داخلا نمبر 4045
عنوان امين کوسو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1934 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
امين کوسو

امين کوسو

امين کوسو

امين کوسو: جيڪب آباد ضلعي جو صاحب دل، بلند همت، مخلص قومي اڳواڻ محمد امين کوسو، ڄاماڻي پاڙي جي کوسن مان پنهنجي ناناڻي ڳوٺ مير حيات خان تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ عبدالعزيز خان کوسي جي گھر 11 ڊسمبر 1913ع تي جنم ورتو. هن جو پڙ ڏاڏو ميان ولي محمد عرف وليو خان کوسو پنهنجي تَرَ جو سخي مرد ٿي گذريو آهي. عبدالعزيز خان کوسي کي ٻه فرزند محمد امين خان ۽ نظام الدين خان ٿيا. ميان محمد امين خان ابتدائي تعليم ڪريم بخش خان کوسي جي ڳوٺ، تعلقي ٺل ۾ ورتي، جتان هو آدم پور، تعلقي نصيرآباد ۾، ماستر عبدالرسول کوسي وٽ وڃي پڙهڻ ويٺو. اتان پنجون درجو پاس ڪري، موٽي اچي جيڪب آباد هاءِ اسڪول ۾ انگريزي جي تعليم حاصل ڪيائين. اتي کيس مسٽر غلام قادر خان وڪيل ۽ مسٽر شيوارام ڀاڳچند جهڙن لائق استادن جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ٿيو. هن 1928ع جي آخر ۾، جيڪب آباد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ان کانپوءِ ساڳئي سال جي آخر ۾، عليڳڙهه ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. اتان 1933ع ڌاري بي.اي پاس ڪري، گريجوئيٽ ٿيو. ان کانپوءِ هي وڪالت پڙهڻ لاءِ اتي ئي لا ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو ۽ 1936ع ڌاري فرسٽ ايل ايل بي جو امتحان ڏنائين. ٻئي سال پروفيسر حليم پرو وائيس چانسلر، ڪن سببن ڪري هن کي ڪاليج مان خارج ڪري ڇڏيو. ان تي ڇوڪرن گھڻي هلچل هلائي، پر هن کي وري داخلا ملي نه سگھي، تنهنڪري هن کي واپس ڳوٺ اچي رهڻو پيو.
علي ڳڙهه جي رهائش جي عرصي ۾ هن سر راس مسعود، ڊاڪٽر محمد اقبال ۽ نواب محمد اسماعيل ميرٺ واري سان واقفيت پيدا ڪري، سندن صحبت مان مستفيد ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. عليڳڙهه ۾ رهڻ وقت، هن جي ڪيترن نوجوانن سان واقفيت ۽ دوستي ٿي. جن مان غلام احمد خان بن نواب محمد اسماعيل خان خاص ڪري ذڪر جي لائق آهي.
1935ع جي سڌارن جي ائڪٽ پاس ٿيڻ ۽ سنڌ جدا ٿيڻ بعد، 1937ع جي اسيمبلي چونڊن ۾، جيڪب آباد ضلعي مان سردار جعفر خان بليدي، مير سهراب خان سرڪي ۽ مير زين الدين خان سنراڻي ميمبر چونڊجي آيا هئا. سال جي آخر ۾ مير زين الدين خان وفات ڪري ويو. ان جي خالي ٿيل جاءِ لاءِ ٻه اميدوار بيٺا. هڪ سردار شير محمد خان بجاراڻي ۽ ٻيو ميان محمد امين کوسو. هڪ طرف اڳوڻو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر، سرڪار ۾ خاص اثر رکندڙ، لقب بردار، قوم جو سردار عمر رسيده ماڻهو اميدوار هو. ٻئي طرف عليڳڙهه مان تازو آيل، غير تجربيڪار نوجوان شاگرد، وڏي قبيلي جي فرد هئڻ جي باوجود مال ۽ ملڪيت ۾ گھٽ، سرڪار جي مخالف جماعت ڪانگريس جو اميدوار هو. سو به اهڙي ضلعي مان، جتي فرنٽيئر ائڪٽ جي موجودگيءَ ڪري، عملدار سياهه و سفيد جا مالڪ هئا. ملڪي ۽ قومي بيداريءَ جو نالو ئي ڪونه هو. پر تازو اهڙي ئي پٺتي پيل لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جيڪو زميندارن ۽ وٽن ماڻهن جي جاگير رهندو آيو هو. شيخ عبدالمجيد سنڌي ضلعي جي پهرئين نمبر خاندان، زميندار ۽ سنڌ جي گورنر جي صلاحڪار سر شاهنواز ڀٽي کي اليڪشن ۾ شڪست ڏني هئي. هيءَ ٻي آزمائش هئي. ان اليڪشن ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، پير علي محمد راشدي ۽ ڪيترن قوم پرست مولوين ميان محمد امين خان جي مدد ڪئي. والد بزرگوار ۽ پير صاحب ڀر چونديءَ جون دعائون شامل حال هيس. هن مارچ 1938ع تي، چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اها ڪاميابي سنڌ اندر قومي خادمن ۽ جماعتي عيوضين جي ٻي ڪاميابي هئي. هن 29 مارچ تي اسيمبلي ۾ حلف کنيو. شهيد الله بخش جي وزارت جو دور شروع ٿيو هو، جنهن کي اتحاد پارٽي، ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊٽ پارٽين وجود ۾ آندو هو.
جي. ايم سيد سان گڏ محمد امين کوسي جي حمايت حاصل هئي. الله بخش وزارت ابتدا ۾ چڱا قدم کنيا، لوڪل باڊيز مان جو اصول ختم ڪيو. ڪاموري طبقي جي رعب کي گھٽايو. پر مختلف مفاد پرست طبقن جي مفادن آڏو اچڻ سبب الله بخش ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي جا ڪم ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ڪامياب نه ٿيو. سنڌ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي سياسي اختلافن ۾ الله بخش جو مڪمل طرح حامي رهيو.
محمد امين کوسي سنڌ ۽ بلوچستان جي پوئتي پيل خطن ۾ سياسي بيداري ۽ آزاديءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو. هو الله بخش سومري کي سنڌ جي خودمختياريءَ جو علمبردار سمجھندو هو. هن سرزمين سنڌ کي دنيا جي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ جو مرڪز سمجھيو ٿي. هو موالانا تاج محمد امروٽيءَ ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو وڏو معتقد هو. هو هڪ ئي وقت مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ علامه محمد اقبال جو دوست هو. ابتدا ۾ ڪميونسٽ خيالن جو حامي رهيو، ترقي پسند مصنفين جي لکنؤ اجلاس ۾ سنڌ مان شريڪ ٿيندڙ واحد اديب ۽ عالم هو. هن جو شمار چوٽيءَ جي ڪانگريسي مسلمان ليڊرن ۾ ٿيندو هو. ڊگهي شيرواني، ڪوٽ، کاڌي جي اڇي شلوار ۽ بلوچي ٽوپي پائيندو هو. ورهاڱي کان اڳ محمد امين کوسو، شهيد الله بخش جو هر موقعي تي مددگار ۽ معاون رهيو. 1940ع ۾ دهليءَ ۾ قومپرست مسلم پارٽين گڏجي الله بخش جي صدارت ۾ جيڪا آزاد ڪانفرنس ڪوٺائي، ان ۾ به محمد امين ساڻس گڏ هو. 14 مئي 1943ع تي الله بخش سومري جي شهادت کانپوءِ ڏاڍو دلشڪستو ۽ ملول ٿي پيو. انهيءَ زماني ۾ سائين جي.ايم.سيد جا مسلم ليگ سان اختلاف ٿي پيا. ان جي سبب هو نه ساڻس گڏجي ٿي سگهيو نه مسلم ليگ ۾ ويو. 1945ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. پر جئين ئي فرقي پرستيءَ جو دؤر شروع ٿيو ته هيءُ سائين جي. ايم. سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي اسيمبليءَ کان ٻاهر رهجي ويا.
پاڪستان جي قيام کانپوءِ حالتن جي ناسازگاري ڪري، هي گوشه نشين زندگي گذارڻ لڳو پوءِ به سنڌ سان ڪنهن به قسم جي زيادتي برداشت نه ڪندو هو. سنڌ کان ڪراچيءَ جي جدائي، ون يونٽ جي قيام ۽ مارشل لا دؤر ۾ جڏهن جي. ايم. سيد نظر بند رهيو ته امين کوسو سندس ساٿي رهيو ۽ بنا ڊپ ڊاءَ جي طويل خط لکندو رهيو. جيڪي اڳتي هلي سائين جي.ايم.سيد ٻن جلدن ۾ ”واڄٽ ويراڳين جا“ جي عنوان سان ترتيب ڏيارائي ڇپرايا. هن انهيءَ آمريتي دؤر ۾ سائين جي.ايم.سيد جي شخصيت تي ”سنڌ جو سيد“ نالي ڪتاب لکيو. هن جي خطن جو هڪ ڪتاب سندس ڀاءُ ميان نظام الدين کوسي ”امين الملت“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. مطلب ته محمد امين کوسو مخلص، بي لوث ۽ وطن دوست شخص هو. جنهن جي زندگي ۽ ڪارناما تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن. هن عظيم انسان 1973ع ۾ وفات ڪئي ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ (جنهن کي هن پنهنجي والد جي نالي سان عزيز آباد جو نالو ڏنو هو، مڻين مٽي هيٺان دفن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.12.11  عيسوي

امين کوسو: جيڪب آباد ضلعي جو صاحب دل ، بلند همت ، مخلص قومي اڳواڻ محمد امين کوسو ، ڄاماڻي پاڙي جي کوسن مان پنهنجي ناناڻي ڳوٺ مير حيات خان تعلقي ٺل ، ضلعي جيڪب آباد ۾ عبدالعزيز خان کوسي جي گھر 11 ڊسمبر 1913ع تي جنم ورتو .


1973.00.00  عيسوي

امين کوسو: هن عظيم انسان 1973ع ۾ وفات ڪئي ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ( جنهن کي هن پنهنجي والد جي نالي سان عزيز آباد جو نالو ڏنو هو ، مڻين مٽي هيٺان دفن آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون