اجمل بيگ مرزا

اجمل بيگ مرزا

اجمل بيگ مرزا

اجمل بيگ مرزا: مرزا اجمل بيگ 21 اپريل 1921ع تي ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ سنڌ جي مهان اديب، دانشور ۽ عالم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم حيدرآباد شهر ۾ حاصل ڪيائين ۽ بي اي بمبئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ نمبر ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. مرزا صاحب سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ راشنگ ڪنٽرولر مقرر ٿيو جتان 1976ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. هو مرزا قليچ بيگ جو ستون نمبر فرزند هو. کيس اکيون کوليندي ئي ”شمس العلماء“ پيءُ جي هنج نصيب ٿي. انهيءَ علم ڀريءَ هنج مان هن ٻار ٻالپڻي ۾ ئي سڀ ڪجهه حاصل ڪيو. فارسي ۽ سنڌي هن جي گهر جون زبانون هيون، باقي قرآني تعليم ۽ ٻيا سڀ مذهبي علوم به ننڍپڻ ۾ ئي سکي ورتائين کيس علم، ادب ۽ شاعري ورثي ۾ مليل هئا. مرزا صاحب شروعات ۾ پنهنجو تخلص ”فاضل“ رکيو، پر بعد ۾ ”اجمل“ جي تخلص سان لکندو هو. هو عروضي شاعريءَ جو ماهر سمجهيو ويندو هو. سندس ڪلام نهايت اعليٰ پائي جو آهي. پاڻ غزل، قصيدو، مثنوي، مخمس، بيت، سلام، مرثيه، نوحا، منقبت ۽ مناجاتون وغيره چيون اٿس. نظم ۾ لکيل سندس ڪتاب ”تاريخ اسلام'>شاهنامه عرب عرف منظوم تاريخ اسلام“ سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ان کان علاوه نيو ايٽلس جغرافيه (اردو)، انگلينڊ جي تاريخ (1953ع)، ٽريل انگلش ڊڪشنري (اردو، سنڌي، انگريزي) سر حسيني لطيفيات 1951ع)، دنيا جي نئين جاگرافي (1952ع)، تاريخ (1953ع)، رنگين جاگرافي پاڪستان (1958ع)، علم بدن ۽ صحت ، علم طبعي، انتخاب ازگلستان و بوستان، سر سارنگ (لطيفيات)، مهاڳ رباعيون (تنقيد) وغيره به مشهور ڪتاب آهن. سنڌ جو هي سڄاڻ اديب ۽ شاعر 26 مئي 1984ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ اجمل بيگ مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.04.21  عيسوي

اجمل بيگ مرزا: مرزا اجمل بيگ 21 اپريل 1921ع تي ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ سنڌ جي مهان اديب ، دانشور ۽ عالم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي گهر ۾ جنم ورتو .


1984.05.26  عيسوي

اجمل بيگ مرزا سنڌ جو هي سڄاڻ اديب ۽ شاعر 26 مئي 1984ع تي وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راڌا ڪرشنا ڊاڪٽر
شاهنواز خان
سيد امداد شاهه ڊڍرائي
حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري
آغا حشر ڪاشميري
غلام حسين انڙ حاجي
حفظ الله خان نواب
محمد يوسف سڪندري ڀنڀرو
ال ادريسي
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون