شيهو

شيهو

شيهو

شيهو

شيهو

شيهو (Lead): شيهي کي انگريزي زبان ۾ (lead) سڏجي ٿو. هي قديم ڌاتُو، حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پيدائش کان اڳ دريافت ٿي چڪو هو. شيهو نيراڻ مائل سفيد، چمڪندڙ، نرم، ملائم ۽ نسبتاً بجليءَ جو گھٽ پسرائيندڙ ڌاتو آهي. جيتوڻيڪ شيهو گھٽ ڪسجندڙ آهي، پر تنهن هوندي به هوا ۾ وائکي ٿيڻ سبب پنهنجي چمڪ وڃائي ڇڏي ٿو. جيئن ته هن ڌاتوءَ جو رجڻ پد گھڻو گھٽ آهي، ان سبب اهو ڪوئلي جي باهه تي به پگهرائڻ سولو آهي، ان ڪري ڪچ ڌاتوءَ مان خارج ڪري قديم دور جا انسان ان کي مختلف طريقن سان ڪم آڻيندا هئا. مصر جا فرعوني، آشوري (Assyrians) ۽ بابلي (Babylonians) زيبائشي ۽ تعميري ڪمن لاءِ شيهي جو استعمال ڪندڙ هئا. چينين اٽڪل ٻه هزار سال قبل مسيح ۾ شيهي جا سڪا ٺاهيا.
قديم يونان ۽ روم جي ڪنجهي/ڪانسي (bronze) جي سڪن ۾ 30 سيڪڙو شيهو هوندو هو. جيئن ته رومي ماڻهو صحت جي اصولن جا پابند هوندا هئا، ان سبب بهترين غسل خانا ٺاهڻ لاءِ کين شيهي جي گھڻي ضرورت پوندي هئي ۽ رومن سلطنت جي دور ۾ انگلنڊ، روم لاءِ شيهو مهيا ڪرڻ جو وڏو وسيلو هوندو هو. رومي، پنهنجن غسل خانن کي شيهي جي هڪ چادر يا استر جيان وڇائي ڇڏيندا هئا، پاڻيءَ جي نلن/ پائيپن ٺاهڻ لاءِ شيهو استعمال ڪندڙ هئا ته انهن کي ڳنڍڻ يا ويلڊنگ ڪرڻ لاءِ به شيهو ڪتب آڻيندا هئا. شيهي جا اهڙا پائيپ قديم شهر پومپائيءَ جي کنڊرن مان به لڌا ويا آهن. قديم رومي غسل خانا/ حمام جيڪي انگلنڊ جي باٿ ڳوٺ ۾ موجود هئا، ان ۾ به پاڻيءَ لاءِ شيهي جا پائيپ استعمال ڪيا ويا هئا. اهڙيون ڪيتريون عظيم الشان عمارتون اڄ به قائم آهن، جن جو ڇتيون شيهي جو ٺهيل آهن. اڄ به غسل خانن جي نيڪاس لاءِ شيهي جا اهڙا پائيپ موجود آهن، جن تي ان دور جي رومي بادشاهن جا ٺپا لڳل آهن.
شيهي جي مٺَ ۾ جست ۽ سولڊر استعمال ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته اڄ به ڪيترن هنڌن تي پيٽرول جي ڪن قسمن ۾ ٽيٽراـ ايٿائيل ليڊ
(tetra-ethyl lead) ڪتب اچي ٿو. جڏهن ته ماحولياتي لحاظ کان گھڻن هنڌن تان ان جو استعمال ختم ڪيو ويو آهي. موٽر ڪارين ۾ استعمال ٿيندڙن شيهو، تيزاب وارين بئٽرين جو هڪ مکيو وکر آهي، سرامڪ جي چمڪ لاءِ رڱيندڙ عنصر آهي، ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي اسڪرين جي شيشن ۾ عام ڪتب اچي ٿو ته جيئن انهن جي ڏسندڙن کي منجهائن خارج ٿيندڙن شعاعن کان بچائي سگهجي. ان کانسواءِ ٻين به ڪيترن ڪمن جهڙوڪ ٽاڪن هڻڻ، ڪرسٽل شيشن، جنگي سامان، راندين جي سامان وغيره لاءِ به شيهو استعمال ڪيو وڃي ٿو.
شيهو قدرتي طور تي آزاد حالت ۾ نه ٿو لڀي. عام طور تي جست، چانديءَ، ٽامي جي ڪچي ڌاتوءَ سان گڏ لڀي ٿو ۽ انهن مان سوڌي ڪڍيو وڃي ٿو. شيهي جي مکيه معدنيات گئلينا (galena) آهي، جڏهن ته سيروسائيٽ (cerussite) ۽ اينگلسائيٽ (anglesite)مان به حاصل ڪيو وڃي ٿو.
ماحول ۾ شيهي جو وڏو حصو، ان جي غير فطري چڪر ۽ انساني سرگرمين سبب پيدا ٿئي ٿو، جيڪو پيٽرول ۾ ملائڻ سان جڏهن سڙي ٿو ته منجهانئس شيهي جا لوڻ (ڪلورين، برومين ۽ آڪسائيڊ) پيدا ٿي، موٽر گاڏين جي دونهين رستي نيڪال ٿي ماحول ۾ خارج ٿي وڃن ٿا. دونهين جا وڏا جزا هڪدم زمين تي اچي پون ٿا ۽ زمين ۽ پاڻيءَ جي مٿاڇرن کي غليظ ڪن ٿا ته سنها جزا هوا رستي ڏورانهن هنڌن تائين پهچي فضا ۾ باقي رهجي وڃن ٿا. پوءِ جڏهن مينهن وسي ٿو ته ان شيهي جو ڪجهه حصو زمين تي واپس اچي ڪري ٿو. شيهي جو اهڙو چڪر گهڻو پکڙيل ٿئي ٿو جنهن سبب عالمي سطح تي شيهي جي غلاظت هڪ مسئلو بنجي ويئي آهي.
شيهو، انساني جسم ۾ ڪيترن ذريعن جھڙوڪ: کاڌي (65 سيڪڙو)، پاڻيءَ (20 سيڪڙو) ۽ هوا (15 سيڪڙو) رستي پهچي سگهي ٿو. ميون، ساين ڀاڄين، گوشت، اناج، سامونڊي کاڌي، مشروبن ۾ شيهي جو گھڻو مقدار ٿئي ٿو ۽ تماڪ جي دونهين ۾ به ان جو ڪجهه مقدار ٿي سگهي ٿو. پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ ڳرندڙن ڪسجندڙن پائيپن رستي پهچي ٿو، ائين اهڙن هنڌن تي وڌيڪ ٿئي ٿو، جتي پاڻي ڪجهه وڌيڪ تيزابي هجي ٿو. جيئن ته شيهي جو جسم ۾ ڪو به ڪارائتو ڪارج نه ٿو هجي ان سبب شيهي جي غلاظت ڪري انساني رت جي هيموگلوبن (haemoglobin) جي جوڙجڪ متاثر ۽ رت جي پوڻائي (anemia) پيدا ٿئي ٿي، بلڊپريشر وڌي وڃي ٿو، بڪيون تباه ٿين ٿيون، ڇِڪي اچي ٿي، تنتي سرشتو متاثر ٿئي ٿو، دماغ کي نقصان پهچي ٿو. مردن جي تخمي جيوَن (sperm) جي متاثر ٿيڻ سبب انهن جي افزائش جي قوت گهٽجي وڃي ٿي، ٻارن جي سکڻ جون لياقتون گهٽجي ۽ سڀاءَ ۾ تبديليون اچن ٿيون. ماءُ جي اَور رستي، واڌويجهه ڪندڙ ٻچي تائين پهچي ان جي تنتي سرشتي ۽ دماغ کي سخت ڇيهو رسائي سگهي ٿو.
ساڳيءَ طرح سان شيهي وارو پيٽرول استعمال ڪرڻ سان ماحول ۾ شيهي جو مقدار وڌي ٿو، انساني سرگرمين جهڙوڪ: ٻارڻ طور تيل ڪتب آڻڻ، صنعتي اسعمال ۽ نهري غلاظت ساڙڻ سان به شيهي جي غلاظت وڌي ٿي. ماحول ۾ شيهو، ٽٽي ڳري ختم ٿي نه ٿو وڃي پر پنهنجن ڪن ٻين نمونن ۾ مٽجي وڃي ٿو.
شيهو، آبي جيوت ۽ مٽيءَ ۾ رهندڙن جيوت ۾ گڏ ٿيندو رهي ٿو، جنهن سبب منجهن شيهي جا زهريلا اثر پيدا ٿين ٿا، شاهراهن ۽ کيتن جي مٽيءَ ۾ ته زبردست مقدار ۾ وجود هجڻ سبب ان جي ڪم کي متاثر ڪري ڇڏي ٿو، سامونڊي خول مڇي (shellfish) کي ته شيهي جو ننڍڙو مقدار به سختيءَ سان متاثر ڪري وجهي ٿو، جنهن جي موٽ ۾ ان جي واپرائيندڙن تي گھڻو اثر ٿئي ٿو. شيهو ان لحاظ کان به خاص طور تي هڪ انتهائي هاڃيڪار ڪيميائي وکر سمجهيو وڃي ٿو جو اهو سڄي غذائي تاڃي پيٽي کي غليظ ڪري ڇڏي ٿو.
شيهو ڪيترو زهريلو ٿي سگهي ٿو ان جو اندازو 1900 جي ڏهاڪي ۾ ٿيل هڪ واقعي مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن جي ڪارڻ جي تازي ڄاڻ پيئي آهي. کوجنائي خاندانن جو هڪ وڏو انگ جڏهن الاسڪا ڦولهڻ نڪتو ته سندن گائيڊ کاڌي پيتي جي شين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن مختلف ڌرين سان ڳالهايو، جنهن مان هڪ، کيس دٻن وارن کاڌن جا اهڙا اگهه ٻڌايا، جو هو انڪار ڪري نه سگهيو. هو پنهنجي سفر تي ته نڪري پيا، پر ان کان پوءِ سندن ڪنهن کي به ڄاڻ نه پيئي ته ڪيڏانهن گم ٿي ويا. جيتوڻيڪ سندن ڪيتري ڳولها ڪئي ويئي. ڪيترن سالن کان پوءِ ڪنهن انهن جي ٻيهر ڳولها ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته کيس هڪ هنڌ تي لاشن سان گڏ کاڌي پيتي جو سامان هٿ آيو. اڳتي هلي ڏٺو ويو ته کاڌي جا دٻا شيهي سان سيل ڪيا ويا هئا ۽ سڀني لاشن جي جسم ۾ شيهي جو هڪ وڏو مقدار موجود هو، جن جي مرڻ جو سبب شيهي جو زهر ثابت ٿيو.


لفظ شيهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو