سيچاڻو

سيچاڻو: هي شڪاري پکي آهي ۽ شڪري وانگر باز جي قسمن مان هڪ پکي آهي. شاهه صاحب سيچاڻي جي خصلتن کي هن طرح بيان ڪيو آهي ته:
نينهن سيچاڻي، شينهن، ٽنهي قصد ڪباب سين،
يعني عشق، سيچاڻو پکي ۽ شينهن ٽنهي جو ڪم ماس کائڻ آهي.
باز يا سيچاڻي کي گرميءَ جي مند ۾ ڪريز ۾ ويهاريندا آهن، سندس پر ڪتري هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيندا آهن، اتي ئي پالي ماڻهو هن جي خدمت ڪندا رهندا آهن، پوءِ جڏهن سياري جي موسم ايندي آهي ۽ ڏياريءَ جو ڏيئو ڏسبو آهي، تڏهن هو نوان پر ڪڍي ايندا آهن ۽ کين ڪريز مان ڪڍيو ويندو آهي.
شاهه لطيف سيچاڻي کان سواءِ شڪاري پکين مان بحري، شهباز، شڪري جا نالا به ڪم آندا آهن. شهباز جي معنيٰ آهي بادشاهي باز، اهو پکي ڏاڍو سوڌيل ۽ شڪار ڪرڻ جو تکو ٿيندو آهي، ڪن جو چوڻ آهي ته باز پکي جي ماديءَ کي شهباز سڏيو ويندو آهي.


لفظ سيچاڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو