ڊائنا

ڊائنا

ڊائنا

ڊائنا: برطانيا جي شهزادي ليڊي ڊائنا، پهرين جولاءِ 1961ع تي جنم ورتو. سندس ماءُ جو نالو فرينسيز هو. هيءَ ستن ورهين جي هئي ته سندس والدين ۾ عليحدگي ٿي وئي. جنهن سبب هيءَ پنهنجي والد آلٿروپ جي سنڀال هيٺ رهي. هن ابتدائي تعليم رڊلز ورٿ هال اسڪول مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ نيئر دس، نار فوڪ ۽ بورڊنگ اسڪول ۾ پڙهي. ڊائنا شاهي گهراڻي مان هئڻ باوجود عام ڀلائيءَ جي ڪمن، ننڍن ٻارن جي سنڀال ۽ انهن جي بنيادي حقن بابت خبردار رهندي هئي. موسيقيءَ ۽ ناچ سان ننڍي هوندي کان لڳاءُ هئس. هن تعليم پوري ڪرڻ بعد شروعات ۾ ينگ انگلنڊ اسڪول ۾ پڙهايو. هن ماءُ جي اصرار تي کاڌن پچائڻ جي سکيا ورتي. نوجوانن کي موسيقيءَ جي سکيا ڏنائين. پلي گروپ جي اسسٽنٽ رهي.
سندس ڀيڻ ساره جي معرفت 1980ع ۾ سندس ملاقات پرنس آف ويليس ۽ برطانيه جي ولي عهد شهزادي فلپ سان ٿي. ان بعد هيءَ شاهي خاندان جي دعوت تي ويندي رهي. 6 فيبروري 1981ع تي پرنس آف ويليس ساڻس شادي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ۽ 24 فبروري 1981ع تي سندن مڱڻي جي رسم ادا ڪئي وئي. 29 جولاءِ 1981ع تي سندس شادي ٿي. ان وقت سندس عمر 20 سال هئي. سندن شاديءَ جي تقريب ساڍا ست سئو ملين ماڻهن سڄيءَ دنيا ۾ ٽيليويزن ذريعي سڌو سنئين ڏٺي. 21 جون 1982ع تي کيس پهريون فرزند ۽ شاهي گهراڻي جو شهزادو وليم آرٿر فلپ لوئس ڄائو. کيس ٻيو فرزند چارلس البرٽ ڊيوڊ 15 سيپٽمبر 1984ع تي ڄائو.
ڊائنا عام ڀلائيءَ جي ڪمن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هميشه ترجيح ڏني، جنهن عيوض 1975ع ۾ کيس ’ليڊي‘ جو لقب مليو ۽ هيءَ ’ليڊي ڊائنا‘ سڏجڻ لڳي. 1990ع ڌاري ليڊي ڊائنا ۽ سندس مڙس جي وچ ۾ ناراضگي ٿي ۽ بين الاقوامي ميڊيا ۾ سرخين سان ان قسم جون خبرون هليون. نيٺ سندن وچ ۾ 28 آگسٽ 1996ع تي طلاق ٿي وئي. ان بعد ليڊي ڊائنا ڪنگسٽن پيليس ۾ پنهنجي اڳوڻي گهر ۾ واپس آئي، جتي پرنس ويليس سان سندس پهرين ملاقات ٿي هئي.
ڪن اخباري رپورٽن موجب جهلم جي رهواسي برطانوي ڊاڪٽر ’حسنات‘ سان به سندس ويجھو تعلق هو، جنهن سان هن شادي به ڪرڻ چاهي، پر مذهبي متڀيد سبب ان سان سندس شادي نه ٿي سگهي. ڊاڪٽر حسنات کي هيءَ پيار مان ’ڊاڪٽر الجيرا‘ جي فرضي نالي سان سڏيندي هئي. هن جي ڊوڊي نالي شخص سان پيار ڪهاڻي جون خبرون به ميڊيا جي زينت بڻيون.
هن انگولا، بوسنيا سميت ٻين ملڪن ۾ وڃي زميني کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ ٻارن جي زندگين جو جائزو ورتو ۽ ان بابت 1998ع ۾ برطانوي هائوس آف ڪامن مان انهن کاڻين ۾ ماڻهن کان جبري پورهئي خلاف بل پاس ڪرايو. هن عالمي سطح تي مخير ماڻهن کان فنڊ گڏ ڪيا ۽ خيراتي ادارن جو قيام عمل هيٺ آندو.
1992ع ۾ سندس يادگيرين جو ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو اينڊريو مارٽن پڌرو ڪيو. ان ڪتاب ۾ هن زندگيءَ جي سموري واقعن جو سرسري طور ذڪر ڪيو آهي. شاهي خاندان مان طلاق ملڻ بعد به ليڊي ڊائنا جي مقبوليت ۾ گهٽتائي نه آئي. بلڪه پنهنجي خداداد سونهن ۽ سوڀيا جي ڪري عوام ۾ بيحد مقبول رهي.
بين الاقوامي شهرت يافته، هزارين دلين تي راڄ ڪندڙ ليڊي ڊائنا، 31 آگسٽ 1997ع تي هڪ ڪار حادثي ۾ وفات ڪئي. هن جي موت بعد لنڊن ۾ ڪيترن هنڌ تي سندس يادگار قائم ڪيا ويا. 2008ع ۾ عدالت، ڪار جي ڊرائيور هينري پال کي ان حادثي جو ڏوهي قرار ڏيندي چيو ته ان رات هن کي شراب پيتل هو، جنهن سبب ڊائنا جو حادثي ۾ موت واقع ٿيو. ٻئي طرف ڊوڊيءَ جي والد محمد ال فايد اهو الزام هنيو ته، ”کين برطانيه جي ڳجھي ايجنسي M16، شهزادي فلپ جي چوڻ تي ماريو آهي.“


لفظ ڊائناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.07.01  عيسوي

برطانيا جي شهزادي ليڊي ڊائنا، پهرين جولاءِ 1961ع تي جنم ورتو.


1981.02.06  عيسوي

6 فيبروري 1981ع تي پرنس آف ويليس ساڻس شادي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ۽ 24 فبروري 1981ع تي سندن مڱڻي جي رسم ادا ڪئي وئي. 29 جولاءِ 1981ع تي سندس شادي ٿي. ان وقت سندس عمر 20 سال هئي. سندن شاديءَ جي تقريب ساڍا ست سئو ملين ماڻهن سڄيءَ دنيا ۾ ٽيليويزن ذريعي سڌو سنئين ڏٺي. 21 جون 1982ع تي کيس پهريون فرزند ۽ شاهي گهراڻي جو شهزادو وليم آرٿر فلپ لوئس ڄائو. کيس ٻيو فرزند چارلس البرٽ ڊيوڊ 15 سيپٽمبر 1984ع تي ڄائو.


1996.08.28  عيسوي

ليڊي ڊائنا ۽ سندس مڙس جي وچ ۾ ناراضگي ٿي ۽ بين الاقوامي ميڊيا ۾ سرخين سان ان قسم جون خبرون هليون. نيٺ سندن وچ ۾ 28 آگسٽ 1996ع تي طلاق ٿي وئي.


1997.08.31  عيسوي

بين الاقوامي شهرت يافته، هزارين دلين تي راڄ ڪندڙ ليڊي ڊائنا، 31 آگسٽ 1997ع تي هڪ ڪار حادثي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد ببر علي
ڄام مهڙ نوتيار
پنهور غلام محمد
پنهور رشيده اختر
ٽنڊولڪر سچن
فرزانه پنهور
حبيب الله فڪري
پير ڇٽو
حسن شيخ
سلطان محمد مهردار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون