داخلا نمبر 205
عنوان آتش فشان
شاخ جبل
پڙهيو ويو 2355 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آتش فشان جو منظر

آتش فشان جو منظر

آتش فشان

آتش فشان: ٻرندڙ جبل، جنهن جي اندران باهه جا اُلا ۽ وگهريل مادو (لاوا- Lava) زور سان ٻاهر اُڀامي ۽ آسپاس جي جهنگن ۽ آباديءَ کي ڀسم ڪري ڇڏي. آتش فشان کي انگريزي ۾Volcano چوندا آهن. پر اهو اطالوي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ باهه جو ديوتا آهي. جيئن ته زمين جي اندر گرم ۽ پٽڙو مادو موجود هوندو آهي، جيڪو وقت بوقت زمين مان ڦاٽي نڪرندو آهي، پر جڏهن ان گرم مادي تائين پاڻي پهچندو آهي ته اهو ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ٻاڦ ئي اها قوت آهي، جيڪا ٻين مادن ۽ گئس کي ٻاهر ڌڪيندي آهي، تنهنڪري جتان به کيس ٻاهر نڪرڻ لاءِ جاءِ ملندي آهي ته ڌماڪا ڪري پاڻ سان گڏ زمين اندر زهريلين گئسن، پٿرن، وگهريل لوهه ۽ گندرف به گڏ ڪڍندي آهي. اهڙي عمل بعد هو ٿڌو ٿي ڄمي ويندو آهي ۽ سالن جي وقفي بعد وري اهڙو عمل ٿيڻ ڪري جبل ٺهي پوندو آهي، جنهن جي مٿان هڪ چوٽي ٺهي ويندي آهي، جنهن کي انگريزي ۾ Carter چون ٿا. ان ئي ڍير يا جبل کي آتش فشان چئبو آهي. دنيا ۾ ڪجهه اهڙا به جبل ملن ٿا جيڪي هزارين سال اڳ ٻرندڙ جبل هئا، انهن کي هاڻي مرده آتش فشان (Extinct) چيو وڃي ٿو. جاپان جو فيوجي جبل به ڪنهن زماني ۾ آتش فشاني ڪندو هو. ڪجهه جبل ماٺيڻا هوندا آهن، جيڪي اندر ئي اندر اٻڙڪا کائيندا، پر ٻاهر لاوا نه ڪڍندا آهن، تن کي خاموش يا Dromant چئبو آهي. پر اهڙن جبلن کي سمجهڻ ڏکيو هوندو آهي. ڇو ته اٽليءَ جي شهر نيپلز ڀرسان موجود وسو ويو Visvvio جبل کي مرده جبل قرار ڏنو ويو هو، پر اوچتو 1979ع ۾ ڦاٽي پيو ۽ سندس لاون سان پومپيا ۽ هرڪيونيم شهر به تباهه ٿي ويا. هن وقت دنيا ۾ 1500 کن زنده ٻرندڙ جبل موجود آهن، جن جو گهڻو تعداد انڊونيشيا ۾ آهي، جتي ٻه سئو کن آتش فشان آهن. ان کان سواءِ اٽلي، چلي، جاپان ۽ اتر پورپ ۾ به ٻرندڙ جبل موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو