ذبح

ذبح: ذبح جو مطلب آهي ڪنهن به حلال جانور يا پکيءَ کي شريعت مطابق قربان ڪرڻ، ڪهڻ يا حلال ڪرڻ. شريعت محمدي مطابق ذبح ڪرڻ جا ٻه قسم آهن: (1) ذبح اختياري ۽ (2) ذبح ضرورت.
(1) ذبح اختياري: ذبح اختياريءَ جي معنيٰ حلال جانور کي پنهنجي وس يا مرضيءَ مطابق ڪهڻ يا ذبح ڪرڻ آهي. اهو تڏهن جائز آهي، جڏهن حلال جانور کي ڪهڻ وقت ڪهندڙ شخص بسم الله- الله اڪبر چئي ذبح ڪري. شريعت موجب ذبح ڪرڻ يا ڪهڻ جا ڪيترائي شرط آهن، جهڙوڪ: جانور جي نڙگهٽ ۽ ان سان لاڳاپيل رڳن کي چڱيءَ ريت ڪپڻ، مئل جانور نه ڪهڻ، ڪهڻ واري اوزار جو تيز هجڻ، ڪهڻ وقت تڪبير (بسم الله ۽ الله اڪبر) چوڻ وغيره.
ذبح جي ضرورت ۽ ذبح جي مسئلن بابت مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو ڪتاب ’ذبح شڪار‘ (2011ع) پڙهي سگهجي ٿو.


لفظ ذبحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو