ريڊيم

ريڊيم

ريڊيم

ريڊيم (Radium): ريڊيم هڪ تابڪار ريڊيائي عنصر آهي، جنهن جي نشاني Ra، ائٽمي نمبر 88، ائٽمي وزن 226.03، رجڻ جو گرمي پد 700 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ اضافي چارج 6 آهي. ريڊيم تابناڪ، سفيد تابڪار ڌاتو آهي. هيءُ هڪ زميني قلمي ڌاتو آهي، جنهن جون ڪيميائي خاصيتون بيريم سان ملندڙ جُلندڙ آهن. هن کي ڦيري واري جدول ۾ ٻئي گروپ ۾ بيريم جي هيٺيان رکيو ويو آهي. ريڊيم کي کليل هوا ۾ رکبو ته اُن تي ڪاري نائٽريٽ جا تهه چڙهي ويندا آهن. پاڻيءَ ۾ مِلڻ سان هن جو هائيڊرو آڪسائيڊ ٺهندو آهي. تيزابن سان ڪيمائي عمل ۾ ريڊيم جا ڪلورائيڊ ۽ برومائيڊ ٺهندا آهن، جيڪي اهم تجارتي مرڪب شمار ٿين ٿا.
ريڊيم جي تابڪاري، ٻين مقصدن کان سواءِ ڪينسر جي علاج ۾ استعمال ٿيندي آهي. زنڪ سلفائيڊ وغيره سان ملائي ريڊيم جا مرڪب روشني خارج ڪرڻ واري پينٽ (رنگ) ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندا آهن. هن وقت تائين ريڊيم جا 16 هم شڪل: Isotopes دريافت ڪيا ويا آهن، جن مان ريڊيم 226 سڀ کان وڌيڪ مستحڪم آهي، جنهن جي اڌ عمر 1620 سال آهي. ريڊيم جا هي همزاد صنعتي ۽ تجارتي بنيادن تي وڌ ۾ وڌ استعمال ٿيندا آهن.
اهو آئسوٽوپ يورينيم 238 جي ٽٽڻ واري سلسلي جي پيداوار آهي. ان ڏس ۾ ٿوريم 230 الفا شعاع خارج ڪندي ريڊيم ٺاهيندو آهي، جيڪو اڳتي هلي هڪ الفا شعاع خارج ڪري ريڊون 222 ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. تابڪار ريڊيم جي ڪرڻن ۾ الفا، بيٽا ۽ گاما شعائن کان سواءِ حرارت (گرميءَ) جو به وڏو مقدار شامل هوندو آهي. ريڊيم هڪ ناياب ڌاتو آهي. ريڊيم جا مرڪب يورينيم جي ڪچ ڌاتن ۾ ملندا آهن. هنن معدنياتن جي 30 لکن حصن ۾ ريڊيم جو صرف هڪ حصو ملندو آهي. هيءُ يورينيم جي پيداوار دوران حاصل ٿيندو آهي. طاقتور شعاع ڪاريءَ جي ڪري ريڊيم خطرناڪ مواد آهي، جنهن جي ٿوري مقدار جا شعاع گهڻو وقت پوندا رهن ته چمڙيءَ جو ڪئنسر ٿي سگهي ٿو. 1898ع ۾ پيري ۽ ميري ڪيوري هي عنصر يورينيم جي پچ بلينڊي (Pitchblende) نالي معدنيات مان دريافت ڪيو هو.


لفظ ريڊيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو