عقيقو

عقيقو: عقيقي جي لغوي معنيٰ چهرو (صورت) ڦاڙڻ يا الڳ ڪرڻ ۽ اصطلاحي معنيٰ ۾ ٻار جي ڄمڻ تي جانور جي قرباني ڏيڻ آهي. عقيقو ڪرڻ سنت يا مستحب آهي. عقيقو ٻار جي ڄمڻ کانپوءِ ستين ڏينهن ڪبو آهي، نه ته چوڏهين ڏينهن يا ايڪيهين ڏينهن ڪجي. ايئن نه ٿي سگهي ته سال جي اندر ڪجي، جيڪڏهن اڃان به طاقت نه ٿئي ته پوءِ ٻار جي بالغ ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪجي. جيڪڏهن ٻار جا ماءُ پيءُ غريب هجن ۽ ٻار جو عقيقو نه ڪري سگهن ته ٻار وڏو ٿي پاڻ پنهنجو عقيقو به ڪري سگهي ٿو. ڪجهه روايتن ۾ آيو آهي ته جيسيتائين عقيقو نه ٿو ڪيو وڃي ته ان ٻار کي برڪت ۽ ڀاڳ مان گهٽ حصو ملندو آهي. پٽ لاءِ عقيقي ۾ ٻه دنبا ۽ ڌيءَ لاءِ هڪ دنبو يا هڪ ٻڪر ذبح ڪيو وڃي. عقيقي ڪرڻ کان اڳ ٻار جو نالو رکڻ ۽ ان جا وار لهرائڻ سُنت آهي. وڏي جانور (ڍڳي، پاڏي، اُٺ) جو به عقيقو ڪري سگهجي ٿو. قرباني وانگر ان جا به ست حصا ٿيندا، ان ۾ پُٽ جا ٻه حصا ۽ ڌيءَ جو هڪ حصو ٿيندو. گوشت جو گهڻو حصو مسڪينن، فقيرن ۽ مائٽن ۾ ورهايو وڃي ٿو ۽ ٻار جي وارن جي وزن جيتري چاندي خيرات ڪئي وڃي ٿي.


لفظ عقيقوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو