پٿرو

پٿرو: منڇر ۽ ڪينجهر ڍنڍن ۾ مڇي جهلڻ لاءِ ڄار جو گهيرو، مهاڻن جي اصطلاح ۾ رَڇ کي ڪاٺيون ٻڌي درياهه يا ڍنڍ ۾ پکيڙي ڇڏبو آهي، جيئن رڇ ٻڏي نه وڃي ۽ پاڻيءَ ۾ تَرندو رهي، ان عمل کي ’پٿرو‘ چوندا آهن. وڏين ڍنڍن ۾ سنها ڪاٺ کوڙي، انهن ۾ هڪ وڏو رڇ ٻڌي جهولي ٺاهبي آهي، جنهن جو گول هئڻ ضروري آهي، پوءِ گهاتو ننڍين ٻيڙين يا هوڙن تي چڙهي، ٻيڙيءَ جي چوڌاري ڦرندا ويندا آهن ۽ ٿالهيون وڄائيندا، ”ڌاڙ“ (ٿالهين جي آواز کي ”ڌاڙ“ چوندا آهن) مچائيندا، پٿريءَ جي ويجهو ايندا ويندا آهن. ٿالهين جي ڌاڙ تي مڇيون ٽهنديون، پٺتي هٽنديون وينديون آهن ۽ پٿري ڏانهن ڌوڪينديون آهن، تان جو پٿري واري جهوليءَ ۾ وڃي ڦاسنديون آهن. هي نمونو تمام قديم آهي. ڪلري- بگهاڙ فيڊر کان اڳ ڪينجهر ڍنڍ مان پٿري وسيلي مڇي ماري ويندي هئي، پر هاڻي پاڻيءَ جي اونهائيءَ سبب اهو نمونو ڪم نٿو آڻجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو