پٽڪي

پٽڪِي: پٽڪِي، پٽڪي (پَٽڪو) جو اسم تصغير آهي، پٽڪِي، پٽڪي کان ننڍي ۽ پٽڪي وانگر گهڻن والن جي ڪپڙي بدران مختصر ڪپڙي جي مٿي ڍڪڻ لاءِ ٻڌي ويندي آهي. سنڌيءَ ۾ پٽڪي ۽ پٽڪيءَ بابت ڪيترائي اصطلاح موجود آهن: جهڙوڪ: پٽڪي ڌُوڙ ٿيڻ، پٽڪي لهڻ وغيره.پٽڪِي يا پٽڪو اصل ۾ سنڌ جو شاهي ويس رهيو هو ۽ اوائلي دؤر ۾ اهو رڳو خاص ۽ حاڪم ماڻهن لاءِ مخصوص هوندو هو، ڇو ته اهو پٽ معنيٰ ريشم جي ڌاڳي جي ڪپڙي مان جڙيل هوندو هو. اڄ به شادين ۾ گهوٽ کي بوسڪي (پَٽ جو) پٽڪو پهرايو ويندو آهي. اڳتي هلي سوٽي ڪپڙي جو پٽڪو عام ٿيو، جيڪو عام ماڻهوءَ جي سر ڍڪڻ جي عزت واري پوشاڪ ڳڻجڻ لڳو. ان ريت پٽڪي به شروعات ۾ پٽ/ ريشم جي ڌاڳي مان جوڙي ويندي هئي ۽ اڳتي هلي پٽ، سُٽ ۽ سڻيءَ مان ٺهيل ڪتب آندي وڃي ٿي. پٽڪو ۽ پٽڪي عزت جي علامت طور سنڌ توڙي برصغير ۾ مقبول آهي.


لفظ پٽڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو