شطرنج

شطرنج

شطرنج

شطرنج (راند): شطرنج هڪ عالمي راند آهي. تحقيق مان ثابت ٿئي ٿو ته هيءَ راند اصلي سنڌ جي هڪ سياڻي ٺاهي ۽ ان وقت جي راجا کي ڏيکاري هئي. اُن جو تفصيل ‘عرب و هند ڪي تعلقات’ ڪتاب ۾ موجود آهي، جنهن ۾ بادشاهه کي ‘چوسر’ ٺاهي ڏيکاري وئي هئي. راند ۾ اهو سمجهايو ويو آهي ته انساني ڪوشش جي ڪري دنيا ۾ سڀ ڪجهه آهي. اهو فلسفو ‘يعقوبي’ (تاريخ يعقوبي جلد اول) ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هن راند جو اصل نالو ’چتررنگ‘ آهي جيڪو بگڙجي شطرنج ٿيو آهي، انگريزي ۾ هي راند (Chess) جي نالي سان مشهور آهي. شطرنج راند کيڏڻ جو تختو (بورڊ) چورس مستطيل هوندو آهي. ان ۾ 64 خانا هوندا آهن، 32 خانا ڪاري رنگ جا ۽ 32 خانا اڇي رنگ جا هوندا آهن. خانن وارو ڪپڙو يا دفتري هوندي آهي، جنهن کي ’بساط‘ چئجي ٿو. سارين کي مهرا چئجي ٿو. ڪُل 32 مهرا هوندا آهن. هڪ هڪ رانديگر وٽ 16 مُهرا هوندا آهن. هن راند کي ٻه ڄڻا کيڏيندا آهن. مُهرن جو رنگ ٻن رنگن ۾ هوندو آهي.
مُهرن ۾ 1 بادشاهه، 1 وزير، 2 گهوڙا، 2 ٽنگو/ اُٺ، 2 هاٿي/توبون ۽ 8 پيادا هوندا آهن. هن راند جي شروع وارن اٺ خانن ۾ بادشاهه، راڻي، هاٿي ۽ گهوڙو رکيو ويندو آهي. ٻين قطارن ۾ وري پيادا رکيا ويندا آهن. شطرنج کيڏڻ جا گهڻا ئي نمونه آهن، جنهن ۾ فرنجي (فرنگي) شطرنج، رومي/ ترڪي شطرنج، بند شطرنج وغيره شامل آهن. راند جي شروعات پيادا هلڻ سان ٿيندي آهي. پيادو هڪ خانو سڌو هلندو ته ماريندو، پاسيري خاني جو مهرو، توب/ هاٿي ڪيترا به خانا، اُڀا سڌا يا پاسيرا سڌا وٺي مهرو ماريندو. ٽنگي/ اُٺ ڪنڊا ڪنڊ خانن تي هلي ماريندا، گهوڙو اڍائي خانا، ٻه سڌا پاسيرا ته ٽيون ان جي اُڀو يا ٻه اُڀا سڌا ته ٽيون انهن جو پاسيرو، آڏو خانو وٺي مهرو ماريندو. وزير، آڏو يا پاسيرو توڙي سڌو مار ڪندو آهي. بادشاهه رڳو هڪ خانو چُرندو، سڄي راند ۾ هڪڙو ڀيرو اڍائي خانا هلي سگهندو آهي. بادشاهه جي ڀرواري خاني ۾ مهرو هوندو ته ماري رکندو آهي. پر شرط اهو آهي ته جيئن ’شهه‘ نه پويس، جي شهه آهي ته بادشاهه کي ڪا به آڏ نه هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو مهرو هلندو آهي ته دستور موجب ان جي سامهون ويٺل مهرو هوندو ته اُها شهه يا شڪست آهي، تنهن ڪري راند جو قانون آهي ته پهريان بادشاهه شڪست کان ڇڏائي. ان کي ڪو مهرو آڏو ڏئي يا ان خاني تان هٽائي ٻي هنڌ ويهارجي، بادشاهه شهه کان بچي نه سگهيو ته شڪست ٿي ۽ راند ختم ٿي. راند هلندي ڪو پيادو مهرو مخالف رانديگر جي آخرين خاني ۾ پهتو، جتي گهڻا مهرا رکيل آهن ته اهو پيادو ان ڏاڍي مهري جو عيوضي ٿي موت کائيندو آهي (يعني پيادو کڻي ڇڏبو) ۽ اهو ڏاڍو مُهرو وري چال چلندو. هن راند جي مقابلي ۾ ڏينهن جا ڏينهن گذري ويندا آهن. هي راند ڪن وڏن ماڻهن يا بيروزگارن لاءِ نعمت آهي.
وڏي پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه کي جڏهن 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني پئي وئي، تڏهن انگريز جيل سپرنٽينڊنٽ سڄي رات ساڻس شطرنج ڪئي، پر پير پاڳاري کان هڪ به بازي نه کڻي سگهيو.
فرنجي (فرنگي) شطرنج سنڌ ۾ کيڏڻ واري شطرنج سان گهڻي مشابهت رکي ٿي، ان ۾ وزير هميشه بادشاهه جي ساڄي پاسي رکندا آهن ۽ پيادا ٻه خانا ڪڏهن ڪونه هلندا آهن. جڏهن پيادو پوئين خاني وٽ پهچندو آهي، تڏهن ان کي ان خاني جو جيڪو مهرو هوند و آهي، ان سان به بدلائيندا آهن. شهه-مات تي راند جو فيصلو ٿيندو آهي، پر مخالف ڌر جا جيڪڏهن سڀ مهرا، سواءِ بادشاهه جي مري وڃن ته اها اڌ راند ٿيندي. سنڌ ۾ شطرنج راند ۾ قلعو ٺاهڻ لاءِ هڪڙي چال هلندا آهن، پر فرنگي شطرنج ۾ قلعو ٺاهڻ ۾ ٽي چالون هلندا آهن. مثلاً: رخ پهريائين بادشاهه جي پاسي واري خاني ۾ آڻيندا آهن. بادشاهه گهوڙي وانگر هڪڙي ٻئي سان قلعي مان ٻاهر ڪڍندا آهن. بادشاهه، هاٿي/ توب جي ڀر واري خاني ۾ آڻيندا آهن. رومي/ ترڪي شطرنج يورپي ماڻهن کي ڪجهه ڏکي راند لڳندي آهي جو ان ۾ وزير ۽ ٽنگو/ اُٺُ کان عجيب نموني جو ڪم ورتو ويندو آهي. وزير جو پيادو پهريان ٻه خانا هلندو آهي ۽ وزير فقط هڪ خانو ڏنگو هلي سگهندو آهي. مهرا ماري يا شهه به ساڳئي نموني ۾ ڏئي سگهندو آهي. پر هو ڀريل خاني جي مٿان به ٽپي سگهندو آهي. شطرنج بند اصل ۾ هندستان مان آيل راند آهي. انهيءَ جي خصوصيت هي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مهريءَ کي بادشاهه کانپوءِ ٻئي مهري جو بچاءُ آهي ته ان کي ماري نٿو سگهجي. انهي راند ۾ گهڻو وقت لڳندو آهي. ايتري قدر جو شهه مات ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳي ويندا آهن.


لفظ شطرنجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو