داخلا نمبر 4582
عنوان تماچي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 408 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

تماچي

تَماچِي: ’سما‘ گهراڻي جو مشهور بادشاهه ”سلطان رڪن الدين شاهه ڄام تماچي“، سنڌ جي تاريخ ۾ ”ڄام تماچيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن791هه/1338ع کان 795هه/1342ع تائين سنڌ تي خودمختيار حاڪم طور حڪومت ڪئي. ”نوري مهاڻيءَ“ سان سندس محبت جو داستان مشهور آهي. مڪليءَ تي ”شاهي مقام“ قائم ڪيائين، جتي ئي مدفون آهي.
روايت مطابق ڄام تماچي شيل شڪار لاءِ هميشه ڪينجهر ڍنڍ تي ايندو رهندو هو، جيڪا ڍنڍ ”ڪينجهر“ نالي هڪ گندري جي ڪري مشهور هئي. هن، ڍنڍ جي ڪناري تي پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ ماڙي پڻ ٺهرائي هئي، جتان ويهي ڍنڍ جو نظارو ڪندو هو ۽ جنهن وقت به سندس دل چاهيندي هئي، ٻيڙيءَ تي چڙهي ڍنڍ جي سير تي نڪري ويندو هو.
ڪينجهر ڪناري رهندڙ گندرا، جڏهن بادشاهه جي اچڻ جو ٻڌندا هئا ته ميلا مچي ويندا هئا. نوري، ڪينجهر مهاڻي جي ڌيءَ هئي، جنهن لاءِ هڪ ٻي روايت آهي ته سنڌ جي حاڪم جسودڻ راءِ جي ڌيءُ هئي، پر ڄمڻ شرط ڪوڙهه جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري، سندس پيءُ جسودڻ راءِ، ٻانهين کي حڪم ڏنو ته کيس اوڙاهه ۾ اڇليو وڃي. ٻانهيون جڏهن نوريءَ کي اوڙاهه ۾ اڇلڻ لاءِ کڻي وڃي رهيون هيون ته واٽ تي کين ڪينجهر گندرو مليو، جنهن سندن پيرائتي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ، ٻانهيءَ کان نوريءَ جي گهر ڪئي. ٻانهي پڻ پاپ کڻڻ کان ڇوڪريءَ کي گندري جي حوالي ڪرڻ کي ترجيح ڏني. اهڙيءَ طرح نوريءَ، ڪينجهر گندري جي گهر ۾ پلجي جوان ٿي ۽ درويش هوندڙي جي دعا ۽ دوا سان ڪوڙهه جي مرض مان آجي ٿي. سندس سونهن موٽي آئي ۽ هوءَ سدا ملوڪ، سهڻي ۽ سيبتي ٿي پئي، ان ڪري نوري شاهه هوندڙي جي وفات کان پوءِ روزاني سندس مزار تي حاضري ڀرڻ ويندي هئي. هڪ ڏينهن نوريءَ کي شاهه هوندڙي جي آستان تان موٽڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ رات پئجي وئي، ملاح رستو ڀلجي پيو، تنهن نوريءَ کي چيو ته مون کي گس جي ڪابه خبر نٿي پوي. اهو ٻڌي نوريءَ پنهنجي منهن تان پلؤ کڻي ڏٺو ته سندس منهن مان وڄ جهڙو شعاع نڪتو ۽ ان شعاع تي ملاح پنهنجو گس ڏسي ورتو ۽ ٻيڙي ڪاهي اچي ڪناري ڀيڙو ٿيو. انهيءَ رات ڄام تماچيءَ به پنهنجي ماڙيءَ تان ويٺي ڪينجهر جو نظارو ڪيو، تنهن اوچتو تجلو ڏسي، اميرن وزيرن کان سبب معلوم ڪيو. اميرن ۽ وزيرن کيس صبح ٿيڻ تي معلومات وٺي اچڻ لاءِ وقت گهريو. ٻئي ڏينهن صبح جو وزير ٻيڙيءَ جي ملاح کان راتوڪي تجلي بابت پڇا ڪئي، ملاح پيرائتي ڳالهه کيس ٻڌائي. وزير ڏٺو ته اها ڳالهه جيڪڏهن بادشاهه کي ٻڌائبي ته بادشاهه هرکي پوندو، تنهنڪري بادشاهه کي وڄ جي چمڪڻ جو چئي لهرائي ويو. اهڙيءَ طرح ٻه ٻيا وزير به موڪليا ويا، پر انهن به اهو بهانو ٺاهي، اصل حقيقت لڪائي ڇڏي. ان بعد بادشاهه پاڻ ٺهي سنڀري، ڪينجهر جي سير تي روانو ٿيو. ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ کان پوءِ ملاح کان ان رات واري واقعي بابت پڇا ڪيائين، جنهن کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايو. اهو ٻڌي بادشاهه نوريءَ کي دل ئي دل ۾ پنهنجي راڻي بڻائڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ٻئي ڏينهن بادشاهه ڄام تماچي سمو، ڪينجهر گندري جي ککيءَ هاڻي کڏيءَ تي ڪهي آيو ۽ اچي کانئس نوريءَ جو سڱ گهريائين. ڪينجهر گندري ها ڪئي ۽ نوري اڳتي هلي ڄام تماچيءَ جي راڻي بڻي. ڄام تماچي پنهنجي ڀاءُ ڄام ڀنڀي کان پوءِ حڪمران ٿيو ۽ تيرهن سال آرام سان حڪومت ڪري گذاري ويو. هڪ روايت موجب نوري ۽ تماچي ڄام جو مقبرو ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي آهي، جڏهن ته آرڪيالاجي وارن موجب سندن مزارون مڪليءَ تي آهن. ڄام تماچي پنهنجي ڀاءُ ڄام ڀنڀي/ بابيني وانگر محب وطن، دلير ۽ انصاف پسند هو ۽ پنهنجي ڀاءُ ڄام بابيني جي مرڻ کان پوءِ پنهنجي سؤٽ خير الدين ڄام توڳاچي سان گڏ حڪومت ڪئي. صدر الدين ڄام بابينو ۽ رڪن الدين شاهه ڄام تماچي، فيرزو الدين شاهه ڄام انڙ اول جا پٽ هئا، ڄام تماچي سنڌ جو ٻه دفعا حاڪم ٿيو.
نوري ڄام تماچيءَ جي واقعي تي شاهه لطيف جو مڪمل سر ڪا موڏ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو