سال

سال (Year): وقت کي ڏينهن، هفتن، مهينن ۽ سالن ۾ ورهايو ويندو آهي. ڪئلنڊر جي جوڙجڪ جو بنياد زمين جي گردش ۽ سج ۽ چنڊ جي باقاعدي ظاهر ٿيڻ تي آهي. زميني گولو هڪ ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي محور تي گھمي ٿو، سج جي چؤ ڦير زميني گولي جي هڪ چڪر مڪمل ٿيڻ جو عرصو هڪ سال آهي. شمسي سال 365 ڏينهن، 5 ڪلاڪن، 48 منٽن ۽ 45.5 سيڪنڊن جو ٿيندو آهي. قديم زماني ۾ ٻن چنڊن جي وچ واري عرصي کي مهينو سمجھندا هئا، يعني اٽڪل 29.5 ڏينهن وارو عرصو. هيءَ ماپ قمري سال سڏجڻ لڳي، جيڪو 354 ڏينهن جو ٿئي ٿو. يعني شمسي سال کان 11 ڏينهن ننڍو ٿيندو آهي. سنڌيءَ ۾ سال کي ’ورهيه‘ به چيو ويندو آهي.


لفظ سالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو