هندستان جي راجسٿان جو هڪ باگڙي  prayway.com

هندستان جي راجسٿان جو هڪ باگڙي prayway.com

باگڙي (قبيلو)

باگڙي: هندن جو هڪ خانه بدوش قبيلو. هيءُ قبيلو ڪاٺياواڙ ۽ مارواڙ مان سنڌ ۾ داخل ٿيو. هيءُ سنڌو ماٿريءَ جو قديم قبيلو آهي. پاڪستان کان اڳي هيءُ ڏوهاري قبيلو ليکبو هو، ڇاڪاڻ ته 18 ۽ 19 صدي عيسويءَ ۾ هن قبيلي وارا ٻين ڏوهاري ذاتين سان گڏجي واٽهڙن، مسافرن يا قافلن سان دوستي ڳنڍي، انھن کي نشيدار شيون کارائي، وٽانئن سڀ مال متاع ڦري وٺندا هئا ۽ مسافرن کي قتل ڪري کڏن ۾ پوري ڇڏيندا هئا، تنھنڪري انگريزن جي حڪومت ۾ هيءُ قبيلو ڏوهاري ليکبو هو ۽ خانه بدوش ٿي گذاريندا هئا. هنن کي ڪنھن به هنڌ تي ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو رهڻ جي اجازت نه هئي. لفظ باگڙيءَ جو استعمال، هر انھيءَ هندو، راجپوت يا جت/ جٽ لاءِ ٿيندو آهي، جيڪو باگڙيا، سرسا ۽ حصار جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع بيڪانير جي پاسي جو رهاڪو هجي. گرداسپور جا باگڙي سهلريا آهن، جيڪي پنھنجو قبيلو باگڙيا ڀاگڙ ٻڌائيندا آهن. جڏهن ته ”ناگري“ جي دعويٰ آهي ته اهو قبيلو علاءُالدين غوريءَ جي دؤر ۾ دهليءَ مان هجرت ڪري اچڻ وارن راجپوتن مان آهي. پنجاب ۾ سيالڪوٽ واري علائقي ۾ به ڪيترائي باگڙي خاندان رهندڙ آهن. معاشي ۽ اقتصادي حوالي سان، هندو نيچ ذاتين ۾ باگڙي نسل ٻين کان سرس آهي. هاڻي ته وقت گذرڻ سان گڏ سنڌ جي باگڙين ۾ به مختلف تبديليون رونما ٿيون آهن، جڏهن ته سندن شرح خواندگي به وڌڻ لڳي آهي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ هن اقليت واري قبيلي کي آزادي حاصل آهي. اڄ سنڌ ۾ باگڙين جا ڪيئي ڳوٺ آباد آهن ۽ کين ڌنڌي ڌاڙيءَ جي آزادي آهي. کين ووٽ جو حق به حاصل آهي. هن وقت باگڙي ٻنين ۾ مزوري ڪندا آهن، يا ٺيڪي تي کيتي ٻاڙيءَ جو ڪم ڪندا آهن. قمبر (لاڙڪاڻي) ۾، هن قبيلي جي هڪ باهمت عورت بيبي باگڙي، هڪ فلاحي اسڪول هلائي رهي آهي. باگڙي / باگري ٻولي: هيءَ ٻولي باگڙي، باگڙيا، بورياس ۽ بهگڙي جي نالن سان سڃاتي وڃي ٿي. هن ٻوليءَ جو 62 سيڪڙو لهجو هندي ٻوليءَ سان، 65 سيڪڙو هريانوي ٻوليءَ سان، 66 سيڪڙو مارواڙي ٻوليءَ سان، 75 سيڪڙو سنڌي ٻوليءَ سان، 76 سيڪڙو شيخاوتي ٻوليءَ سان، 65 سيڪڙو ڌنواري ٻوليءَ سان، 47 سيڪڙو گڊواري ٻوليءَ سان، 60 سيڪڙو ميواتي ٻوليءَ سان ۽ 70 سيڪڙو جند واري ٻوليءَ سان هڪجھڙائي رکي ٿو. اها هڪجھڙائي لفظي، لھجاتي ۽ وياڪرڻي آهي. هي ٻولي هندوستان جي پنجاب، فيروزپور ضلعن، راجستان، هنومان ڳڙهه، شري گنگا نگر، هريانه، سرسا، هسار ۽ مڌيه پرديش کان سواءِ پاڪستان جي سنڌ صوبي جي ٿر واري حصي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هي لاڏائو قبيلن جي ٻولي آهي، ان ڪري اتان جي مقامي زبانن جو مٿس گهڻو اثر رهي ٿو. هي قبيلا گهڻو ڪري هندو مذهب سان تعلق رکن ٿا. ڪي ڪي انگريزن جي سنڌ ۾ صاحبيءَ کان پوءِ عيسائي به ٿيا آهن، پر ثقافتي طور هو هندو مذهب سان لاڳاپيل آهن. سندن پيشو زراعت آهي. 2000 جي آدمشماريءَ جي انگن اکرن موجب هندوستان ۾ هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد 1899000 هو. هيءَ ٻولي هند- يورپي، هند ايراني، هند آريائي راجستاني ٻولين جي خاندان مان آهي. هن ٻوليءَ جي ڪابه لپي ڪانه ملي آهي. مذهبي جنتر منتر علائقي جي حساب سان اتان جي لپيءَ ۾ لکيا وڃن ٿا. گهڻو ڪري ديوناگري لپيءَ جو استعمال ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو