سنجهُه

سنجهُه

سنجهه

سنجهُه (Sweet clover): هي هڪ گاهه يا چاري جو قسم آهي، جيڪو عام ڦرين وارن گاهن (Legume fodders) مان ٿئي ٿو. سنجهه گاهه ربيع جي موسم ۾ پوکي وڃي ٿي. هي گاهه ڪنهن سٺي زمين جي تياريءَ کانسواءِ زرخيز زمين ۽ گهٽ پاڻيءَ تي به ٿئي ٿو. سنجهه خشڪي وارين حالتن ۾ به ٿئي ٿي، جيڪا آبپاشيءَ جي گهٽ پاڻيءَ سان نرڄبو آهي، ڇاڪاڻ ته هي گاهه ربيع جي موسم وارن فصلن ۾ ٻچ جي ملاوت سبب اڀري اچي ٿو. سنجهه لاڳيتو واڌ ڪري ٿي. هي گاهه ڀارت ۽ پاڪستان ۾ به پوکيو وڃي ٿو پر ڪجهه محدود حالتن ۾ ڏکڻ آفريڪا، ارجنٽينا، ڪئناڊا ۽ ڏکڻ آسٽريليا ۾ ٿئي ٿو. هيءَ گاهه رس دار ٿئي ٿو، هن ۾ ڪومرين نالي زهريلو مادو ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري هي گاهه جانورن کي کارائڻ سان جانورن جو هاضمو گهٽ ٿيندو آهي، ڇو ته ڪو مرين جي ڪري سنجهه جو ذائقو کارو هوندو آهي. ان ڪري هن گاهه کي ڪڻڪ جي بُهه وغيره ۾ ملائي کارائبو آهي. سنجهه جو گاهه برصغير جي ڏيهي گاهن ۾ شمار ٿئي ٿو. سنجهه گاهه، برسيم ۽ لوسڻ جي ڀيٽ ۾ گهٽ اهميت رکي ٿو، سنجهه جي پوک اتي ڪبي آهي، جتي برسيم ۽ لوسڻ گهٽ ٿين. هي گاهه هر قسم جي زمين ۾ پوکجي ٿو، تنهنڪري عام سادي زمين کان وڌيڪ زرخيز لٽاشي يا چيڪي زمين هن گاهه جي پوکيءَ لاءِ موزون آهي. هي گاهه ڪلر وارين حالتن کي به برداشت ڪري ٿو. هن گاهه جي پوک لاءِ زمين جي هلڪي تياري ڪجي، سنجهه جي پوکيءَ لاءِ زمين کي ٻه يا ٽي هر ڏئي، ان کي سنوت ۾ آڻي، هڪ ايڪڙ زمين جا چار ٻارا تيار ڪجن ۽ ٻج کي پاڻيءَ ۾ ڇٽ ڪجي. سنجهه جو نسل هر قسم جي آبهوائي حالتن ۾ واڌ ڪري ٿو. سنڌ ۾ هن گاهه جي ديسي جنس پوکي وڃي ٿي، جنهن ۾ پيلي گل واري جنس عام آهي، جڏهن ته هن گاهه جي اڇي گل واري جنس به آهي. هن گاهه جي پوکيءَ لاءِ 10 کان 15 ڪلوگرام في ايڪڙ ٻج استعمال ڪجي ته جيئن گهر بل ٻوٽن جو تعداد ملي ۽ سٺي پيداوار حاصل ٿئي، تنهنڪري هن گاهه کي ڪنهن قسم جي ڀاڻ جي ضرورت نه پوندي آهي، ڇو جو هي گاهه نائٽروجن جمع ڪري ٿو. هن گاهه کي سڄي عرصي دوران ٻن کان ٽن پاڻي ڏجن. سنجهه گاهه پنجن کان ڇهن هفتن تائين گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو. هن گاهه جي سخت ٻج لاءِ وڌيڪ گهم يا ريج گهرجي يا پوکي بعد هڪ تڪڙو پاڻي ڏجي ته جلد ڦوٽهڙو بهتر ٿئي. هن گاهه جي صحيح سار سنڀال سبب 150 کان 200 مڻ في ايڪڙ پيداوار ملي ٿي. جڏهن ته هن گاهه جي ڪٽائي عام طور جنوريءَ کان مارچ تائين ٿئي ٿي. هيءُ اڪثر ڪري ٻين فصلن سان گڏ ڦٽي ٿو، جنهن سان خاص طور اناج واري فصلن جي واڌويجهه تي ناڪاري اثر پون ٿا، تنهنڪري گاهه کي ختم ڪرڻ لاءِ زهريلا ڦوهارا به ڪيا وڃن ٿا.


لفظ سنجههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو