داخلا ؛ 6182
پڙهيو ويو ؛ 850
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2013-04-16


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--تحقيق

ٽائيٽل ؛ تحقيق


شاخ : لفظ

تحقيق: زندگي جي مختلف پهلوئن جي علمي يا سائنسي انداز ۾ ڪيل ڇنڊ ڇاڻ يا اڀياس کي -تحقيق- چئجي ٿو. -تحقيق- جي مدد سان مختلف پهلوئن جي علمي، ثقافتي، تمدني، سائنسي، نفسياتي ۽ فڪري پاسن کي اجاگر ڪري سماج کي اڏڻ، آسان زندگي گذارڻ، علمي واڌاري ۽ چڱ ڀلائي جي طريقن لاءِ تڪيل، توريل ۽ آزمايل طريقا استعمال ڪري سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ -تحقيق- جي مڪمل وصف بيان ڪرڻ پيچيده آهي، پر پوءِ به ايترو چئجي سگهجي ٿو ته ڪنهن مسئلي جي ڀروسي -جوڳي- حل ۽ صحيح نتيجن تائين پهچڻ لاءِ -تحقيق- اهو منظم عمل آهي، جنهن ۾ حقيقتن جي ڳولا ۽ انهن جي ڇنڊ ڇاڻ جو تفصيل وار بيان لڪل هجي ٿو؛ -ان- لاءِ چئي سگهجي ٿو ته -تحقيق- جو تعلق ڪنهن مسئلي ۽ -ان- جي ڀروسي -جوڳي- حل جي ڳولا سان وابسته آهي. اهو حل يا نتيجو ڀروسي جوڳو هئڻ لاءِ هڪ خاص انداز ۾ اڀياس لازمي آهي. ڪنهن مسئلي جو حل ۽ ملندڙ نتيجا، ڪنهن به قسم جي شڪ شبهي ۽ -ان- جي امڪاني حد تائين رد نه ڪري سگهڻ سان ئي -تحقيق- جي عمل جي ڪاميابيءَ جو دارومدار رهي ٿو. عربي، فارسي، -اردو- يا سنڌي لغتن ۾ لفظ -تحقيق- جي لغوي معنيٰ ڏسبي ته -ان- جو سولي سنڌيءَ ۾ مطلب ٿيندو ”پڪ ڪرڻ، خاطري ڪرڻ يا ڪنهن ڳالهه جي حقيقت تائين پهچڻ“، ساڳي ريت وري -انگريزي- ڊڪشنرين ۾ ”Research“ جي معنيٰ وري ڳولڻ ۽ اصطلاحي معنيٰ ”ڪا به نئين حقيقت ڳولي پڌري ڪرڻ“ آهي. جنهن جو مقصد ته ڪنهن به موضوع تي گهِري نظر وجهي، -ان- جي هر پاسي کان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ته -ان- موضوع تي وڌيڪ ڄاڻ ملي سگهي. -تحقيق- جو مقصد آهي ته جيئن فطرت يا انساني زندگيءَ جي الڳ الڳ مسئلن جو حل -تلاش- ڪرڻ. تحقيق، انساني علم ۽ سندس ڄاڻ کي وڌائي ٿي. حقيقت ۾ انساني تهذيب، تمدن ۽ سڀيتا جي ارتقائي -تحقيق- جي عمل سان ئي اهو سڀ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ڪنهن به علمي شاخ تي -تحقيق- ڪندڙ کي ’محقق‘ چوندا آهن. -ان- جا به معيار مقرر ڪيل آهن ته: (1) دليل بازي جي قوت رکندڙ هجي، (2) حافظي جي قوت رکندو هجي، (3) ذهني سچائي، (4) موضوع ۾ سندس دلچسپي هجي ۽ -ان- کي نڀائڻ جو حوصلو رکندو هجي، (5) مسئلي جي حل لاءِ وٽس جستجو وارو جذبو هجي. -تحقيق- جا هيٺيان قسم آهن: تجرباتي يا سائنسي -تحقيق- (Scientific Research ):هيءَ هڪ روايتي انداز واري -تحقيق- آهي، جنهن کي سائنسدان پنهنجي لئبارٽريءَ اندر استعمال ڪندا آهن. محقق ڪنهن اصول جو -جائزو- وٺڻ لاءِ هڪ تجربو ڪندو آهي. تجربي جو انتظام عام طور اهڙي نموني ڪيو ويندو آهي ته جيئن اهي حالتون پوريءَ طرح محقق جي قبضي ۾ رهن، -جن- تحت کيس -جائزو- وٺڻو آهي، -ان- ڪري انتهائي سائنسي انداز وارا تجربا لئبارٽريءَ اندر ئي ڪيا ويندا آهن. -ان- طريقي سان ڄاڻ مهيا ڪري ڏيندڙ شخص يا لائبريرين وغيره کي ڪيترن ئي مسئلن سان منهن ڏيڻو ڪو نه ٿو پوي، -جن- جو لئبارٽريءَ واري جائزي دوران پيش اچڻ جو امڪان رهي ٿو. جيتوڻيڪ ڪجهه خاص قسم جي لئبارٽرين ۾ اشارياتي نظام کي عمل درآمد ڪرڻ جو ڪم ٿي چڪو آهي، پر -ان- جي باوجود لائبريريءَ ۽ خبر رسائيءَ جي مسئلن واري هڪ چڱي ۽ وسيع دائري ۾ تجرباتي -تحقيق- جي طريقن کان ڪم وٺڻ ممڪن هوندو آهي. ڪنهن به قسم جي تجرباتي -تحقيق- ڪرڻ لاءِ -ان- جو بنيادي جزو Hypothesis يعني فرض يا قياس تي ٻڌل هوندو آهي، جو عام طور ڪنهن مڪمل نظام جي مختلف عنصرن جي وچ ۾ ڳانڍاپي جي -باري- ۾ هڪ رٿا يا اصول جي شڪل ۾ هوندو آهي. تجربي جو مقصد صرف اهو هوندو آهي ته واسطيدار قياس يا انومان صحيح آهي يا نه! -تحقيق- جو مقصد جيئن ته ڪي حقيقتون معلوم ڪرڻ هوندو آهي، -ان- ڪري پهرين ڪي ڪي مفروضا، گهاٽ يا انومان ڪرڻ هوندو آهي، -جن- کي -انگريزي- ۾ Hypothesis چئبو آهي، جنهن جي مدد سان نتيجا اخذ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. تاريخي -تحقيق- (Historical Research ):تجرباتي تحقيق، جنهن جو وڪاس (ترقي) سائنسي اصولن هيٺ ٿئي ٿو، -ان- جي برعڪس تاريخي -تحقيق- مڪمل طور تي عمرانيات جي پيداوار آهي، -ان- مان ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح هيءَ -تحقيق- نج بيانيه انداز واري ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ حالتن جو سلسليوار -جائزو- ورتو وڃي ٿو ۽ ڪنهن شيءِ جي ترقيءَ جي هر ممڪن صورت وسيلي هڪ مڪمل عڪس پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، -ان- جو هڪ شاندار مثال ٿامس ڪيليءَ جي اها -تحقيق- هئي، جنهن جو موضوع هو، عظيم برطانيه جي عوامي لائبريرين جي -تاريخ- (1845ع کان 1975ع تائين لنڊن لائبريري ايسوسيئيشن) جو هن قسم جي -تحقيق- جو مقصد عام طور تي حالتن جو -جائزو- وٺڻ ۽ -ان- جو بيان ڪرڻ هوندو آهي. هڪ ٻئي قسم جي تاريخي -تحقيق- اصولن کي ثابت ڪرڻ لاءِ پڻ ڪئي ويندي آهي، جنهن جو طريقه ڪار ائين ٿيندو آهي ته شاهدين ۽ حوالن کي اهڙيءَ طرح ڪٺو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، جو -ان- مان ڪجهه نتيجا حاصل ڪري سگهجن. اهڙن نتيجن مان انهن اصولن جو صحيح يا غلط هئڻ ثابت ٿي پوندو آهي. هن قسم جي -تحقيق- جا سٺا مثال نسبتاً ڪجهه گهٽ آهن. تاريخي -تحقيق- جي فائدن ۽ نقصانن کي طئه ڪرڻ ڪجهه قدر مشڪل آهي، جيتوڻيڪ ڪنهن حد تائين اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ’اها هڪ سٺي ڳالهه آهي‘. ماضيءَ ڏانهن نظر ڊوڙائڻ سان اهو ممڪن ٿيو پوي ته -ان- ماضيءَ وارن تجربن جي روشنيءَ ۾ موجوده دور جي ڪجهه مسئلن جو ڪو صحيح فيصلو ڪري سگهجي ٿو. -ان- سلسلي ۾ بنيادي صلاحيت، محقق ۾ تنظيمي لياقت جو هئڻ آهي. جڏهن ته اها گهٽتائي عام طور تي ڏٺي وئي آهي ته محقق پنهنجي گڏ ڪيل مواد کان بيحد متاثر ٿي ويندو آهي، ۽ ائين ڪندي پنهنجي مقرر اڀياس جي اصلي مقصد ۽ انهن دستاويزن جي اهميت کي نظرانداز ڪري ڇڏيندو آهي، -جن- تي ڌيان ڏيڻ -ان- وقت انتهائي ضروري هوندو آهي. ان سلسلي ۾ پهريون ڪم اهو آهي ته -ان- ڳالهه جي پڪ ڪئي وڃي ته -ان- جو موضوع پنهنجي ۽ مريادائن جي لحاظ کان قابل عمل آهي، وسعت ۽ -تحقيق- جي ڊيگهه ايتري هئڻ کپي جو -ان- لاءِ گڏ ڪيل مواد کي هڪ مناسب مقدار ۾ استعمال ڪري سگهجي. بظاهر -ان- جو دارومدار -تحقيق- جي نوعيت ۽ وسعت تي ئي هوندو آهي، جهڙي ريت پيشه ور لياقت يا ايم. اي جي ڊگريءَ لاءِ لکيل ڪنهن مقالي يا مونو گراف ۾ -ان- مقالي کان وڌيڪ گهرائي ۽ وسعت هوندي آهي، جيڪو ايم. اي جي -تعليم- دوران هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ لکيل هوندو آهي. اهڙا سڀ مقالا، پنهنجي وسعت جي لحاظ کان وڏين ڪاميابين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهٽ درجي وارا هوندا آهن. جيئن ڪيليءَ جي ’عوامي لائبريرين جي تاريخ‘ آهي، جنهن ۾ ’مددي ڪتابن جي فهرست‘ ۾ 438 ڪتابن جي يادداشت ڏيکاريل آهي. تحقيقي موضوع جي چونڊ ڪرڻ ۽ -ان- کي هڪ نئون روپ ڏيڻ لاءِ بظاهر اهو ضروري آهي ته -ان- لاءِ هٿ ڪيل مواد، -ان- جي نوعيت ۽ -ان- جي حاصلات جي وسيلن جو پوري طرح -جائزو- ورتو وڃي. ابلاغي (Mediumic) وسيلن جي ڀيٽ ۾ بنيادي وسيلن تي ڪم ڪرڻ ۾ شايد ڪجهه وڌيڪ وقت لڳي ويندو آهي. جيئن ته پنهنجيءَ ڄاڻ هيٺ آيل مواد تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي وقت جو مناسب حصو خرچ ڪرڻ کپي، -ان- لاءِ ڏورانهين هنڌن تائين ملندڙ دستاويزن تائين پهچڻ بجاءِ پنهنجي شعبي جي اندر ٿيندڙ ڪم کي به ڪجهه وقت ڏيڻ ضروري آهي، -ان- سان گڏوگڏ واسطيدار اڻ ڇپيل مواد کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. الڳ الڳ ماڻهن کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سوالناما (Questionnare) موڪلڻ ۽ انهن سان شخصي طور ملڻ، ٻئي طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن. اڄ ڪلهه اليڪٽرانڪ Audio-Visual مشينن ۾ رڪارڊ ڪيل معلومات به جلد ئي ملي سگهندي آهي، -جن- ۾ اهم لائبريرين جي سرپرستن سان ڪيل شخصي ملاقاتن جي تفصيلن جو ذڪر هوندو آهي. -تحقيق- جي شروعاتي مرحلي ۾ ئي اهو طئه ڪري ڇڏڻ گهرجي ته حاصل ٿيندڙ معلومات کي لکڻ يا رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ڪهڙو بهتر طريقو اختيار ڪيو وڃي ۽ پوءِ سموري تحقيقي عمل ۾ -ان- کي ڪهڙيءَ ڪهڙيءَ جاءِ تي ترتيب سان استعمال ڪيو وڃي، جيڪڏهن مواد ايترو ضروري آهي جو -ان- کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ته -ان- کي گڏ ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ Audio-Visual جهڙا ڪارگر ۽ اثرائتا طريقا اختيار ڪرڻ ضروري ٿيو پون. -تحقيق- واري عمل دوران ڪڏهن ڪڏهن اهو ضروري هوندو آهي ته اڀياس جي اوچتن نظر آيل مسئلن سان ٺاهه ڪيو وڃي ۽ پنهنجي تحقيقي عمل جي مڪمل خاڪي جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن خاص قاعدي قانون هيٺ ڪم ڪيو پيو وڃي ته -ان- ڳالهه جو ڌيان هئڻ کپي ته -ان- سلسلي ۾ اڳ ڪيترو ڪم ٿي چڪو آهي. -تحقيق- لاءِ -ان- جي عام طور ٿيل دائري جو -جائزو- وٺڻ به ضروري هوندو آهي، پنهنجي ڪم کي اهڙي نموني ڪرڻ گهرجي، جو -تحقيق- دوران اهو پنهنجو رستو بدلائيندو رهي. -ان- طرح -تحقيق- ڪندي وقت به وقت درپيش ايندڙ نون نون تجربن سان پنهنجي ڪم جي تڪميل لاءِ مختلف رستا کلندا رهندا آهن. بهرحال -ان- سلسلي ۾ اهڙين حالتن پيدا ٿيڻ جو به امڪان رهندو آهي ته مستقبل واري رٿيل ڪم لاءِ رستو به محدود نظر ايندو آهي. اهڙيءَ صورتحال کان بچڻ لاءِ پنهنجي رهنما (Guide) يا موضوع سان واسطو رکندڙ ڪنهن ماهر سان صلاح مشورو ڪندو رهڻ گهرجي. جيئن ته اهڙن ڳنڀير موضوعن تي واسطيدار عالمن جي نظر گهري ۽ اڀياس ڳوڙهو هوندو آهي ۽ اهي محقق کي فائديمند مشورن سان نوازي سگهن ٿا، -ان- لاءِ رهنما جي چونڊ به هڪ لحاظ کان خصوصي اهميت جي حامل آهي. تنظيمي تحقيق: تنظيمي -تحقيق- جو آغاز ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي دوران ٿيو هو، جنهن جو مقصد هو ته -جنگ- جي ميدان جا نقشا تيار ڪندڙ فوجي، وڏي پيماني تي تنظيمي مسئلن سان منهن ڏيئي سگهن، -ان- وقت کان هيءُ طريقو مختلف قسمن جي تنظيمن لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي، -جن- ۾ خبر رسائيندڙ ادارا،لائبريريون ۽ سماجي ڪم ڪندڙ تنظيمون به اچي وڃن ٿيون. بنيادي طور هن تحقيقي عمل ۾ تنظيمي مسئلن لاءِ رياضيءَ جا طريقا ۽ اصول استعمال ڪيا ويندا آهن. تنظيمي -تحقيق- انهن عملن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، -جن- هيٺ مختلف تنظيمون يا ادارا پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪم ڪندا آهن. صورتحال کي صحيح طور سمجهڻ کان پوءِ ايندڙ مرحلو اهو هوندو آهي ته هڪ قسم جي تنظيم ٺاهي ويندي آهي، جنهن وسيلي انهن مختلف حالتن جو -جائزو- ورتو ويندو آهي، جيڪي ڪنهن تنظيم جي جدا جدا رٿائي جزن ۾ ڦير گهير ۽ تبديلي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن. اهو سڀ ڪجهه تعميري نموني وانگر ڪاٺيءَ ۽ ڪوڪي سان ڪو نه ٺاهيو ويندو آهي، پر -ان- جي تعمير ۾ عمل جي برابري ۽ ڪي مڃيل فارمولا استعمال ڪيا ويندا آهن. هن نموني کي رياضيءَ جي برابريءَ واري هڪ ڊگهي سلسلي جي صورت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو، انهن برابرين کي -ان- مخصوص تنظيم جي گڻ جو صحيح طور تي اندازو لڳائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. 4. عملي -تحقيق- (Action Research ):جهڙيءَ طرح موليري جي هڪ ڪردار کي اهو محسوس ٿيڻ کان پوءِ تعجب ٿيو هو ته هو ڪيئن نه گذريل چاليهن سالن کان پنهنجي اڻڄاڻائيءَ ۾ نثر ڳالهائيندو رهيو آهي. ساڳيءَ طرح لائبريرين جي ڪيترن ئي سربراهن ۽ معلومات مهيا ڪندڙن کي اهو ڄاڻي واقعي ئي حيرت ٿيندي آهي ته هو ڪيترن سالن کان عملي -تحقيق- جي دائري ۾ زبردست ڪم ڪندا رهيا آهن ۽ کين -ان- ڳالهه جو ڪڏهن احساس به ڪو نه ٿيو آهي ته هو اهم ڪم سرانجام ڏيئي رهيا آهن. عام لفظن ۾ عملي -تحقيق- جو ڪم ڪنهن شيءِ کي قائم ڪرڻ ۽ پوءِ -ان- جو رد عمل ڏسڻ لاءِ کيس اڳتي وڌائڻ هوندو آهي. عملي -تحقيق- کي به تجرباتي -تحقيق- جي صف ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، فرق صرف ايترو آهي ته تجرباتي تحقيق، ليبارٽريءَ اندر ٿيندي آهي ۽ عملي تحقيق، لائبريريءَ ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪئي ويندي آهي. هڪ لحاظ کان -ان- جي اهميت -ان- ڪري به آهي، جو ڪيترين ئي حالتن ۾ ڪنهن عمل جي امڪان جو -جائزو- وٺڻ جي صرف اڪيلي صورت اها هوندي آهي ته -ان- عمل کي اڳتي وڌايو وڃي، پهريائين اهو عمل سرانجام ڏجي ۽ پوءِ اهو ڏٺو وڃي ته -ان- جو نتيجو ڇا ٿو نڪري. صحيح معنيٰ ۾ عملي -تحقيق- جو مقصد -ان- کان به ڪجهه وڌيڪ هوندو آهي، -ان- کي عملي -تحقيق- تڏهن ئي چئي سگهجي ٿو، جڏهن -ان- رٿا يا عمل جي مقصد جو تعين لڳاتار نموني ٿيندو رهي ۽ -ان- جي اندر ڪجهه محرڪ به موجود هجن، جي سندس اڀياس دوران پڙهيل مواد کي -ان- تحقيقي عمل ۾ اهڙيءَ طرح رد ڪري ڇڏين، جو اهي عمل ۽ تجربي جي روشنيءَ ۾ پاڻياٺي شيءِ بڻجيو پون. جيستائين ادب جي تخليقي عمل جو تعلق آهي ته اهو به عمل ۽ سبب جي اصول کان آجو ٿي نه ٿو سگهي. ادبي -تخليق- اهو عمل آهي، جنهن ۾ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح رچناڪار (تخليقڪار) جي قلبي، مادي ۽ سماجي حيثيت، سبب جي صورت ۾ عمل درآمد ٿئي ٿي، رنگ روپ يا انداز بيان ۽ طرز تحرير جو عمل به ڪنهن نه ڪنهن سبب کان ئي ٿيندو آهي. ادبي محقق انهن ئي باقاعدگين ۽ عمل ۽ سبب جي سلسلن جي -تحقيق- ڪري ٿو. ادبي تحقيق: ڪو وقت هو، جڏهن ادب کي -تحقيق- جي صف ۾ شمار ڪو نه ڪيو ويندو هو، -ان- جو تعلق صرف -تنقيد- ۽ تبصري واري عمل سان ئي هوندو هو، پوءِ جڏهن سماجي علم (Social Sciences) وجود ۾ آيا ته اهو محسوس ڪيو ويو ته سائنسي طريقن جي استعمال سان به هن شعبي ۾ صحيح نتيجن جي حاصلات ممڪن آهي، تنهن ڪري ادب کي به -تحقيق- جي دائري ۾ شامل ڪيو ويو، اهڙيءَ طرح ادب به پنهنجي ظاهري توڙي معنوي هيئت جي لحاظ کان هڪ قابل -تحقيق- موضوع ثابت ٿيو. -ان- جي معنوي هيئت جو تعلق نفسيات ۽ سماجي سائنس (Social Science) سان ڳنڍيو ويو ۽ ظاهري هيئت لسانيات (Linguistics) جي دائري ۾ اچي وئي. -ان- طرح ادب، داخلي -تحقيق- جو موضوع بڻجي پيو، جنهن ۾ محقق، پنهنجي تجرباتي عمل جي حدن کان ٻاهر نه ٿو نڪري. ادب ۾ جيڪي به تخليقي ۽ نفسياتي تفصيل ڏنل هوندا آهن، انهن جي ڇنڊڇاڻ ۽ هيئت جو اڀياس محقق جو حقيقي مقصد هوندو آهي، تنهن کان سواءِ ادب ۾ خارجي -تحقيق- جا امڪان به پيدا ٿيا، -جن- ۾ ٻين شين (موضوعن) ۾ نتيجا حاصل ڪيا ويندا آهن. ائين نه صرف ادبي -تحقيق- جي امڪانن ۾ واڌارو آيو، پر ادبي -تحقيق- جي عمل جون حدون به وسيع ٿينديون ويون. -ان- سان گڏوگڏ اهو سوال به پيدا ٿيو ته -تحقيق- جهڙي ذهني عمل جي وجود ۾ اچڻ سان -تنقيد- ۽ ادب جي وچ ۾ تعلق هئڻ به ممڪن آهي يا نه! ابتدا ۾ ته -تحقيق- جا حيرت انگيز نتيجا ڏسندي اديب ۽ نقاد ٻئي ڇرڪجي ويا، پر جلد ئي جڏهن -ان- دماغي عمل جي افاديت ظاهر ٿيڻ لڳي ته نقادن به ادب جي ميدان ۾ پنهنجي هڪ هٽيءَ کان موڪلائي ڇڏيو. -تحقيق- ۽ تنقيد: -تنقيد- جو بنيادي مقصد ڪنهن ادبي -تخليق- جو مڪمل ۽ تفصيلي -جائزو- وٺڻ هوندو آهي، اهو عمل -ٽن- حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) تاثر قبولڻ، (2) ڇنڊڇاڻ ۽ (3) قدر ۽ قيمت جو تعين يا فيصلو ڪرڻ. -تنقيد- جو مقصد ڪنهن ادبي -تخليق- جي ليکڪ جي تخليقي صلاحيت ۽ -ان- رچنا کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ جو ڏانءُ پڙهندڙن تي ٿيڻ واري تاثر جو -جائزو- وٺڻ هوندو آهي. (ڏسو: تنقيد) رچنا (تخليق) جو عمل به تخليقڪار ۽ -تخليق- جي پڙهندڙ جي ڳانڍاپي تائين محدود هوندو آهي. صرف اسلوب ۽ لکڻيءَ تي تنقيدنگار جي عمل ۾ سندس شخصي دلچسپين جو به دخل رهي ٿو. جڏهن ته محقق پنهنجي ذاتي دلچسپين ۾ انفرادي نقطه نظر کان هٽي ڪري پنهنجو ڪم بلڪل طرفداريءَ سان ڪري ٿو. هڪ نقاد جي نگاهه شخصي ٿئي ٿي، جڏهن ته محقق -ان- شيءِ کي موضوعاتي (Objective) نقطه نظر سان ڏسي ٿو. محقق لازمي طور ڪنهن هڪ مسئلي کي ساڻ ڪري اڳيان وڌي ٿو، جنهن جو تعلق خصوصي طور دماغ سان ٿئي ٿو، هو -ان- مسئلي جو حل -تلاش- ڪندي ئي مطمئن ٿئي ٿو، جڏهن ته نقاد -ان- مسئلي جي ماهيت ڄاڻڻ کان پوءِ پنهنجو ڪم اتي ئي ختم ڪري ڇڏي ٿو. محقق ۽ نقاد جي ڪم ڪرڻ جو طريقو به اڪثر مختلف هوندو آهي. محقق جي طريقي ۾ سچاين جي ڇنڊ ڇاڻ انتهائي اهم هوندي آهي. گڏ ڪيل حقيقتن جي دماغي ڇنڊڇاڻ ۽ رٿا يا ڪَٽَ سَٽَ ئي محقق کي منزل تائين پهچائين ٿيون، -ان- جي برعڪس هڪ نقاد، سمورين ممڪن سچاين کي ڪٺو ڪرڻ ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کي ضروري نه ٿو سمجهي. هو گهڻو ڪري چند حقيقتن جي بنياد تي ڪنهن -تخليق- جي ٻاهرئين خوبين جي ڇنڊڇاڻ ۾ ئي مصروف رهندو آهي. -تنقيد- نگار جي ڪم ڪرڻ واري طريقي ۾ سوچ ويچار کي هڪ اهم مقام حاصل هوندو آهي، جڏهن ته محقق -ان- سوچ ويچار جي نسبت حقيقت ۽ ثبوتن جي آڌار تي ڪٽ سٽ ڪندي تجرباتي انداز ۾ -ان- جي ترتيب ۾ رڌل رهندو آهي. محقق ۽ نقاد جي مقصدن ۾ به فرق هوندو آهي. -تنقيد- نگار جو مقصد ادبي -تخليق- جي ظاهر ڪرڻ واري ڍنگ ۽ ٻاهرينءَ هيئت جي خوبين جو فيصلو ڪرڻ آهي، جڏهن ته محقق جو مقصد موجوده انساني ڄاڻ جي ڀنڊار ۾ اضافو ڪرڻ هوندو آهي. انهن حقيقتن جي باوجود به -تحقيق ۽ تنقيد- نگاري ٻئي لازم ملزوم عمل آهن. ادبي -تحقيق- هڪ لحاظ کان عالماڻي -تحقيق- جي دائري کان ٻاهر ناهي، -ان- کانسواءِ تعليمي -تحقيق- (Academic Research) ۽ سماجياتي -تحقيق- (Social Research) پڻ -تحقيق- جا اهم قسم آهن. سائنس وانگر -تحقيق- جا اصول به جامد نه پر تبديل ٿيندڙ هوندا آهن. -تحقيق- جو مقصد جيئن ته ڪي حقيقتون معلوم ڪرڻ هوندو آهي، -ان- ڪري پهريان ڪي مفروضا، گمان يا انومان قائم ڪرڻا پوندا آهن، -جن- کي انگريزيءَ ۾ Hypothesis چئبو آهي، جنهن جي مدد سان نتيجا اخذ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. -تحقيق- لاءِ ڪي نڪتا (Characteristics of Research ):1. صحيح -تحقيق- اها آهي، جيڪا نئين معلومات ڏئي ۽ نوان نتيجا ظاهر ڪري ساڳيون ڳالهيون وري نئين ترتيب سان لکڻ -تحقيق- ڪا نه هوندي آهي. (اسان وٽ لئي قينچيءَ جي ذريعي حوالا، بلڪه ڪتابن مان صفحن جا صفحا نقل ڪري، هڪ هنڌ گڏ ڪري ماڻهن -تحقيق- ڪئي آهي). 2. -تحقيق- ۾ تسلسل ضروري آهي. 3. اها مقرر اصولن موجب هجي. 4. زير بحث موضوع بابت اڳ ٿيل سموري -تحقيق- جو علم هجي ۽ اتان شروع ڪجي، جتان اها ڇڏي وئي هجي. 5. اها منطقي ۽ معروضي (Logical & Objective) هجي، يعني شخصي جذبات کان -پاسو- ڪندي معروضي انداز ۾ هجي. 6. پهرين مفروضا (Hypothesis) قائم ڪري پوءِ انهن جي پٺڀرائي لاءِ مواد هٿ ڪري ثابت ڪجي. 7. هر ڳالهه چٽي نموني ڪيل هجي. 8. -تحقيق- جي خاص اصطلاحن (Terms) جو صحيح استعمال ۽ حقيقتن توڙي انگن اکرن کي صحيح طريقي (Accuracy) سان پيش ڪجي. 9. جلد بازي ڪري ذاتي فيصلا صادر نه ڪجن، بلڪه مواد ۽ مقصد مان فيصلا ڪرڻ کپن ۽ -جن- ۾ بي ريائي يا غيرجانبدار هجي. 10. عالماڻي -تحقيق- ۾ معلومات گڏ ڪرڻ Data collection کان وٺي، -ان- مواد کي محفوظ ڪرڻ ۽ خبرداريءَ سان استعمال ڪرڻ تائين اصولن جي پوئواري ضروري آهي. -تحقيق- جا اصول ۽ -ان- جا طريقا (Research Methods ):اصول بنيادي طور تي هميشه کان ساڳيا رهيا آهن، پر موجوده صديءَ ۾ انهن کي باقاعده علمي حيثيت ملي آهي. تحقيقي اصولن کي ياد ڪرڻ لاءِ چوندا آهن ته -انگريزي- لفظ ’MOVIE‘ ياد ڪريو: حسابي ڪم وارو اختيار ۽ جامعيت M= Mathematical Precisionمعروضيت يا غير جذباتيت O= Objectivity تصديق جوڳو هئڻ V= Verifiability غير جانبداري I= Impartiality ماهر فن هئڻ E= Expertses انهن مکيه اصولن کانسواءِ ثبوتن تي مشتمل حقيقتن يا Evidence based facts پاڻمرادو درست ثابت ٿيندڙ ڳالهين (Self correcting) فني اصطلاحن Terminology جي ڄاڻ پڻ تمام ضروري هوندي آهي. -تحقيق- لاءِ ضروري آهي ته محقق کي سهولتون به ميسر هجن، -جن- کان سواءِ -تحقيق- ناممڪن يا اڻپوري رهندي. سڀ کان -اول- ڄاڻ جي وسيلن، مثال طور ڪتابن لاءِ لائبريريءَ جي سهولت، ٻيو ته مالي طور مطمئن هجڻ، ٽئين نمبر تي سفر ۽ رابطن جي سهولت ۽ چوٿين نمبر تي گهربل سامان، ليبارٽريون، -اوزار- ۽ مشينون وغيره، -تحقيق- جا ٻه طريقا مڃيا ويا آهن، جيڪي آهن: 1. معياري (Qualitatine) ۽ 2. مقداري (Quantitatine). پهريون قسم علمي ادبي موضوعن جي -تحقيق- لاءِ ڪم ايندو آهي ته ٻيو موضوعن ۽ سوشل سائنس جي مضمونن لاءِ جنهن ۾ انگن اکرن جي ضرورت پوندي آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -تحقيق- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

تحقيق - مان نڪتل ٻيون شاخون-


لفظ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آچاريه
اضحِي
اُمي
امير
انتخاب
انتخاب1
انتخاب2
انتخاب 3
اولو
اَهن
اَهنڪار
آسڻ
آقا
آڪهه
آڪاش واڻي
آمين
تڪ
ڀاٽڙا
تڪيو ڪلام
تل4
تلقين
تمن
تن
تن 2
تنقيد
تور
تور 4
ثقافت
تربت
ثور2
ٽاپ2
تسبيح
تشبيهه
تشريح
ٽانڪي
تصنيف
ٽائوٽ
ٽائون
تعميه
ٽڪاڻو
توڪل
تحقيق
تحقيق ۽ تنقيد
تخت
تخت سليمان
تڏو 2
تڏو 3
تڏِي
تَرِ
تِتِرَ کَرڙي
ٽيڪس
ٽيم
ٽينڊر
تاوِيل
پات
پاٿاريدار
پاٺ
پادر
پارچو
پاساڙو
پاکَرَ
پاڳارو
پاڻو
پاڻي
پاڻياري
پاڻي کولڻ
پاهورو
پاهورو1
پَٻُ
پتلو
پٿر3
پٿرجڻ
پٿرو
پَٽُ3
پٽڪي
پٽو
پٽاهڙ
پٽيالو
پٽيدار
جمهوريت
پٺارڪ


.....لفظ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن