سرگير

سرگير (Strangles): سرگير، گهوڙن کي ٿيندڙ خطرناڪ قسم جي وچڙندڙ بيماري آهي، جنهن جي وقت سر تشخيص نه ٿيڻ ڪري گهوڙن جي موت جو باعث ٿي سگهي ٿي. هيءَ بيماري هڪ قسم جي بيڪٽيريا اسٽريٽيو ڪوڪس ايڪوئي (Streptococcus equi) جي ڪري ٿئي ٿي. جيڪا گهوڙن جي لمف نوڊس (lymph nodes) کي متاثر ڪري ٿي ۽ صحتمند گهوڙن، کاڌي، پاڻيءَ، اوزارن يا ماڻهن جي پوشاڪن ۽ هٿن تائين سڌو پهچي سگهي ٿي. هيءَ بيماري گهوڙن ۾ ساهه کڻڻ رستي انهن جي جسم تائين پهچي سگهي ٿي پر ائين گهٽ ٿئي ٿو. متاثر گهوڙي ۽ ماحول ۾ جڏهن موافق حالتون موجود هجن، هڪ ڊگهي عرصي تائين هيءَ بيماري هلي سگهي ٿي.
ننڍيءَ عمر جا گهوڙا (1کان 5 سالن تائين) بيمار ۽ ڪمزور جسم جي قدرتي بچاءَ/ مدافعتي سرشتي سان گهوڙن جي واڙن، ڊوڙ لاءِ استعمال ٿيندڙ گهوڙن جي طنبيلن ۾ موجود گهوڙن ۾ سرگير بيماري پکڙي سگهي ٿي. گندگي، ناقص حالتون، پئراسائيٽ بيماريون، طنبيلي ۾ ڪنهن نئين بيمار گهوڙي جي آمد، ٿڌ ۽ گِهم سبب به سرگير بيماري ٿي سگهي ٿي. سرگير پکڙجڻ سان گڏ عام طور تي اڻ لاڳاپيل وائرسي بيماري به ٿي پوي ٿي، جنهن سبب گهوڙا وڌيڪ ڪمزور ٿي پون ٿا ۽ سرگير پکڙجڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. عام طور سرگير بيماري موتمار نه ٿي ٿئي، پر جيڪڏهن بيمار گهوڙي جو وقتائتو علاج نه ڪبو ته ان جا متاثر لمف نوڊ ڦاٽي پونءِ وهائڻ شروع ڪندا آهن. گنڀير حالتن ۾ ڦٽ ايترا وڌي وڏا ٿي وڃن ٿا، جو نڙگهٽ کي به گهُٽي ڇڏين ٿا، جنهنڪري گهوڙي جو ساهه گهٽجڻ لڳي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن بيڪٽيريا گهوڙي جي سڄي جسم ۾ پکڙجي وڃن ٿا، جنهنڪري سندن ڦڦڙن، آنڊن ۽ دماغ جي لمف نوڊن ۾ ڦٽ ٿي پون ٿا. اهڙي غير معمولي هنڌن تي ٿيندڙ ڦٽ جڏهن چڪي پوندا آهن ته اهي تڏهن موتمار ثابت ٿين ٿا.
سرگير متاثر گهوڙي جي سڀاءَ ۾ تبديلي اچي ٿي، موڳو ٿي پوي، کيس بک نه ٿي لڳي ۽ لمف نوڊن جي سوڄ سبب ڳهڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري ٿو. ڪن لمف نوڊن جي پونءِ/ گند سِمڻ ڪري اها نڙيءَ ۾ يا هيٺين ڄاريءَ هيٺان وهندي رهي ٿي. اهڙي گهوڙي جو جسماني گرمي پد هڪدم وڌي وڃي ٿو ۽ ناسون وهڻ لڳن ٿيون. ڳچيءَ واري هنڌ تي سور ۽ سوڄ ٿي پوي ٿي ۽ کنگهڻ لڳي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن سرگير ٿيڻ جي 2 کان 6 ڏينهن کانپوءِ اهڙيون نشانيون ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿيون، جڏهن ته ڪن گهوڙن ۾ اهي 14 ڏينهن کانپوءِ وڌڻ لڳن ٿيون. متاثر گهوڙي کي ٻين گهوڙن کان هڪدم الڳ ڪري جانورن جي ڊاڪٽرن سان مشورو ڪيو وڃي، جيڪو گهوڙي جي جسماني تپاس ڪرڻ کانپوءِ وهندڙ پونءِ گڏ ڪري ان ۾ بيڪٽريا هجڻ جي نشاندهي ڪري سگهي ٿو.


لفظ سرگيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو