سليڪان

سليڪان

سليڪان

سليڪان (Silicon): زمين تي تمام گهڻي مقدار ۾ ملڻ وارو هي ٻيو نمبر عنصر آهي، جيڪو چيڪي مٽي ۽ جابلو مادن (سليڪيٽس) مان ٺهيل هوندو آهي. سليڪيٽس اهي مرڪب آهن، جيڪي ڌاتو آئنس، سليڪان ۽ آڪسيجن سان ملي ڪري ٺهن ٿا. سليڪان هڪ سيمي ڪنڊڪٽر جو ڪردار ادا ڪري ٿو، اهو مائڪرو اليڪٽرانڪ کوجنائن ۽ ڪمپيوٽرن ۾ سيمي ڪنڊڪٽر طور استعمال ٿئي ٿو. هي عنصر آزاد حالت ۾ نه ٿو ملي، پر هي مرڪبن جي شڪل ۾ ملي ٿو. مثال طور: سليڪان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ سليڪٽس وغيره. خالص حالت ۾ جيڪو سليڪان ڊاءِ آڪسائيڊ ملي ٿو، ان کي ڪواٽز (Quartz) چئجي ٿو. اهو واري ۽ فلنٽ جي شڪلين ۾ به ملي ٿو. فلنٽ اهي مرڪب آهن، جن ۾ قيمتي ٻڙا (رنگ) شامل آهن، اهي ٻڙا روزمره زندگيءَ ۾ استعمال ٿين ٿا. اهي ٻڙا حقيقت ۾ غير خالص سليڪان ڊاءِ آڪسائيڊ جون مختلف شڪليون آهن. ڪجهه مشهور سليڪيٽس هي آهن: ايس بيس ٽاس: گرمي جو اڻ پسرائيندڙ آهي ۽ باهه کان بچاءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. گارينٽ: زيورن، ريگ مال ۽ چٽسالي ۾ استعمال ٿئي ٿو. فيلڊ اسپار: شيشي ۽ ريگ مال ۾ استعمال ٿئي ٿو. چيني مٽي: چيني جي ٿانون ۾ استعمال ٿئي ٿي. ابرق: بجلي جي تارن کي اڻپسرائيندڙ بڻائڻ ۽ وڌندڙ گرمي جي درجي کي روڪڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ٽئلڪ: چٽسالي ۾ استعمال ٿئي ٿو. سليڪان، ڪاربان وانگر غير ڌاتو آهي، ان جو ائٽمي نمبر 14 آهي. ان جا هيري وانگر خوبصورت قلم ٿيندا آهن. ان جو رجڻ پد 1410cº ۽ ٽهڪڻ 2080cº آهي. سليڪان ڀاليمر ٺاهڻ ۾ استعمال ٿئي ٿو، پاڻيءَ ۾ اڻ ڳرندڙ غير عامل ۽ رٻڙ وانگر سخت پاڻياٺ هوندي آهي. سليڪان پينٽ، وارنش، گريس ۽ پالش ٺاهڻ ۾ به ڪم اچي ٿو.


لفظ سليڪانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو