحل فقير (1734- 1804ع) وري پاڻ غلام شاھہ ڪلهوڙي (دور حڪومت: 1762-1772ع) جي ملازمت ۾ رهيو، ڪلهوڙن جي بادشاھہ گرديءَ واري زماني جو پورو مشاهدو ڪرڻ بعد ميان سرفراز ڪلهوڙي جي وقت ۾ ملازمت ڇڏي ويراڳي بڻيو. ان رنگ ۾ رڱجڻ بعد حياتيءَ جو گهڻو حصو سير سياحت ۾ گذاريائين. جوڌپور کان بيڪانير تائين خوب گهميو ۽ ڪيترا ماڻهو سندس فڪر کان فيضياب ٿيا، جوڳي فقير کانئس جوڳ جي پاکر وٺندا هئا. هن جوڌپور جي راجا بجئه سنگهہ کي بہ صوفي مسلڪ کان واقف ڪيو، ان لاءِ هن ڪتاب ‘آگم ورتا’ رچيو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو تہ کيس هندو ڌرم ۽ ويدانت جي وڏي ڄاڻ هئي. راجا کيس جوڌپور ۾ رهڻ لاءِ زور ڀريو، پر روحل فقير رهڻ کان انڪار ڪيو.
روحل فقير، حڪمرانن ۽ حملي آورن جا ڪيترا واقعا اکئين ڏٺا، جھڙوڪ: (1) ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جو راجا بجئه سنگهہ جي ماڻهن ذريعي مير بجر خان کي دغا وسيلي مارائڻ، (2) ميان عبدالنبي ۽ مير فتح علي خان ٽالپر جي جنگ ۽ عبدالنبي ڪلهوڙي جي هار،
(3) نادر شاھہ جي 1739ع ۾ سنڌ تي ڪاھہ، (4) 1754ع ۾ احمد شاھہ ابداليءَ جي سنڌ تي ڪاھہ وغيرہ. اهڙيءَ طرح روحل فقير جي جنم کان 16 سال اڳ شاھہ عنايت جهوڪ واري جي شهادت واقع ٿي هئي، جنهن جي ڪيترن اکين ڏٺن شاهدن سان سندس ملاقات ٿي هئي. شاھہ شھيد جي شهادت ۽ تحريڪ جو اثر قبولي روحل فقير سندس فرزند شاھہ عزت جو مريد ٿيو هو. آخري وقت ۾ هن دنيا جي ڪوڙي واءَ ۽ وڏائيءَ کي ترڪ ڪري وڃي پدمات [عمرڪوٽ] جا پَٽ وسايا هئا.
چون ٿا تہ هن ڪلهوڙن جي ملازمت ڇڏي تہ ڪن منصوبي بازن ميان سرفراز جا وڃي ڪن ڀريا تہ روحل فقير توشاخانيءَ جو سامان سنڀالي نہ ڏئي ويو آهي. ميان سرفراز حڪم ڏنو تہ کيس گرفتار ڪري وٺي اچو. سپاهي پدمات جي پٽ تي صوفي روحل کي گرفتار ڪرڻ ويا، هن کين چيو تہ “حاضر سڀاڻي هلنداسون”. اتفاق اهڙو ٿيو جو ٻئي ڏينهن مير بھرام جي شهادت کانپوءِ سرفراز ڪلهوڙو حڪومت تان لھي ويو.
روحل فقير جو هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:
پڙهيـا بيـد ڪتيـب جا، ٿـا ڏيـن ڏورانهـان ڏس،
سي سچ سڃاڻن ڪينڪي، موهيا پسـي مس،
راتيان ڏينهان روحل چئي، رڙهي تنهن کـي رس،
پـيـر پـريـان جـو پـس، نـائـي ڪـنـڌ قـلـوب ۾.
مراد فقير: مراد فقير جو شمار سنڌ جي مشھور ڪلاسيڪي شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. مراد فقير روحل فقير جي قريبي صحبتين مان هو ۽ سفر ۽ حضر ۾ ساڻس گڏ رهيو هو. مراد فقير جي والد جو نالو محمد حيات هو، جيڪو روحل فقير جي سوٽن مان هو ۽ ذات جو زنگيجو هو. مراد ۽ روحل فقير جي عمرين ۾ ڏهن سالن جو فرق آهي.
مراد فقير جو جنم زباني روايتن موجب 1742ع يا 1743ع ۾ ٿيو هو. هو هندي، فارسي، سرائيڪي ۽ سنڌي زبانن جو ڄاڻو هو. سندس جواني ڪهڙين حالتن ۾ گذري، ان جي ڄاڻ نہ ٿي پوي، پر اها ڳالھہ عالم آشڪار آهي تہ ننڍي هوندي ئي روحل فقير جي صحبت ۾ وڃي رهيو. جڏهن هو پدمات جي پٽ تي گوشه نشين ٿيو هو، مراد فقير ان وقت ساڻس گڏ هو. مراد فقير ان وقت ساڻس گڏ هو، جنهن جو هڪ بيت آهي تہ:
وَر پُــسـي پـدمـات جـي، ٻـن هـڻـي هــالار،
جي هئن هيڪاندار يار، تہ ڏکيا ڏينهن نہ ساريان!
مراد فقير، روحل فقير سان سير سفر ۾ بہ شريڪ رهيو. هن بہ روحل جي رنگ ۾ رڱجي [شاھہ عنايت جهوڪ واري جي] ساڳي راھہ اختيار ڪئي. مراد فقير چوي ٿو:
دوست جهين دا دل وچ هووي، سا ڪيون ڳليان ڳولي،
لُون لُون دي وچ ’جهوڪ‘ جهني دي، سا مول نہ ٿيوي اولي.
مـراد فقـيـر، المستيءَ ۾ اچي خود روحل فقير جا راز پڌرا ڪيا. هن الستي عشق سان گڏ حب الوطنيءَ جو بہ بيان برملا ڪيو آهي.
شاھہ شھيد جي شهادت جي ذڪر سان گڏ مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي حملي خلاف سندس هيٺين ڪافيءَ ۾ ذڪر موجود آهي:
ڪيتئي يار دي نال جو وعيد ميان،
درد والي رک ديد ميان!
وحدت دي وڻجاري هوڪي ڏيندي،
در در ’هل من مزيد‘ ميان!
سردي سودي سورهيه ڪريندي،
سوري چڙھہ ٿيون شھيد ميان!
ماري ‘مدد’ ڪون مِل دور ڪرو،
ڇوڙ وڃي ‘يهودي يزيد’ ميان!
‘حــب الـوطـن’ ايــمــان اســا ڏا،
‘مـراد’ ڪرين اها عيد ميان!
مراد فقير ڪلهوڙن جي پرآشوب دور گذرڻ کانپوءِ پنھنجي رهنما سان گڏجي ڪوٽ ڏيجيءَ ڀرسان ڪوٽلي ۾ اچي رهيو، جتي هن روحل فقير جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس خدابخش ۽ فقير دريا خان پٽ ٿيا. مراد فقير 1796ع ۾ وفات ڪئي ۽ ڪوٽلي ۾ دفن ڪيو ويو. فقير صاحب جي وفات کانپوءِ روحل فقير ڪوٽلي کي ڇڏي وڃي ڪنڊڙيءَ ۾ رهيو.
صوفي صادق فقير: صوفي صادق فقير جا وڏا اصل ۾ ڪڇ جا رهاڪو هئا. سندن والد دين محمد سومرو ڀاڳيو ۽ مالدار هو، جيڪو پوءِ لڏي ڳوٺ ڍوڍاري، تعلقي مٺيءَ ۾ اچي رهيو. صادق فقير جو جنم شاھہ لطيف جي وفات (1165ھہ) کان پنج سال پوءِ 1170 هجري مطابق 1756ع ۾ ٿيو. صوفي صادق فقير جو روضو
صادق فقير طريقت جي سلسلي موجب جهوڪ وارن صاحبن جو مريد صادق هو. صوفي صادق فقير ٽالپر اميرن جي اوائلي حڪومت واري دور ۾ جوانيءَ جي پور ۾ آيو. وقت جي رواج موجب قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي مڪتبي تعليم حاصل ڪيائين. نوجوانيءَ ۾ سرڪش ٿي ساماڻو، ڌاڙا هنيائين ۽ ڏاڍ مڙسيءَ ۾ نالو ڪڍيائين. جوانيءَ جي موٽ (چاليهن سالن جي عمر) کانپوءِ سندس طبيعت فقيريءَ ڏانهن مائل ٿي. سندس ڏاڏو فقير جلال الدين، شاھہ عنايت شھيد جو مريد هو، جڏهن تہ سندس والد فقير دين محمد بلڙيءَ وارن بزرگن جو مريد ٿيو. فقير محمد صادق ميرانپور [جهوڪ] جي درگاھہ ڏانهن موٽ کاڌي، جتي کيس صوفي فضل شاھہ قلندر کان فيض مليو، جنهن سندس اندر اُجاري
اڇو ڪيو. هن جي ڏاڍ مڙسي، سلوڪ ۽ طريقت جي سجادہ نشينيءَ جا 15 سال صوفي صادق جا ميرانپور ۾ مرشد جي حاضريءَ ۾ گذريا.
هن شاھہ شھيد جهوڪ واري جي شان ۾ سُر ڪيڏارو لکيو. مرشد صوفـي فـضـل جـي وفـات (1827ع) کانـپـوءِ هـن پنهـنجـو ڳـوٺ
‘اهـر’ (موجودہ صوفي آباد، عمرڪوٽ) ۾ اچي خانقاھہ قائم ڪئـي ۽ ماڻهن جي دلين تي صوفي فضل جي وڏي خليفي جي حيثيت
۾ وڏو اثر ڪيو ۽ سندس پوئلڳن جو دائرو وسـيع ٿيـندو ويـو. فقير
فضل کان پوءِ فقير محمد صادق، ميرانپور جي صوفي قادري طريقي جو اڳواڻ ٿي رهيو ۽ ‘صوفي صادق شاھہ’ جي لقب سان مشھور ٿيو. باقي 22 سال زندگي اعليٰ مقام ۽ مرتبي سان گذاري 1265ھہ (1849ع) ۾ ڳوٺ ‘اهر’ ۾ وفات ڪيائين، جتي سندس مقبرو آهي، جتي هر سال سندس ميلو لڳندو آهي.
سلوڪ ۽ طريقت ۾ فقير صاحب جي تصنيف ‘دردنامو’ خاص اهميت رکي ٿو. ان کان سواءِ صوفي صاحب جو ‘راڳنامو’ سنڌي راڳ جي تاريخ جي هڪ خاص سلسلي، راڳ جي هڪ رسالي ۽ آڳاٽي سنڌي ڪلام جي هڪ مکيہ ذخيري جي لحاظ سان خاص اهميت رکي ٿو. هي راڳنامو، شاھہ جي رسالي کان پوءِ هڪ خاص ادبي حيثيت جو حامل آهي. شاھہ جو رسالو، هن رسالي جو ماخذ ۽ مثالي سرچشمو آهي.
صوفي صادق جو سنڌي ڪلام پهريون ڀيرو راڄ محمد پليءَ تحقيق ڪري ٽماهي ‘مهراڻ’ (خاص اشاعت ڏھہ ساله مبر 1955- 1965) ۾ شايع ڪيو، جنهن کي اڳتي هلي سوڌي سنواري ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ ‘وڙهيا، واڳيا، واپريا’ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان کي ٻيهر نئين سر لياقت جوڻيجي ‘صوفي صادق جو رسالو’ عنوان سان ڇپرايو آهي.
شاھہ عنايت شھيد جهوڪ واري بابت صوفي صادق جي ڪيڏاري مان ٻہ بيت ڏجن ٿا:
‘صوفي’ سڀن ۾ اڳرو، ٻيا مڙيئي پوءِ،
جهڙي صفائي صوفيءَ کي، تهڙي سج نہ هوءِ،
هتي آهي ڪونه ڪو، مرد نڪا ڪا جوءِ،
ڳجهہ اندر جون ڳالهيون، اندر پيٺو چوءِ،
‘صادق’ آهي سوءِ، جنهن اندر ‘هو’ هلي ويو!
-
ڏنو سِر ڏِکَ تي، ‘صوفين جي سردار’،
ڳائي ڳالهائڻو ٿيو، سر ڌڙان ئي ڌار،
ڪندو ڪير ڪوار، جو ڪلمي سين ڪاٽيو!
بيدل فقير: بيدل فقير عرف فقير قادر بخش بيدل، سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب/ شاعريءَ ۽ تاريخ جو اهم نالو آهي. هو هڪ باڪمال شاعر، وڏو عالم ۽ اعليٰ پائي جو مفڪر ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام، شاھہ عبداللطيف ۽ سچل سرمست کانپوءِ سنڌ ۽ هند ۾ تمام
گهڻو مقبول ٿيو. فقير قادر بخش بيدل جي شخصيت سنڌ جي ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾ گهڻ رخي رهي آهي. هو هڪ ئي وقت سنڌي، اردو، هندي، فارسي ۽ عربي ٻولين جو شاعر، نثر نويس ۽ جيَد عالم بہ هو. ان کان سواءِ قرآن، حديث، فقھ وغيرہ جو وڏو ڄاڻو هو. ان سان گڏ هو
تاريخ ۽ ادب جو گهرو مطالعو رکندڙ ۽ برصغير جي موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو.
بيدل فقير جو اصل نالو قادر بخش هو. هن 1815ع مطابق 1231 هجريءَ ۾ فقير محمد محسن [قريشيءَ] جي گهر روهڙي ۾ جنم ورتو. ڄمڻ وقت سندس نالو ‘عبدالقادر’ رکيوويو، پر جڏهن سن شعور کي پهتو، تڏهن حضرت عبدالقادر جيلانيرح جي عقيدت منديءَ سبب پاڻ کي ‘قادر بخش’ سڏائڻ لڳو. سندس تصنيفن ۾ ٻنهي نالن جو استعمال ٿيل آهي.
فقير قادربخش بيدل جو والد فقير محمد محسن هڪ درويش صفت شخص هو ۽ اڪثر وقت رياضت ۽ عبادت ۾ گذاريندو هو. هو ڀاڳناڙيءَ جي سيد عبدالوهاب شاھہ جيلاني جو دست بيعت مريد هو ۽ ان جي وسيلي سان مير شاھہ رضوي'>جان شاھہ رضوي (دوئم) جو بہ معتقد ٿيو. فقير محمد محسن [بيدل جي والد] 1259 ھہ مطابق 1856ع ۾ وفات ڪئي. فقير قادر بخش بيدل، والد جي وفات وقت 29 سالن جو هو. بيدل جا وڏا اصل روهڙيءَ جا رهاڪو هئا ۽ تسر جي اُڻڻ جو ڪم ڪندا هئا.
فقير قادر بخش بيدل پنھنجي وقت جو نهايت پڙهيل ڳڙهيل ۽ اعليٰ تعليم يافتہ شخصيت جو مالڪ هو. هن جي ولادت هڪ درويش ۽ قادري طريقي جي دست بيعت صوفيءَ جي گهر ۾ ٿي. سندس والد وٽ صوفي درويش ۽ مفڪر ايندا هئا، ان ڪري بيدل فقير جي ابتدائي تربيت هڪ عالماڻي ۽ عارفاڻي ماحول ۾ ٿي، جنهن جو ثبوت سندس ڪثير تصنيفون آهن. بيدل فقير روهڙيءَ جي ڪهڙن مدرسن ۽ ڪهڙن استادن وٽ تعليم حاصل ڪئي، ان جو مستند پتو نہ ٿو پوي. فقير بيدل پاڻ بہ ڪنهن تصنيف ۾ استاد يا مدرسي جو ذڪر نہ ڪيو آهي. خانداني روايتن موجب فقير بيدل پنجن کان ٻارهن ورهين تائين مڪتبي تعليم حاصل ڪئي. سمجهہ ۾ اچي ٿو تہ هن پنھنجي والد جي صحبت، وقت جي عالمن ۽ صوفين کان تعليم حاصل ڪئي هوندي. بيدل فقير جو برصغير جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جو ڳوڙهو اڀياس ٿيل هو. فارسيءَ جو ڄاڻو هئڻ ڪري مولانا رومي، سعدي، حافظ شيرازي ۽ عطار جي ڪلام جو هن گهرو مطالعو ڪيائين. ان کان سواءِ سنڌ جي اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعري بہ سندس مطالعي هيٺ رهي. هن سنڌ جي علمي ۽ صوفي مرڪزن سيوهڻ، ڀٽ شاھہ، جهوڪ شريف، درازا، پير جي ڳوٺ، پريالوءِ، نوشهري فيروز ۽ ڪنڊڙيءَ وڃي هتان جي درگاهن جي فڪري تحريڪ کان آگاهي حاصل ڪئي. صوفي فقيرن سان ڪچهريون ڪيون ۽ سندن فڪري پيغام کان متاثر ٿي رچي ريٽو ٿيو. ڪجهہ روايتن موجب هن مير علي گوهر شاھہ ‘اصغر’ کان شاھہ شھيد مثنوي مولانا روم جا سبق ورتا ۽ مولوي عبدالرحمان سکر واري وٽ ‘شرح جامي’ بہ پڙهيو. سمجهہ ۾ اچي ٿو تہ هن سنڌ جي مختلف عارفن ۽ صوفي درويشن کي پنهنجو مرشد سمجهيو آهي. سندس ڪلام ۾ حضرت قلندر شهباز، شاھہ رضوي'>جان شاھہ رضوي، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست سان عقيدت جو کُليو اظهار ملي ٿو.
فقير قادر بخش بيدل تعليم تربيت ۽ سير سياحت کان پوءِ تصنيف ۽ تاليف جو وڏو ڪم ڪيو. هن 59 سالن جي حياتيءَ ۾ عربي، فارسي، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ نظم ۽ نثر جا ٽيهارو ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان اڪثر ڪتاب عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ آهن. سندس مشھور ڪتابن ۾ ‘مثنوي رياض الفقر’، ‘ديوان سلوڪ الطالبين’، ‘رموز القادري’، ‘ڪرسي نامہ’، ‘سرودنامو’ (سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافين جو مجموعو)، ‘وحدت نامو’ (سنڌي بيتن جو مجموعو)، ‘غزليات هندي’ (اردو ڪلام)، ‘ديوان بيدل’ (فارسي) ۽ ‘پنج گنج ’ وغيرہ شامل آهن.
پنج گنج فقير بيدل جو مقبول ترين ڪتاب آهي، جنهن ۾ قرآن، حديث، مثنوي، فارسي شاعري ۽ شاھہ جا سنڌي بيت پڻ ڏنل آهن.
سندس ڪلام کي ‘ديوان بيدل’ جي نالي سان ترتيب ڏيئي گدو مل کٽڻ مل هرجاڻيءَ، پهريون ڀيرو 41-1940ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ‘ديوان بيدل’ جو هڪ اهم نسخو عبدالحسين شاھہ موسويءَ ترتيب ڏئي ڇپايو. اردو ڪلام'>بيدل جو اردو ڪلام نوجوان محقق ۽ شاعر اختر درگاهيءَ ‘اردو ڪلام'>بيدل جو اردو ڪلام’ عنوان سان ترتيب ڏئي 1997ع ۾ ڇپايو هو، جيڪو ٻيهر ‘ديوان بيدل’ (بيدل ڪا اردو ڪلام) عنوان سان 2003ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ لائق محقق، بيدل جي سوانح عمري، تعليم ۽ تربيت، بيدل جي صحبتن ۽ تصنيف ۽ تاليف جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. بيدل جو تفصيلي رسالو، اختر درگاهيءَ ترتيب ڏئي 2015ع ۾ ڇپايو آهي.
بيدل فقير 16 ذوالقعد 1289هجري مطابق 15 جنوري 1873ع ۾ وفات ڪئي. هر سال سندس مزار تي روهڙيءَ ۾ ميلو ۽ عرس منعقد ٿيندو آهي.
قادر بخش بيدل جي مزار جو اندريون ڏيک
بيدل فقير جي شاھہ عنايت شھيد سان وڏي عقيدت هئي، جنهن جو ذڪر هن فارسي ‘ڪرسي نامن’ ۽ قصيدي ۾ ڪيو آهي، ۽ پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن شاھہ شھيد جي طريقت وارو سلسلو منظوم نظم ۾ قلمبند ڪيو آهي. شاھہ عنايت بابت فارسيءَ ۾ چيل ڪرسي نامن مان مختصر اقتباس هيٺ ڏجن ٿا:
(1)
يا رب بحرمتِ شھِ ڪونين مصطفيٰ،
يا رب بحرمتِ شھِ مردان مرتضيٰ.
.......
با حق ‘عنايت صوفي شهيدِ حق
طريق ثاني
(2)
باحرمتِ وحيد شهيدِ فرنگِ عشق،
و حضرتِ ‘عنايت سلطان اصفيا’.
هتي بيدل فقير جي هڪ قصيدي جو اختصاري ترجمو ڏجي ٿو، جنهن ۾ شاھہ شھيد جي صفت، ملن جي حسد، سندن ولايت جي واس، دشمنن جي سازش، فرخ سير جي مخالفت ۽ شهادت جو ذڪر آهي:
“هو [شاھہ عنايت] اهڙو شهنشاھہ آهي، جنهن جو عرش تي آستانو آهي، هي عشق هُماء [پکي] آهي ..... هو جڏهن هن ‘ناسوتي’ ملڪ ۾ آيو تہ ‘لامڪان’ جي ڳولا شروع ڪيائين... ملتان وڃي .... بزرگن سان روح رهاڻيون ڪيائين.... پوءِ دکن ويو... برهانپور ويو... شاھہ عبدالملڪ.... وٽان کيس ڳجها راز معلوم ٿيا.... مرشد کيس تلوار ڏني تہ ... هيءَ آزمائش وقت تو کي ڪم ايندي.... مختلف ملڪ [دهلي، خراسان] گهميو... ملن کي مٺيان لڳي... سنڌ جي حاڪم عباسي [ڪلهوڙي] کي گهڻي ڪاوڙ آئي ۽ دهليءَ دانهن ڏئي فرخ سير کي ڀڙڪايو. هنن دهليءَ جي حاڪمن کي ٻڌايو تہ شاھہ عنايت فقيرن جي فوج گڏ ڪري رهيو آهي... ۽ ملڪ تي قبضو ڪري وٺندو. پوءِ فرخ سير فسادين جي چڱي مڙس [يار محمد ڪلهوڙي] کي هڪ وڏو لشڪر ڏنو تہ جيئن هو شاھہ ۽ سندن مريدن جو خاتمو ڪري .... شاھہ عنايت ۽ سندن مريدن تي حملو ڪيو ويو.... شاھہ عنايت تي ٻہ ٽي وار ڪيا ويا، پر انهن جو ڪو خاص اثر نہ ٿيو. پوءِ شاھہ عنايت قاتل کي پنھنجي تلوار ڏئي چيو ته، “اچي هيءَ تلوار وٺ”. انهيءَ تلوار سان کين شھيد ڪيو ويو”- وغيرہ وغيرہ.
سيد رکيل شاھہ: شاھہ شھيد جي فڪر جو پوئلڳ، نامور صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد رکيل شاھہ ولد نور محمد شاھہ جو جنم، 16 مارچ 1846ع تي بلوچستان جي ڳوٺ حليم شاھہ، تعلقي ميرپور ۾ ٿيو. سيد رکيل شاھہ قرآن شريف کان سواءِ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم بہ حاصل ڪئي. سيد رکيل شاھہ تي سندس وڏي ڀاءُ ميان عبدالنبي شاھہ جو تمام گهڻو اثر هو.
ڪنهيا لال، رکيل شاھہ جي مجموعه ڪلام ‘بحر العشق’ ۾ لکي ٿو تہ: “ميان عبدالنبي شاھہ، هڪ ڏينهن رکيل شاھہ کي چيو تہ اسان کي تلقين ڪرڻ جو امر ڪونهي، تنهنڪري پنھنجي امانت حاصل ڪرڻ لاءِ شاھہ عنايت شھيد جي درگاھہ جهوڪ شريف ڏي وڃي پنھنجي امانت حاصل ڪر.”
ميان عبدالنبي شاھہ جي وفات کانپوءِ ٽيجهي جو ختمو ڪري، رکيل شاھہ چوٿين ڏينهن جهوڪ شريف وڃڻ لاءِ نڪتو، پهرين روهڙيءَ ۾ آيو ۽ اتي شاھہ عنايت جي خليفي جان شاھہ جي درگاھہ تي حاضري ڀريائين ۽ گادي نشين ميان علي اڪبر شاھہ سان ملاقات ڪرڻ بعد جهوڪ شريف پنڌ پيو. جهوڪ شريف پهچي گادي نشين عبدالستار صوفي القادريءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. سيد رکيل شاھہ قادرالڪلام شاعر هو، سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪي، بلوچي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪيائين. سندس ڪلام جو موضوع عشق ۽ تصوف آهي. هن خاص طور ڪافيءَ جي صنف ۾ پنھنجي فڪر ۽ نظريي جي پرچار ڪئي آهي.
سندس چئن فرزندن مان سيد سائين چيزل شاھہ پيءُ وانگر صوفي شاعر ۽ بزرگ هو.
صوفي رکيل شاھہ 1940ع ۾ وفات ڪئي. سندس شاعري ڪيترن ئي صوفي فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. رکيل شاھہ جي ڪلام ۽ زندگيءَ جي احوال کي سهيڙي ‘بحرالعشق’ جي نالي سان 1987ع ۾ هڪ ڪتاب ڇپايو ويو.
سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ميرانپور جا مڱڻا، ڪر پرينءَ جي پچار،
دست ورتم دلبر جو، اجهي عبدالستار،
سڪ ٻڌايم سندرو، ڏينهن چڱي ڪنهن وار،
هو جي تند تنوار، رکيل لوري يار جي!
-
جهلو جهوڪ ڌڻين جو، جت فقرائن جي فوج،
جاري فيض فتحپور تي، ميرانپور جي موج،
طالب تسا ٽوڙ جا، اکين لاهن اوج،
محبت واري فوج، ‘رکيل’ جي آيا در جي!
چيزل شاھہ: مشھور صوفي ۽ ڪافي گو شاعر سيد چيزل شاھہ وقت جي وڏي صوفي شاعر سيد رکيل شاھہ جو فرزند هو. سيد چيزل شاھہ بلوچستان جي ڳوٺ فتح پور تعلقي گنداواھہ ۾ 1332ھہ مطابق 1914ع ۾ ڄائو. سيد رکيل شاھہ پنھنجي فرزند سيد چيزل شاھہ کي تعليم ڏيارڻ لاءِ مولوي استاد پير بخش شاھہ وٽ ڇڏيو، جتي هن ديني تعليم، عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي.
سيد چيزل شاھہ ننڍپڻ کان وٺي صوفي شاھہ عنايت شھيد جهوڪ واري جي درگاھہ تي پيءُ سان گڏ حاضريون ڀريندو هو ۽ سندس شمار شاھہ شھيد جي سلسلي جي اهم شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو.
هن 21 سالن جي عمر ۾ پنھنجي پيءُ جي هٿ تي بيعت ڪري صوفي طريقي جي راھہ اختيار ڪئي ۽ پيءُ جي پيرويءَ ۾ درگاھہ جهوڪ شريف جي طالبيءَ ۾ رهيو. سيد رکيل شاھہ صوفيءَ جي لاڏاڻي بعد صوفي چيزل شاھہ سجادہ نشين ٿيو. سندس سڄي زندگي هڪ سچي صوفيءَ جو مثال هئي. سادي زندگي بسر ڪندو هو.
هن صوفي شاعر جي ڪلام ۾ تصوف ۽ عشق جا راز ۽ رمزون بيان ٿيل آهن. محبت جي مهراڻ جون ڇوليون ۽ صوفياڻيون صدائون آهن. سيد چيزل شاھہ جي ڪلام ۾ قرباني، محبت ۽ انسانيت جو درس ملي ٿو.
سيد چيزل شاھہ پنھنجي ڪلام ۾ ڪٿي منصور، سرمد، شاھہ عنايت، سچل فقير، روحل فقير ۽ سيد رکيل شاھہ وانگر دم هڻي ٿو تہ ڪٿي شاھہ لطيف، ڪبير ڀڳت، گرونانڪ ۽ ساميءَ وانگر عجز ۽ نياز جو پتلو بڻجي وڃي ٿو، تہ ڪٿي وري رومي، جامي ۽ سعديءَ وانگر طالب ٿي، زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿو. سندس ڪلام ۾ هر رنگ موجود آهي.
سيد چيزل شاھہ، 15 شعبان 1404ھہ/ 1984ع تي وفات ڪئي. کيس فتح پور ۾ ئي دفن ڪيو ويو. سندس ڪلام ‘بحر العميق’ جي نالي سان شايع ٿيل آهي، جنهن جو نئون ڇاپو حڪيم اعجاز حسين چانڊيي جي ترتيب ڏنل ‘بحر العميق’ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2010ع ۾ شايع ٿيو. سندس هڪ ڪافي نموني طور ڏجي ٿي:
عشق عجب هت آيو آيو،
ناتو ٿي نينھن نڀايان.
عشق بيٺو ميدان ملهائي،
سوريه سر جو سانگو لاهي،
جيئري جسم جلايو جلايو،
چئي ٻين کي ڇا تہ ٻڌايان.
عشق ڪيڏا هي ڪم ڪرايا،
ڪربل ۾ آڻي، گهوٽ گهُرايا،
ڪوفين ڪوڙ ڪمايو ڪمايو.
انگ ازل جو لکئي ڏنھ ڀايان.
شمس الحق جي کَل کلايئي،
سوريءَ تي منصور مارايئي،
اناالحق تہ الايو الايو:
جِلد جسم کئون جدا ڪري لاهيان!
انگ ازل جو لکيو ڀاڙيو،
‘صوفيءَ جو سر نيزي چاڙهيو’
سرمد سيس ڪپايو ڪپايو،
ناز تنھنجا اهي ڳڻ ٿي ڳايان!
چيزل آهن ڪهڙيون ڳالهيون،
عاشق ماري ڏسي ٿو ڀاليون،
پيرڙو ٻُرجهي پايو پايو:
عشق اويرو ڪُن ۾ ڪاهيان!
صوفي آسُورام: صوفي آسورام، پراڻن هالن جو رهاڪو ۽ ڏاندي مل جو پٽ هو. کيس جوانيءَ ۾ ئي تصوف ۽ ويدانت جو رنگ چڙهيو. کيس سنڌي، فارسي ۽ ٻين ٻولين جي چڱي ڄاڻ هئي. هن ڪجهہ عرصو نصرپور ۾ پرائمري ماستري بہ ڪئي، جتي کيس مصري شاھہ جي صحبت ۾ تصوف ۽ شاعريءَ طرف لاڙو ٿيو، اُتان جهوڪ شريف جو ڏس مليس ۽ زندگيءَ جي آخري پساهن تائين شاھہ عنايت جهوڪ واري جو سچو عقيدتمند ۽ صوفي ٿي رهيو. سندس وفات 15 فبروري 1941ع تي پراڻن هالن ۾ ٿي. هن جهوڪ واري جنگ ۾ شاھہ شھيد جي شهادت تي بيت [ڪيڏارو] لکيا، جن مان ٻہ بيت هيٺ ڏجن ٿا:
ڪلهوڙي ڪاغذ لکيو، وجهي وچ الله،
اُن تي ڀائٽي، ڀاءَ سان، آيو صوفي عنايت الله،
سجدي تان ڪونڌر ڪُٺا، ٿيو وڏو جنگاھہ،
هوبهو شهادت ٿي، جهڙي حضرت حسين شاھہ،
آسو’ اُن قضئي جو، آهي آگاھہ،
تنهن واحد کي واھہ، ‘پاڻ وڻنديون جو ڪري’!
-
ست کُوھہ شھيدن جا، ڀرجي ٿيا ٽمٽار،
ڪاٺ جي تلوار جي، موڪل ملي لاچار،
جنهن لشڪر ملعون جو، ماري ڪيو مردار،
صوفين سرشار، صدقي مرشد تان ڪيا!
شاھہ عنايت شھيد ۽ شاھہ لطيف:
شاھہ عنايت شھيد ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي همعصر هئا. شاھہ عنايت جي شهادت 1130ھہ/ 1717ع ۾ ٿي ۽ ان وقت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عمر 28 سال هئي، ۽ شاھہ صاحب، صوفي شاھہ عنايت جي شهادت واري سال کانپوءِ بہ 35 سال حيات هو.
عام طور محققن حيرت ۽ عجب جو اظهار ڪيو آهي تہ شاھہ لطيف جي بي مثال ڪلام ۾ صوفي شاھہ عنايت جي شهادت واري واقعي جو ڪو بہ ذڪر نہ آهي. شاھہ لطيف پاڻ کان اڳ جي دورن جي نيم تاريخي عشقيہ ۽ رومانوي داستانن کان وٺي ڪربلا جي واقعي بابت تہ شاعري ڪئي آهي، تہ پوءِ ڪهڙو سبب آهي، جو سندس همعصر صوفي شھيد شاھہ عنايت جي باري ۾ سندس شاعريءَ ۾ ذڪر موجود نہ آهي.
اها ڳالھہ ناممڪن آهي تہ شاھہ لطيف تي ‘شاھہ عنايت جي تحريڪ ۽ شهادت’ جو اثر نہ ٿيو هجي. شاھہ لطيف جو پيارو دوست مخدوم معين ٺٽوي، شاھہ عنايت جي فڪر کان متاثر هو ۽ شاھہ صاحب ۽ مخدوم معين جي ‘فڪري ويجهڙائي’ ان ڳالھہ کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي تہ شاھہ لطيف، صوفي شاھہ عنايت جي تحريڪ ۽ شهادت کي نہ ڳايو هجي!
اصل ۾ شاھہ لطيف تي تحقيق ڪندڙن، شاھہ جي رسالي جي ڪاتبن توڙي مرتبن جي مسلڪي سوچ جو اِهو ڪارنامو آهي، جو هنن شاھہ عنايت ۽ شاھہ لطيف بابت ڪا سند جوڳي تحقيق نہ ڪئي آهي ۽ قوي امڪان آهي تہ متعصبي ۽ مسلڪي اختلاف رکندڙن، شاھہ جي رسالي جا اُهي بيت ئي گُم ڪري ڇڏيا هجن، جن ۾ شاھہ عنايت شھيد ۽ سندس تحريڪ ۽ شهادت جو ذڪر هجي.
شاھہ جي موجودہ رسالي تي نظر وجهڻ سان اسان کي ڪيترا اهڙا بيت نظر اچن ٿا، جيڪي سڌو سنئون شاھہ عنايت جي شهادت واري واقعي جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ اُهي بيت شاھہ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. مثال طور:
شاھہ عنايت ۽ مغل گورنر اعظم خان جي وچ۾ جيڪو تاريخي مڪالمو ٿيو، ۽ جيڪو تاريخي تذڪرن ۾ موجود آهي، ان دوران شهادت کان اڳ شاھہ عنايت هيٺيون فارسي شعر پڙهيو هو:
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شُد،
اين بارِ گران بُود ادا شد چه بجا شُد.
اهو شعر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو چوڻ آهي تہ شاھہ عنايت شھيد جو پنهنجو شعر آهي. اسين جڏهن ‘شاھہ جي رسالي’ تي نظر وجهون ٿا تہ سر سهڻيءَ جي داستان پهرئين ۾ هڪ بيت نظر اچي ٿو، جنهن ۾ شاھہ عنايت جي مٿئين شعر جي اڌ سِٽ ‘سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد’ تضمين طور ڪم آندل آهي.
گهِـڙي گهـڙو هـٿ ڪـري، ٻَـهـون نِـهـري ٻَـنگ،
سـر در قدم يار فدا شد چه بجا شد، وصل اهوئي ونگ،
رات جـنيــن جـو رنـگ، الا! سـي اُڪـاريـيـن!
ڊاڪٽر دائودپوٽو انهن عالمن مان هڪ آهي، جن شاھہ عنايت شھيد ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪري ويجهڙائي محسوس ڪندي لکيو هو ته،
“شاھہ عبداللطيف، جو اُن وقت [شاھہ عنايت جي شهادت وقت] 28 ورهين جو هو، ۽ شايد سندن روحاني جاھہ ۽ جلال جو جلوو ڏٺو هئائين، تنهن پڻ ڪيترن ئي هنڌن تي انهيءَ حادثي [شهادت] ڏي اشارو ڪيو ٿو ڏسجي.
مثلاً:
اڄ نـه اوطـاقـن ۾، طـالـب تـنـواريــن،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
اهڙيءَ ريت سيد علي مير شاھہ ۽ تاج جويي، ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جا ڪيترا بيت، شاھہ عنايت جي شهادت ڏانهن اشاري طور ڄاڻايا آهن.
شاھہ جي رسالي جي سر کاهوڙي، سر رامڪلي ۽ سر مارئيءَ ۾ ڪيترا بيت ملن ٿا، جيڪي شاھہ عنايت جي شهادت ۽ تحريڪ جي سڌي سنئين نشاندهي ڪن ٿا.
مثال طور:
ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪا ڪن، باهيون بيراڳين جون،
هـلـو تـه سيـڪـيـون هـٿـڙا، مـٿي تـن مـچـن،
مــون پـڻ مــلا تـن، جـڙ لـڳــي جـان ۾!
هيءُ بيت ‘شاھہ عنايت شھيد جي تحريڪ’ ڏانهن سڌو سنئون اشارو آهي. سر ڪلياڻ جو هي بيت تہ سڌو سنئون شاھہ عنايت جي شهادت جي ساک ڀري ٿو:
عشق نہ آهي راند، جيئن ڪه کيڏنس ڳڀرو،
جيءَ، جُسي، ۽ جان جي، ڀڃي ٿو هر هيڪاند،
سـِسـي نـيـزي پـانـد، اُڇــل تـه اڌ ٿـئــي!
تاريخون رقمطراز آهن تہ شاھہ عنايت جو سر، شهادت کانپوءِ نيزي تي چاڙهيو ويو هو. ان کان سواءِ هيٺ ڪجهہ بيتن جون سٽون ڏجن ٿيون، جن ۾ سڌو سنئون جهوڪ جو ذڪر موجود آهي:
مٿي ‘جهوڪ’ جهُرِي، پونديس پاريچن جي!
-
جِهڄان پسيو ‘جهوڪ’، آيل! سنگهارن ريءَ!
اُن ڪري اِهو چوڻ غلط آهي تہ شاھہ عبداللطيف، شاھہ عنايت جي تحريڪ ۽ شهادت کان ڪو لاتعلق هو. محققن پاران شاھہ عنايت شھيد ۽ شاھہ لطيف جي تعلق کي نظرانداز ڪرڻ جو هڪ سگهارو سبب اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي خاندان جو هڪ فرد سيد عبدالواسع شاھہ بلڙيءَ وارو، وقت جي حڪمران ۽ مغلن جي لقبدار، يار محمد ڪلهوڙي، مقامي زميندارن نور محمد پليجي، حمل جت ۽ مغل گورنر نواب اعظم طرفان شاھہ عنايت ۽ سندس فقيرن خلاف مڙهيل جنگ جو هڪ اهم ڪردار هو، ان ڪري محققن هن واقعي کي ڄاڻي واڻي ذڪر هيٺ نہ آندو آهي، ڇو تہ
شـاھہ عبدالڪـريـم بـلـڙيءَ وارو شاھہ لطيف جو تـڙ ڏاڏو هـو ۽ هـنن محسوس ڪيو تہ هن تذڪري سان ممڪن آهي تہ ٻن اهـم خـاندانن
۾ اختلاف پيدا ٿين. تاريخ جي حقيقتن کان اکٻوٽ ڪرڻ تاريخ سان زيادتي آهي.
ڪجهہ اهم ڪتاب، جن ۾ شاھہ عنايت صوفيءَ جو ذڪر موجود آهي:
(1) ‘مقالات الشعراء’، مير علي شير قانع (فارسي)، باهتمام پير حسام الدين راشدي، 1957ع
(2) ‘تحفة الڪرام’، مير علي شير قانع (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)، مترجم: مخدوم امير احمد، 1957ع
(3) ‘منشور الوصيت و دستور الحڪمت’، ميان نور محمد ڪلهوڙو، واليء سنڌ (فارسي مان سنڌي ترجمو)، مترجم: عبدالرسول قادري، 1996ع
(4) ‘ديوان عطا تتوي’ (ترتيب)، محمد مطيع راشد برهانوي، سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع
(5) ‘هشت بھشت’، عطا ٺٽوي (فارسي)، تصحيح: پير حسام الدين راشدي، 1963ع
(6) ‘تڪمله مقالات الشعراء’، محمد ابراهيم ٺٽوي، تصحيح ۽ حواشي، پير حسام الدين راشدي، 1958ع
(7) ‘حديقة الاولياء’، عبدالقادر ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع
(8) ‘ديوان محسن ٺٽوي’، تصحيح و مقدم، محمد حبيب راشدي، 1964ع
(9) ‘دائره معارف اسلاميہ’، جلد اول، لاهور، 1959ع
(10) ‘تحفة الطاهرين’، محمد اعظم ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع
(11) ‘بيگلار نامہ’، ادراڪي بيگلاري، سنڌي ادبي بورڊ، 1980ع
(12) ‘معيار سالڪان طريقت’ (فارسي)، مير علي شير قانع (پي ايڇ ڊي ٿيسز)، سيد خضر نوشاهي، 1996ع
(13) ‘ميين عنات جو رسالو’ (مرتب: ن. ب. بلوچ)، 1963ع
(14) ‘تذڪره لطفي’، لطف بدوي (ڀاڱو 1)، 1954ع
(15) ‘ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام’، مرتب: لطف بدوي، 1965ع
(16) ‘شاھہ، سچل، سامي’، محمد ابراهيم جويو، 1989ع
(17) ‘مضمون ۽ مقالا’، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، 1987ع
(18) ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ [شاھہ عنايت شھيد جي سوانح جا ماخذ، سنڌ جو پهريون زرعي سڌارڪ (سوشلسٽ) شاھہ عنايت صوفي]، پير حسام الدين راشدي، 1981ع
(19) ‘اهي ڏينهن، اهي شينهن’، پير علي محمد راشدي (جلد ٻيو)، 1981ع
(20) ‘بيدل جو سنڌي ڪلام’، راجپال بولچند وسومل، 1950ع
(21) ‘سنڌ جا سورما’ [شاھہ عنايت عرف شاھہ شھيد صوفي’، جهوڪ]، جي ايم سيد، 1987ع
(22) ‘پيغام لطيف’، جي ايم سيد، 1974ع
(23) ‘جيئن ڏٺو آھہ مون’، جي. ايم. سيد، 1998ع
(24) ‘سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق’، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، 1994ع
(25) ‘بحر العشق’، صوفي رکيل شاھہ جو ڪلام، 1994ع
(26) ‘بحر العميق’، صوفي چيزل شاھہ جو ڪلام، 1987ع
(27) ‘سنڌ ۾ مغلن جا نواب’، سـنڌ جـي تـاريخ (ڀاڱو پنجون)،
محمد صديق مسافر، 1942ع
(28) ‘تاريخ سنڌ: ڪلهوڙا دور’، غلام رسول مھر (سنڌي ترجمو: ابن حيات پنهور ۽ شمشير الحيدري)، 1998ع
(29) ‘جنت السنڌ’، رحيمداد مولائي شيدائي، 1993ع
(30) ‘ديوان بيدل’، عطا حسين شاھہ موسوي، 1954ع
(31) ‘تاريخ طاهري’، سيد طاهر محمد نسياني، سنڌي ترجمو،
نياز همايوني، 1988ع
(32) ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ (جلد I- II)، مولانا دين محمد وفائي، 1985ع
(33) ‘آءُ ڪانگا ڪر ڳالھہ’، دريا خان جو ڪلام، مرتب: نياز همايوني، 1994ع
(34) ‘تاريخ مظهر شاھجھاني’، يوسف ميرڪ، سنڌي ترجمو: نياز همايوني، 1993ع
(35) ‘مهراڻ سوانح نمبر’، سنڌي ادبي بورڊ، ٻيو ڇاپو 1990ع
(36) ‘نئين زندگي ’ ، شاھہ شھيد نمبر [پير حسام الدين راشدي، محبوب علي چنا، سوڀراج نرملداس، ۽ ٻين جا مضمون]، 1957ع
(37) ‘نئيـن زنـدگـي’، ‘شـاھہ شـهيـد نـمـبـر 1’ [نـواز عـلـي شـوق، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ٻين جا مضمون]، 1970ع
(38) ‘پاڪستان ۾ صوفيانه تحريڪين’ (اردو)، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، 1994ع
(39) ‘نويد فڪر’: سبط حسن [سنڌي ترجمو: ‘جڏهن جهوڪ جهُريو’: رشيد ڀٽي]، 1995ع
(40) ‘تاريخ سندھہ’ (اردو) 1- 3 جلد، اعجاز الحق قدوسي، 1985ع
(41) ‘صوفيائي سندھہ’، اعجاز الحق قدوسي، 1959ع
(42) ‘جنگناما’، مرتب: ن. ب. بلوچ [صوفي آسورام جو ڪيڏارو]، 1967ع
(43) ‘نئين زندگي ’ [‘ميرانپور جا مڱڻا’ – دادا سنڌي]، 1971ع
(44) ‘سنڌ جو سيلاني ’ [‘سنڌ ۾ تصوف جو باني: شاھہ عنايت صوفي’]، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، 1923ع
(45) ‘صورت بھار’ [ڪلام ديوان صورتسنگهہ]
شاھہ عنايت شھيد بابت ڇپيل ڪجهہ ڪتاب:
شاھہ عنايت شھيد: سنڌ جو سوشلسٽ صوفي (ڪتاب): صوفي شاھہ عنايت بابت مختلف ليکڪن ۽ اديبن جي مضمونن تي مشتمل هيءُ ڪتاب، ليکڪ ۽ قانوندان حسين بادشاھہ مرتب ڪيو آهي. جنهن ۾ شھيد شاھہ عنايت جـي زنـدگـيءَ کـان ويـنـدي سـنـدس تحريڪ ۽ ان دور جي حالتن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي نامور محققن جا 21 مـضمـون شـامـل آهـن، جـن جـو تفصيل هن ريت آهي:
(1) ‘مرشدن جو مرشد’ (مير علي شير قانع)، (2) ‘شاھہ عنايت صوفي’ (ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو)، (3) ‘صوفي شاھہ عنايترحه’ (غلام رسول مھر)،
(4) ‘شاھہ عنايت جي سوانح جا ماخذ’ (حسام الدين راشدي)، (5) ‘شاھہ عنايت ۽ سندس سهيوڳي’ (غلام مصطفيٰ قاسمي)، (6) ‘سنڌ جو پهريون زرعي سڌارڪ’ (پير حسام الدين راشدي)، (7) ‘شاھہ عنايت عرف شاھہ شھيد صوفي جهوڪ’ (جي. ايم سيد)، (8) ‘سنڌ جو سوشلسٽ صـوفـي’ (سـبـط حـسـن)، (9) ‘شـاهـه شـهيد صوفي’ (محبوب علي چنا)، (10) ‘صوفي شاھہ عنايت شھيد’ (صوفي حضور بخش)، (11) ‘شاھہ عنايت شھيد’ (صوفي حضور بخش)، (12) ‘جهوڪ واري جنگ جي ميدان تان جهوڪ واري ويڙھہ’ (ميان يار محمد ڪلهوڙو)، (13) ‘ميان يار محمد ڪلهوڙي جو شاھہ عنايت سان مقابلو’ (ميران سنگهہ ملتاني)، (14) ‘جهوڪ واري جنگ ۽ شاھہ عنايت صوفيءَ جي شهادت’ (صوفي آسو رام)، (15) ‘ميرانپور جا مڱتا’ (دادا سنڌي)، (16) ‘تصوف جو باني: شاھہ عنايت صوفي’ (ڀيرومل مهرچند)، (17) ‘جهوڪ شريف’ (سوڀراج نرملداس)، (18) ‘فقير مسڪين داس’ (لعلچند تيجو مل)،
(19) ‘بيدل جي طريقت جو سلسلو’ (لطف علي ڪيهر)، (20) ‘حضرت فقير رکيل شاھہ صوفي’ (ابڙو پير بخش صوفي) ۽ (21) ‘صادق فقير’ (حڪيم عبدالمجيد ماجد).275 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 2004ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.
صوفي شاھہ عنايت شھيد (شخصيت اور فن) [ڪتاب]: اڪادمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد، ‘پاڪستاني ادب ڪي معمار’ سيريز هيٺ هي ڪتاب لکرائي شايع ڪيو آهي. ڪتاب جو ليکڪ منظور علي
ويسريو آهي. ڪتاب جو ‘پيش نامہ’ عبدالحميد آهي، جنهن هن ڪتابي سيريز جي اهميت ۽ افاديت بيان ڪندي، صوفي شاھہ عنايت بابت لکيو آهي ته، “صوفي شاھہ عنايت شهيد، سنڌ بلڪ برصغير جي تاريخ جو اهم صوفي بزرگ ۽ ڪردار رهيو آهي، جيڪو مغل دور حڪومت ۾ پنھنجي صوفياڻي فڪر، فلسفي ۽ شهادت جي ڪري شھرت رکي ٿو. ان جي فڪر جا سنڌ جي تاريخ، علم، ادب ۽ شاعريءَ تي گهرا اثر مرتب ٿيا آهن.” هن وڌيڪ لکيو آهي تہ ”صوفي شاھہ عنايت شھيد جي فڪر، زندگيءَ ۽ هاري تحريڪ جي حوالي سان اردوءَ ۾ ڪي ٿورا مقالا ۽ مضمون ملن ٿا، مگر هڪ جامع ۽ تحقيقي ڪتاب اڃا تائين موجود نہ آهي ... هي ڪتاب، اڪيڊميءَ جي درخواست تي معروف محقق منظور علي ويسريي جي تاليف آهي، جنهن ذريعي يقيني طور اهل ادب ۽ عام پڙهندڙ، صوفي شاھہ عنايت شھيد جي شخصيت ۽ ڪمن کان بهتر طور آگاھہ ٿي سگهندا.
ڪتاب جو پيش لفظ منظور علي ويسريي خود لکيو آهي. ڪتاب هيٺين عنوانن ۾ ورهائي لکيو ويو آهي:
 صوفي شاھہ عنايت شھيد جي دور جون حالتون
 صوفي شاھہ عنايت شھيد جو خاندان
 صوفي شاھہ عنايت شھيد جي خاندان جو سنڌ ۾ اچڻ
 صوفي شاھہ عنايت شھيد جو خانداني شجرو
 شجره نسب
 صوفي شاھہ عنايت شھيد جا بزرگ
 ولادت، نالو، تعليم ۽ تربيت
 صوفي شاھہ عنايت جو تعليم پرائڻ لاءِ ملتان وڃڻ
 شاھہ عنايت جو علم جي حصول لاءِ سنڌ کان ٻاهر وڃڻ
 بيعت، سنڌ واپسي
 صوفي شاھہ عنايت جو ٺٽي ۾ اچي رهڻ
 سلسلهء طريقت
 شادي، اولاد
 مختلف ملڪن جو دورو
 صوفي صاحب جي مخالفت جو آغاز
 شاھہ شھيد جي مخالفن جي جهوڪ تي ڪاھہ
 اعظم خان جي ٺٽي جي گورنر طور مقرري
 جهوڪ جي جنگ
 صوفي صاحب سان ڌوڪيبازي
 صوفي صاحب جو قلعي کان ٻاهر اچڻ
 صوفي صاحب جو اعظم خان جي سامهون پيش ٿيڻ
 صوفيءَ جي ڀاءُ، ڀائٽي ۽ فقيرن جي شهادت
 صوفي شاھہ عنايت جي شهادت
 صوفي صاحب جي شهادت کان پوءِ جي صورتحال
 صوفي شاھہ عنايت شھيد جو مقبرو
 صوفي شاھہ عنايت شھيد جو عرس
 صوفي شاھہ عنايت جا مريد
 صوفي شاھہ عنايت شھيد جا همعصر
 الف- دوست ۽ حمايتي
 ب- صوفي شاھہ شھيد جا مخالف عالم ۽ شاعر
 صوفي شاھہ شھيد جون ادبي خدمتون
 صوفي شاھہ شھيد جي سلسلي جا شاعر
 صوفي شاھہ عنايت شھيد جو فڪر
 صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ سنڌي ادب
 نقادن جا رايا، منظوم خراج عقيدت
 صوفي شاھہ عنايت تي لکيل ڪتاب، رسالا، اخبارون
 صوفي شاھہ عنايت شھيد تي لکيل مقالن ۽ مضمونن جو وچور
 حوالا ۽ ڪتابيات
ڊيمي سائيز جي 174 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي اشاعت 2012ع ۾ ٿي آهي ۽ ان جي قيمت ڪچي جلد سان 200 روپيا ۽ پڪي جلد سان 210 روپيا آهي.
صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر [ڪتاب]: هيءُ ڪتاب، ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي Ph.D ٿيسز جو تحقيقي مقالو آهي. ڪتاب کي مختلف ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي جي پهرئين باب ۾ سنڌ جي سنڌ جي تاريخ (قديم دور کان ڪلهوڙا دور تائين)، باب ٻئي ۾ تصوف ۽ اُن جا سلسلا، باب ٽئين ۾ شاھہ عنايت صوفيءَ جي خاندان جو احوال، باب چوٿين ۾ شاھہ شھيد جي زندگيءَ جو احوال، باب پنجين ۾ شاھہ شھيد جي هندستان وڃڻ ۽ واپسي، باب ستين ۾ صوفي شاه عنايت جي طريقت جو سلسلو، باب اٺين ۾ شاھہ شھيد جو فڪر، باب تنائين ۾ شاھہ شھيد جي مخالفن ۽ جهوڪ تي حملي جو ذڪر، باب ڏهين ۾ شاھہ شھيد جي تحريڪ جي ابتدا ۽ پکيڙ، باب يارهين ۾ جنگ جو تفصيلي احوال ۽ شاھہ شھيد جي شهادت، باب ٻارهين ۾ شاھہ شھيد جا خليفا ۽ ناميارا مريد، باب تيرهين ۾ شاھہ شھيد جا همعصر، باب چوڏهين ۾ شاھہ شھيد جي ادبي حيثيت بيان ڪئي وئي آهي. ڀاڱي ٻئي ۾ شاھہ شھيد جي سلسلي جي 129 شاعرن جو ذڪر ۽ شاعري ڏني وئي آهي. ڊبل ڪرائون جي 636 صفحن تي مشتمل ڪتاب 2010ع ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي.
صوفي شاھہ عنايت شھيد [ڪتاب]: هي ڪتاب، سنڌ جي عظيم صوفي ۽ سورهيه اڳواڻ، شاھہ عنايت شھيد جي زندگيءَ، شخصيت، ڪارنامن ۽ عوام جي اجتماعي مفاد لاءِ جدوجھد ۽ شهادت جي سربستي احوال تي مشتمل آهي ۽ صوفي حضور بخش جي تصنيف آهي. هن ڪتاب ۾ صوفي حضور بخش، شاھہ عنايت شھيد جي حالات زندگي، جدوجھد ۽ شهادت جو احاطو ڪندي، مختلف عنوانن هيٺ تصنيف ڪيو آهي، جنهن مان ڪي عنوان هي آهن:
لانگاھہ خاندان ۽ سندن حڪومت، لانگاھہ دور جا حڪمران، صوفي شاھہ عنايت، شاھہ عنايت جي سنڌ ڏانهن موٽ، شاھہ عنايت جي روحاني سلسلي جون ٽي ڪڙيون، ميان يار محمد ڪلهوڙي واليء سنڌ جو خط، صوفي شاھہ عنايت ۽ گورنر اعظم خان درميان سوال جواب، شاھہ شھيد جا متوسل ۽ معتقد، سر مبارڪ جي دهلي روانگي، حضرت صوفي شاھہ عنايت شھيد جون شاديون، اولاد، شاھہ شھيد جي اهم خليفن جو ذڪر، شاھہ شھيد جي طريقت جو سلسلو، صوفي عنايت شھيد ۽ هزارين صوفي شھيدن جي باري ۾ عوام اندر هٿ ٺوڪيون ۽ گمراھہ ڪندڙ غلط ڳالهين جو ڦهلاءُ- مخدوم صدرالدين جو شجرو وغيرہ.
ڊيمي سائيز جي 292 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 200 روپيا آهي.
ان کان سواءِ ‘نئين زندگي ’ رسالي، شاھہ عنايت شھيد تي ڪيترائي نمبر ڪڍيا هئا. هتي شاھہ شھيد نمبر، فبروري 1957ع جو عڪس ۽ تفصيل ڏجي ٿو:
هن پرچي ۾ سرشار عقيليءَ جو نظم ‘مرثيہ جهوڪ شريف’، رشيد احمد لاشاريءَ جو نظم ‘شاھہ عنايت شھيد’ ۽ فقير فيض محمد جي ڪافي ڏني وئي آهي. ان کانپوءِ هيٺين اديبن جا مضمون ڏنا ويا آهن:
(1) علامہ دائودپوٽو: ‘شاھہ عنايت صوفي’
(2) سيد حسام الدين راشدي: ‘شاھہ شھيد جي سوانح جا ماخذ’
(3) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ‘فقير ولي محمد خان
(4) پروفيسر لطف بدوي: ‘مير شاھہ رضوي'>جان شاھہ رضوي’
(5) سوڀراج نرملداس: ‘جهوڪ شريف’
(6) لعلچند تيجو مل: ‘فقير مسڪين داس صوفي’
(7) لطف علي ڪيهر: ‘بيدل جي طريقت جو سلسلو’
(8) ابڙو پير بخش صوفي: ‘حضرت رکيل شاھہ
(9) حڪيم عبدالمجيد ماجد: ‘صادق فقير
(10) محبوب علي چنا: ‘شاھہ شھيد صوفي’
هن رسالي ۾ شاھہ شھيد جي روضي، سجادہ نشين جهوڪ شريف، جهوڪ جي تبرڪات، جهوڪ شريف جي مختلف نظارن، شاھہ شھيد جي روضي جي مختلف نظارن ۽ جهوڪ جي بزرگن جو تصويرون ڏنيون ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1717.10.09  عيسوي

صوفي شاهه عنايت جي خلاف سبي، گنجابه، چانڊڪا، مختلف ڪوهستاني علائقن، ٺٽي ۽ ٻين ماڳن کان هزارين فوجن، ان وقت جي جديد هٿيارن سان مسلح ٿي اچي، 14 ذوالقعد 1129هه/ 9 آڪٽوبر 1717ع تي جهوڪ جي علائقي جو گهيراءُ ڪيو.


1718.01.07  عيسوي

شاهه عنايت کي قرآن پاڪ وچ ۾ ڏئي، دوکي سان گرفتار ڪري، اعظم خان ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي اڳيان آندو ويو. ٽي ڏينهن قيد ۾ رکڻ کان پوءِ، 15 صفر المظفر 1130هه/ 7 جنوري 1718ع تي نواب اعظم خان آڏو صوفي صاحب کي پيش ڪيو ويو. صوفي شاهه عنايت سان سندس ننڍو ڀاءُ رحمت الله شاهه، سندس ڀائٽيو محمد يوسف پٽ رحمت الله ۽ ٻارهن خاص مريد گڏ هئا.


1718.01.07  عيسوي

15 صفر المظفر 1130هه/ 7 جنوري 1718ع تي صوفي شاهه عنايت جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري، کيس شهيد ڪيو ويو.



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ست پنٿ
سلام ﷲ شاھہ ’ٿر ڌڻي‘
شاھہ عنايت شھيد جهوڪ وارو
ڏاڏو هوت فقير
بقا بالله
ابو تراب شيخ
قادري طريقو
ڏونگر سي مهراج
سلطان ابراهيم شاھہ
دادن پير
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون